ڪھاڻيون

ڪَلجُڳ جا رنگ

ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جون ڪھاڻيون آهن تہ مختصر، پوءِ بہ هر ڪھاڻي موضوع جي لحاظ کان نہ رڳو ڪئنواس رکي ٿي پر ان کي گهمائي ڦيرائي، پس منظر ۽ پيش منظر ڏيئي، منظر نگاري ڪري، ڪردارن کان ڊائلاگ بازي ڪرائي، انهن کي طويل ڪھاڻي جي زمري ۾ بہ آڻي سگهيو پئي، پر هن مني ڪهاڻي (Flash Fiction) ذريعي جيڪا ڳالهه ٻڌائڻ ٿي گهري، اُها ٻڌائي ڇڏي آهي ۽ جيڪو پيغام ڏيڻ گهريو، اُهو ڏيئي ڇڏيو آهي. ڊاڪٽڙ غلام نبي سڌايي جي هن ڪھاڻي ڪتاب ۾ احساس جي اُڏار بہ پنهنجي جوڀن تي نظر ٿي اچي، جيڪا ليکڪ جي اندر جي ڪنئرائپ ۾ اڌمن جي اظھار جو خوبصورت نمونو آهي.
Title Cover of book ڪَلجُڳ جا رنگ

پاڇولو

اڄ به نَکَٽَ نَئي چڪا هئا، ساڳيو گوگاءُ ٻڌي هوءَ اٿي ويٺي، الڪي ۾ ننڊ اڳ ۾ به نه پئي آيس، آواز سمجهڻ لاءِ پڌر ۾ اچي سرلي ٿي بيٺي، ڪيترن ڏينهن کان انهي نه سمجهندڙ سڏ سندس اندر ۾ هلچل مچائي ڇڏي هئي، سمجهندي نه سمجهندي هن اندازو لڳايو ته ڳوٺ جي ڏاکڻين پاسي واري قبرستان مان اهو پڙلاءُ سندس ڪنن تي پئجي رهيو هو ۽ آواز ڏاڍو سرائتو ۽ درديلو هو. هوءَ سوچڻ لڳي. “ايڏي ويل جڏهن پکيءَ پکڻ، ماڻهو مرؤن سڀ ئي ستل آهن تڏهن هي ڪير هوندو جيڪو آلاپي ٿو.”
هوءَ وڏي ڪهول واري هئي، گهر ۾ سندس چار پٽ، چار ڌيئر، سس سهرو ۽ مڙس گهري ننڊ ۾ کونگهرا هڻي رهيا هئا، اڪيلي صابل کي اندر ۾ هورا کورا هئي، جيڪڏهن هوءَ اڄ به نه ويئي ۽ ويلهه وهامي ويئي ته پوءِ پڙلاءُ جي پرولي ڪير پروڙيندو؟
اهو سوچي آهستي آهستي هلندي هوءَ کڙه تائين پهتي، ڍنگر پري ڪري ٻاهر نڪري آئي، ۽ الائي ڇو گهرن جي سامهون لَون ۽ لَيَن جي جهنگل ڏانهن وڌڻ لڳي، جيئن ئي سڪل تڙ تي پهتي، ته امالڪ هن جي ڪنن تي ساڳيو سريلو آلاپ گونجڻ لڳو، هوءَ ڪنهن تاثيري عمل ۾ جڪڙيل معمول جيان اڳتي وڌندي رهي، هاڻي جهنگل پار ڪري قبرستان جي حد ۾ داخل ٿي چڪي هئي.
هر پاسي سانت جا پهرا ۽ چُپ جو راڄ هو. لهندڙ چنڊ جي لام هن کي ڏياٽيءَ جو ڪم پئي ڏنو. هوءَ بي ڊپي قبرن جي اندران ئي اندران رستو ٺاهيندي، مقام جي ٻئي پاسي، هڪ وڏي پٿرن سان ٻڌل قبر جي مٿي کان وڃي بيٺي_ ڀر ۾ ٻيون بُٺيون به هيون، ڪچيون ۽ ننڍيون، پر هي سڀ کان اوچي ۽ نرالي قبر هئي، چنڊ پنهنجي ٿڌڙي روشني جي لام لاهي اُلهي چڪو هو. اماس رات جيان هر سُو ٻاٽ، پنهنجو جسم به نظر نه پئي آيو. اوچتو هن محسوس ڪيو ته قبرجي پيراندي کان ڪو پاڇولو آهستي آهستي اٿي رهيو هو. اڇو ڪفن پهريل اُهو پاڇو اونده ۾ به مرمر جيان چمڪي رهيو هو. آلاپ وري گونجيو، صابل محسوس ڪيو ته اهو ڪفن پوش جو ئي وجودي آواز هو.
هوءَ بت جيان بيٺي، آواز ۽ لفظن کي چڱي طرح ٻڌي ۽ سمجهي رهي هئي، عورتاڻو آواز سڻي اندر ۾ اڪير جا اُلا ٻرڻ ۽ وسامڻ لڳس. هن سوچيو: ‘ڪٿي اها منهنجي امڙ نه هجي جنهن ويم جي چند گهڙين بعد دم ڏنو هو، ماسي ٻڌائيندي هئي ته مرڻ کان ويرم اڳ مونکي سيني تي سمهاري چمندي چيو هئائين ته هن مان ويڙها ٿيندا، ۽ پوءِ هوءَ اٿاهه ارمان کنيو، اکيون پوري سدائين لاءِ سمهي پئي هئي.’
صابل ماءُ جي تڙپ ۽ تانگهه واري تجربي مان پاڻ به گذري چڪي هئي، امڙ جا نه ٻڌندڙ ورلاپ هن کي سدائين تڙپائيندا رهندا هئا. هوءَ ٻارن کي چمندي چوندي هئي:
“منهنجي امڙ هجي ها ته اها به مونسان ايئن پيار ڪري ها! پر افسوس جو امڙ حسرتون کنيو هلي ويئي، ۽ سندس سڀ سارون اڌوريون ۽ اڻ پوريون رهيون، مان به ڪيڏي اڀاڳي آهيان جو نه امڙ جو روپ ڏٺم ۽ نه چهرو پسي سگهيم، چاچيءَ چوندي هئي ته آئون امڙ جو ٻهروپ آهيان.”
هن جي سوچ جون تارون ٽٽي پيون، جڏهن اُهو آواز وري سندس ڪنن تي پيو_ بُٺيءَ تي بيٺي بيٺي هن محسوس ڪيو ته ڪفن پوش سندس امڙ هئي، جيڪا ڏاڍي سڪ ۾ پڪاري رهي هئي.
“صا... ب... ل
صا... بل... صابل
هوءَ بي تابي ۾ ڪفن پاتل لاش جي سامهون وڃي بيٺي ۽ ڀاڪر وجهندي چيائين:
“امڙ آئون اچي ويئي آهيان!!” جهٽ پل ۾ جيئرو ۽ مردو ٻئي جسم ملي هڪ ٿي ويا.
صبوح سوير، مڙس ۽ مائٽن گهر ۾ نه ڏسي سمجهي ورتو ته هوءَ هميشه جيان پنهنجي امڙ جي قبر تي دعا لاءِ ويئي هوندي، وڃي ڏٺائون ته قبر جي پيراندي ۾ پساهه پورا ڪري چڪي هئي .

