ڪھاڻيون

ڪَلجُڳ جا رنگ

ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جون ڪھاڻيون آهن تہ مختصر، پوءِ بہ هر ڪھاڻي موضوع جي لحاظ کان نہ رڳو ڪئنواس رکي ٿي پر ان کي گهمائي ڦيرائي، پس منظر ۽ پيش منظر ڏيئي، منظر نگاري ڪري، ڪردارن کان ڊائلاگ بازي ڪرائي، انهن کي طويل ڪھاڻي جي زمري ۾ بہ آڻي سگهيو پئي، پر هن مني ڪهاڻي (Flash Fiction) ذريعي جيڪا ڳالهه ٻڌائڻ ٿي گهري، اُها ٻڌائي ڇڏي آهي ۽ جيڪو پيغام ڏيڻ گهريو، اُهو ڏيئي ڇڏيو آهي. ڊاڪٽڙ غلام نبي سڌايي جي هن ڪھاڻي ڪتاب ۾ احساس جي اُڏار بہ پنهنجي جوڀن تي نظر ٿي اچي، جيڪا ليکڪ جي اندر جي ڪنئرائپ ۾ اڌمن جي اظھار جو خوبصورت نمونو آهي.
Title Cover of book ڪَلجُڳ جا رنگ

روهيل جي ڪهاڻي

ننڍڙو روهيل اڄ وري اسڪول وڃڻ کان نابري واري بيٺو_ هن پنهنجي ماءُ کي آهستي ڪن ۾ چيو:
“مما اڄ مان اسڪول ڪو نه ويندس.”
ماڻس خاموشي سان ٻڌو ۽ ها يا نه جي ورندي کيس ڪو نه ڏنائين. روهيل مايوس ٿي ڪمري ڏانهن هليو ويو.
هن گهر ۾ ورهين پڄاڻان سڪي سڪي جڏهن روهيل ڄائو ته پوري خاندان ۾ خوشين جا خزانا لٽايا ويا ۽ گهر ٻاري ڏياري ڪيو ويو.
کيس گهڻي لاڏ ڪوڏ سان پاليو پئي ويو، نتيجي ۾ هو دادلو ۽ گهر ڀاتين سان هوڏي بڻجي پيو. ٻار وڏن جي ڀيٽ ۾ پيار جي نفسيات کي وڌيڪ ڄاڻي ٿو- ان ڪري سدائين گهر ڀاتين سان کِٽ پِٽ ڪندو رهندو هو ۽ موٽ ۾ اهي سندس هر انگل پورو ڪندا رهندا هئا. سندس گهر جو ماحول به مانائتو ۽ مهذب هو.
ماءُ پيءُ ٻئي ڊاڪٽر ۽ ماسيون توڙي ماما سڀ تعليم يا فته هئا. روهيل به ڳالهائڻ ٻولهائڻ جو ڏاهو، فضيلت ڀريو ۽ شڪل شبيهه ۾ ٺاهوڪو هو. سڪيلڌي هجڻ ڪري هن جي هڪ اشاري تي سڀ پيا قربان ٿيندا هئا. پر پڙهائڻ جي باري ۾ ماڻس ڏاڍي سخت هئي، هن کي ڄاڻ هئي ته علم سان ئي ماڻهو انسانيت جو درجو ماڻي ٿو ۽ علم اهڙي ملڪيت آهي جيڪا خرچڻ سان پاڻ وڌندي آهي. ان ڪري هن جي خواهش هئي ته سندس ٻالڪ روهيل علم جي زيور سان سينگار جي.
اڄ ڇنڇر جو ڏينهن هو سرڪاري اسڪول کي موڪل هئي پر خانگي اسڪول کليل هئا، ننڍڙو روهيل خانگي اسڪول ۾ پڙهندو هو، جڏهن ته سندس پاڙيسري ساٿي سرڪاري اسڪول جا شاگرد هئا ۽ انهن کي موڪل هئي. روهيل جي مرضي هئي ته هو به اسڪول نه وڃي ۽ دوستن سان راندين ۾ شريڪ ٿئي.
پڻس به بيڊ روم مان نڪري ڊرائنگ روم ۾ اچي چڪو هو- اسڪولي يونيفارم اڳم ئي ماڻس ٺاهي رکي هئي. پڻس سڏيندي چيو:
“روهيل ڪٿي آهين؟ يونيفارم تيار آهي، اچي پاءِ اسڪول لاءِ دير پئي ٿئي.”
پر روهيل ڪو جواب ڪو نه ڏنو. سندن گهر حويلي جيان وڏو هو. ماڻس پريشاني ۾ چوڻ لڳي:
“خبر ناهي ڪٿي وڃي لڪو آهي.”
نيٺ ڳوليندي، هڪ ڪمري کي اندران بند ڏسي سمجهيائون ته هو اندر آهي. دروازو زور سان کڙڪائي سڏيائون:
“روهيل ٻاهر اچ”
پر اندران ڪوبه آواز ڪونه آيو. هو ايئن چپ رهيو جئين ڀت! سڀ گهر ڀاتي پريشاني ۾ سوچڻ لڳا ته هن کي ڪيئن ٻاهر آڻجي، ماڻس ڪجهه سوچيندي چيو:
“چڱو پٽ، اڄ تون اسڪول نه وڃ، پر ٻاهر ته اچ” پر اندران ڪو جواب نه ملڻ ڪري، دروازو ٽوڙيو ويو، ڇا ڏسن ته روهيل جو مٿو ۽ منهن رت سان ريٽو هو. بي سڌ ٻار کي ٻاهر آڻي، هوش ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا، هوش ۾ اچڻ بعد روئيندڙ ماسيون ۽ ماءُ کيس ڳراٽڙيون پائي پيار ڪندا رهيا.
ماڻس چمندي چيو: “تون پاڻ کي ڀت سان ٽڪرائي زخمي ڇو ڪيو_ منهنجي انڪار توکي ايڏو ڪاوڙايو_ ٻڌاءِ ته توکي ٻيو ڪير سمجهائيندو؟؟” هو اڃا بي ستو هو آهستي چيائين:
“مونکي ٻار سمجهي، پنهنجي ڳالهه ٿا مڃرايو؟ منهنجي مرضي ۽ منشا جو به ڪجهه خيال ڪريو، مان ماڻهو ناهيان؟”
پٽ جا اهي ٻول ٻڌي ماڻس جون اکيون ڀرجي آيون ۽ ماسيو ن به ڳوڙها ڳاڙڻ لڳيون، ماڻس سيني سان لائيندي چيو:
“منهنجا لال! واعدو ڪريان ٿي ته اڄ کانپوءِ تنهنجي مرضي جي خلاف نه وينديس، پر توکي مون سان هڪڙو وچن ڪرڻو پوندو ته تون اڄ کان پوءِ اسڪول کان غير حاضر نه رهندين.”
ماءُ جا اهي لفظ ٻڌي، روهيل خاموش سان مسڪرائيندي مما کي چنبڙي پيو.