ڀاڳيو
پاڙيواري نوجوان نينگري سيما، هڪ ڏينهن سفيد ڪپڙن واري ڇوڪري کي سڏيندي چيو:
“مٿي تي رکيل دلو ڏسو پيا ۽ ننڍڙو ڀاءُ روئي پيو شايد ٿڪجي پيو آهي، کيس ڪڇڙ تي کڻڻ لاءِ ٿورو مٿي ڪريو.”
سفيد ڪپڙن وارو سيما جو ڇا لڳي، مونکي ڪا خبر ڪانهي پر مونکي اها خبر آهي ته اهي سڀئي ڀائر پيءُ سميت دماغ سان گهٽ پر پنهنجي طاقتور ٻانهن سان وڌيڪ سوچيندا ۽ انهن تي اعتبار ڪندا آهن. اهي سڄو ڏينهن مينهون چارين ٿا. تازو ۽ نج کير پيئن ٿا، سڀ جو سڀ جانٺا ۽ لٺباز آهن، سدائين لٺ ۽ سونٽي جي زبان ڳالهائيندا آهن، زبان جا کرا پر من جا مٺڙا ۽ صاف آهن.
سيما روز پاڻِي ڀرڻ لاءِ گهٽيءَ مان گذرندي هئي. ماسي مهناز جو گهر به ساڳي گهٽيءَ ۾ هو. هوءَ سيما جي چرپر تي به نگاه رکندي هئي هڪ ڏينهن سيما کي اڪيلو ڏسي پڇيائين:
“تون، چاچي مير جي پٽن کي ڪيترو سڃاڻيندي آهين؟”
“ماسي! انهن کي مان بس ايترو سڃاڻيندي آهيان، ته جڏهن مان انهن جي اڳيان پاڻي جو دلو کڻي گذرندي آهيان ته انهن جون نظرون جهڪي وينديون آهن.”
ماسي وراڻيو:
“اهي ايترا شرميلا آهن ڇا؟”
“خبر ناهي ماسي، پر مونکي انهن جي اها ادا ڏاڍي پسند آهي.” سيما ٺهه پهه جواب ڏنو.
ماسي جي حيرانگي ڏسي، کيس سمجهائيندي چيائين:
“ماسي! اهي شرميلا ناهن پر غيرتمند پيءُ جا غيرتمند پٽ آهن، انهن جي رڳن ۾ هڪ ڀاڳئي جو خون آهي ۽ اهڙا ماڻهو پاڙي، نياڻي ۽ نگ جا رکپال ٿين ٿا، سمجهيهءِ!!”
.... ۽ ماسي هڪي ٻڪي ٿي گهر هلي ويئي.