ايڪتا
ملڪ مان ورهاڱي واري افراتفري ختم ٿي چڪي هئي- هر پاسي سانتيڪو ماحول هو، هندو ۽ مسلمان اڳي جيان سک ۽ شانت ۾ گڏ جي گذارڻ لڳا.
سو مهڻي مهل هوتومل سونارڪو دوڪان بند ڪري سون ۽ روڪڙ جي ٿيلهي کڻي روز جيان گهرجي دروازي تي پهتو استاد تڳيل درزي به حسب معمول کٽ ۽ ڪرسيون لڳائي پنهنجي گهر جي ٻاهران ويٺل هو. هوتو مل اڄ به استاد کي نمستي ۽ سلام ڪيو- اڄ هن اچڻ ۾ ٿوري دير ڪئي هئي. استاد تڳيل پڇيس :
“اڄ اچڻ ۾ ڇو دير ڪئي اٿئي؟”
“استاد! ڪجهه گراهڪ اچي ويا هئا. انهي ڪري ٿوري دير ٿي ويئي .” هن وراڻيو.
استاد تڳيل درزي انهي ڪم کان اڳ جواني ۾ ڏاند گاڏي هلائي ڳوڻيون ڍوئيندو هو، بدن ۾ برجستو ۽ نڪرندڙ قد ڪاٺ وارو تڳيل دلير ۽ بي لبوهو، پاڙي وارا هندو توڙي مسلمان کيس عزت ۽ مان ڏيندا هئا. هو به پاڙي وارن جي آواز تي لبيڪ چوڻ وارو شخص هو.
ايتري ۾ اوچتو گهٽيءَ ۾ فائر ٿيو- هوتو سونارو، استاد تڳيل ۽ ٻيا ويٺل ماڻهو هڪا ٻڪا ٿي ويا- هوتومل، پنهنجي هڙ سميت اٿي گهر ڏانهن راهي ٿيو، پر شاهينگ سر تي چڙهي آيس ۽ هڪل ڪندي چيائونس.
“نه ويندين هوتو مل! اسان تنهنجا مهمان آهيون، هڙ اسان جي حوالي ڪر.”
هن ٻاجهاري انداز ۾ استاد تڳيل کي ارداس ڪندي چيو: “تڳيل منهنجي وارثي ڪر.”
استاد بي ڊپو ۽ بي پرواهه... نه ڪيائين هم نه تم ۽ ڪاهي پيو ڪن ۾، ٽن ڌاڙيلن کي للڪاريندي چيائين:
“هوتو کان هٿ ڪڍو.”
پر ڌاڙيل هٿ ۾ آيل شڪار کي ڪٿي پيا ڇڏين تڳيل کي سڃاڻندي چيائون.
“استاد هي هندو آهي ۽ تون مسلمان-اسان جي وچ ۾ تو کي اچڻ نه گهرجي.”
تڳيل انهن کي جواب ڏيڻ بدران وڃي هڪ ڌاڙيل سان ٻَکيو، ڌاڙيلن وڏي ڪوشش ڪئي ته ساٿي کي ڇڏائي، مال کڻي نڪري وڃن، پر استاد ڪٿي پيو ڌاڙيل کي ڇڏي، نيٺ ڌاڙيلن بي وس ٿي پنهنجي ساٿي ڇڏائڻ لاءِ گوليون وسايون. ٻه لاش رت ۾ ڌوتل، گهٽيءَ جي فرش تي ڇڏي ٽئي ڌاڙيل اونداهي جو فائدو وٺي سنهين گهٽين ۾ گم ٿي ويا.
ٻي صبح جو شهر جي هندو ۽ مسلمان گڏجي ٻنهي ميتن کي ڪلهو ڏيئي پوري شهر ۾ گهمائي، آخري منزل تي پهچائڻ لاءِ شهر جي اترئين پاسي ٺهيل مقام ۽ مساڻ پهچايو، امر هوتومل سونارو ۽ شهيد تڳيل درزي اڄ اسان وٽ ڪونهن پر مذهبي رواداري ايڪتا ۽ پاڙي تي ساهه ڏيندڙ سپوت جي ڪهاڻي سدائين زندهه رهندي.
آ مرڻو هر ڪنهن ماڻهو کي، پر ايئن نه مرنداسين ساٿي،
ڪا آڳ لڳائي وينداسين ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين.