ماسي ڪريمان
“ماسي ايڏي دير ڇو؟ توهان کان سواءِ گهر جو ڪم ڪار رُليو پيو آهي.”
مسڪرائيندڙ منهن واري ڪريما، اڄ ٿوري منجهيل ۽ موڳي پئي لڳي. هوءَ جواب ڏيڻ بدران گهر جا ٿانوَ ٿپا ميڙي هڪ هنڌ رکي، ڪچن جي صفائي ڪرڻ لڳي، ڪم پورو ڪري هوءَ چپ چاپ وڃڻ لڳي صرف ايترو چيائين:
“ميڊم آئون هلان پئي.”
هيڏانهن آئون سندس رويي تي ڏاڍي پريشان هيس، ڇو ته هوءَ ته ڪڏهن به مونجهي ۽ ايئن خاموش ڪو نه رهي هئي. مونکان رهيو نه ٿيو، ٻانهن کان ڇڪي پنهنجي ڪمري ۾ آڻي چيم:
“ڪريما! ٻڌاءِ ته سهي، آخر ڪهڙو مسئلو آهي! تنهنجي گهر يا ڪٽنب ۾ ڪو واقعو ٿيو آهي...؟ تنهنجي ڌيءَ حليمه ڪٿي آهي، اها بيمار ته ناهي؟؟”
“نه ميڊم اهڙو ڪو مسئلو ناهي.”
“پوءِ ايڏي خاموشي ۽ تڪڙ ڇا لاءِ...؟”
هن هٻڪندي هٻڪندي چپ چوريا:
“ميڊم واقعو ڏاڍو ڏکائيندڙ آهي- اسان جي ڪکائن جهُڳين ۾ رهندڙ هڪ ڇهن ورهين جي نينگريءَ سان پاڙي جي ڪن اڀاڳن....” ۽ هوءَ جملو پورو ڪري ڪو نه سگهي. منهنجي گهڻي پڇ پڇ تي هن نيٺ ڪُڇيو.
“اهي ننڌڻڪا ته پڪڙجي پيا ۽ گڏي جهڙي ننڍڙي کي پوليس تپاس لاءِ اسپتال وٺي ويئي، جتي گهڻي رت وهڻ ڪري هوءَ فوت ٿي ويئي”
“تنهنجي ڌيءَ حليما ڪٿي آهي؟”
“اڄ پڻس کي ڪم تي ڪو نه ڇڏيم، حليما ان جي حوالي ڪري آئي آهيان.”
مون کيس آٿت ڏيندي چيو:
“اهو سٺو ڪيهءَ، هي دنيا ڏاڍي ڏنگي آهي. هتي انسانن جي روپ ۾ جانور رهن ٿا. احساس ۽ ساهس ختم ٿيندا پيا وڃن ڄاڻان ٿي تنهنجي سور کي آئون پاڻ ڌيءَ ماءُ آهيان.”