ڪھاڻيون

ڪَلجُڳ جا رنگ

ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جون ڪھاڻيون آهن تہ مختصر، پوءِ بہ هر ڪھاڻي موضوع جي لحاظ کان نہ رڳو ڪئنواس رکي ٿي پر ان کي گهمائي ڦيرائي، پس منظر ۽ پيش منظر ڏيئي، منظر نگاري ڪري، ڪردارن کان ڊائلاگ بازي ڪرائي، انهن کي طويل ڪھاڻي جي زمري ۾ بہ آڻي سگهيو پئي، پر هن مني ڪهاڻي (Flash Fiction) ذريعي جيڪا ڳالهه ٻڌائڻ ٿي گهري، اُها ٻڌائي ڇڏي آهي ۽ جيڪو پيغام ڏيڻ گهريو، اُهو ڏيئي ڇڏيو آهي. ڊاڪٽڙ غلام نبي سڌايي جي هن ڪھاڻي ڪتاب ۾ احساس جي اُڏار بہ پنهنجي جوڀن تي نظر ٿي اچي، جيڪا ليکڪ جي اندر جي ڪنئرائپ ۾ اڌمن جي اظھار جو خوبصورت نمونو آهي.
Title Cover of book ڪَلجُڳ جا رنگ

ويراڳي شاعري

شميم تعليم جي اعلى ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي جي مقرر سپروائيزر سان ملي، ٽاپڪ سليڪٽ ڪرڻ لاءِ پلان جوڙي رهي هئي، هوءَ ڏاڍي ذهين محنتي خوبصورت ۽ هوشيار ڇوڪري هئي، مواد جي بنيادي ڪليڪشن لاءِ اڳ ۾ هوءَ پنهنجي سپروائيزر سان علمي ادبي مشورن لاءِ خط وڪتابت ڪندي رهندي هئي، هن جي هر تحرير پٺيان هڪ مخصوص جملو دهرايل هوندو هو.
“سر! توهان جو ٻيو ڇا حال آهي.”
هڪ ڀيري سندس سپروائيزر منجهند جي مانيءَ تي گهر آيل هو. شميم کوڙ سارا طعام پچائي اچي ٽيبل تي سجايا ۽ ڏاڍي پاٻوهه ۽ احترام سان ڏانهس پليٽ وڌائيندي چيائين:
“سر بسم الله ڪريو.”
پوءِ هڪ پليٽ ۾ پنهنجي لاءِ ڪجهه پاتائين، ٿوري دير ۾ هن هڪ ڍونگي جو ڍڪڻ لاٿو ۽ ان ۾ رکيل جوائنٽ پيس پروفيسر کي ڏيندي چيائين:
“سر! هي مون پچايو آهي.”
جوائنٽ کائيندي پروفيسر چيو:
“هي ته ڏاڍو لذيذ آهي شميم! چئبو ته تون پڙهائي لکائي سان گڏ رڌپچاءُ جي به ماهر آهين.”
ماني کان فارغ ٿيڻ بعد شميم، شاهه سائين جي ڪلام تي ڪم ڪرڻ لاءِ پنهنجي پاران رٿيل ٽي ٽاپڪ اچي سپروائيزر جي سامهون رکندي چيو:
“سر! انهن مان جنهن به هڪ تي اوهان رضا مندي ڏيکايو ته ان کي فائنل ڪجي.”
سپروائيزر وراڻيو:
“شميم تون سٺي شاعره به آهين- منهنجي مرضي آهي ته اڳم تنهنجي شاعري ٻڌجي، ٽاپڪ تي پوءِ ٿا ڳالهائي وٺون .”
هوءَ اندران ڊائري کڻي آئي ۽ ويهندي چيائين:
“سر ! هر پڙهڻي کان اڳم مان شاهه سائين جي ڪلام سان شروعات ڪندي آهيان ۽ شاهه جي شاعري توهان کي جهونگاري ٻڌايان يا تحت الفظ.”
“اصل شاعريءَ جو لطف ته ڳائي ماڻبو آهي.”
اهو ٻڌي هن وائي جهونگارڻ شروع ڪئي.
“ويندس ڪيچ ڪهي سيڻن ساڻ صَحِي
آئون جيئنديس تان نه جَتن ريءَ.”
هوءَ بنا ساز ۽ سرود جي سريلي ۽ پرسوز آواز ۾ ڳائيندي رهي ۽ جڏهن هن وائي جي آخري بند کي مٺي آلاپ ۾ آلا پيندي چيو:
“صبح ڏونگر ڏوريان، ڪنهن پر رات رهي.
آئون جيئنديس تان نه جتن ريءَ.”
تڏهن سندس اکين مان ڳوڙها لار ڪري وهڻ لڳا، ڪيتري تائين هوءَ پنهنجا ڳوڙها سڪائيندي رهي.
سپروائيزر شميم جو اهڙو، اندر جو لقاءُ ۽ لڳاءُ ڏسي داد ڏيندي چيو:
“شميم! تنهنجي پي ايڇ ڊي جوٽاپڪ سليڪٽ ٿي ويو.”
هن تڪڙ ۾ پڇيو:
“سر! ڪهڙو؟”
هن وراڻيو :“لطيف سائين جي ويراڳي شاعريءَ...!”

