ڪھاڻيون

ڪَلجُڳ جا رنگ

ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جون ڪھاڻيون آهن تہ مختصر، پوءِ بہ هر ڪھاڻي موضوع جي لحاظ کان نہ رڳو ڪئنواس رکي ٿي پر ان کي گهمائي ڦيرائي، پس منظر ۽ پيش منظر ڏيئي، منظر نگاري ڪري، ڪردارن کان ڊائلاگ بازي ڪرائي، انهن کي طويل ڪھاڻي جي زمري ۾ بہ آڻي سگهيو پئي، پر هن مني ڪهاڻي (Flash Fiction) ذريعي جيڪا ڳالهه ٻڌائڻ ٿي گهري، اُها ٻڌائي ڇڏي آهي ۽ جيڪو پيغام ڏيڻ گهريو، اُهو ڏيئي ڇڏيو آهي. ڊاڪٽڙ غلام نبي سڌايي جي هن ڪھاڻي ڪتاب ۾ احساس جي اُڏار بہ پنهنجي جوڀن تي نظر ٿي اچي، جيڪا ليکڪ جي اندر جي ڪنئرائپ ۾ اڌمن جي اظھار جو خوبصورت نمونو آهي.
Title Cover of book ڪَلجُڳ جا رنگ

ادب جو چراغ

جيڪب آباد ۾ غلام نبي سڌايو فتاح عابد ۽ اڪبر اديب پاڻ ۾ ويجها دوست هوندا هئا. منهنجو تعلق به ساڻن سنڌي ادبي سنگت شاخ جيڪب آباد ۾ اٽڪل 1967ع ڌاري ٿيو هو ۽ جيئن ته ان وقت سنگت جي شاخ ۾ سنڌ جا ناليوارا سينيئر ليکڪ عبدالڪريم گدائي، ڪامريڊ برڪت علي آزاد، نبي بخش سرڪي عرف لالو مٺو، غالب لطيف، مهر لطيف، گل محمد چنو، نوراحمد سومرو، غلام رسول ڪلهوڙو، شعبان بخت، محمد بخش سومرو، گوپال پروانو ۽ سعيد ڪيوٽي موجود هئا، ان ڪري مون سميت غلام نبي سڌايي، فتاح عابد، اڪبر اديب، امداد اوڍي، مهرالله سومري، اسحاق شيخ، شاهمراد دائودپوٽو، داد محمد بروهي خادم ۽ ٻين ڪيترن نوجوانن جي علمي ادبي تربيت تمام ڀلي نموني ٿي. انهن تنقيدي ڪلاسن ۾ ڪڏهن ڪڏهن رشيد ڀٽي، الطاف عباسي توڙي بشير مورياڻي، آغا شهاب الدين به سنگت ۾ اچڻ تي فخر سمجهندا هئا. پوءِ جڏهن سائين محمد ابراهيم جويو جيڪب آباد بدلي ٿي آيو ته اهو به گهڻو وقت ادبي سنگت جي تنقيدي ويهڪن ۾ شامل ٿيندو هو.
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو صاحب 1972ع ڌاري ادبي سنگت جيڪب آباد شاخ جو سيڪريٽري به رهيو 1974ع ڌاري ايم اي سنڌيءَ ۾ ڪيائين، بعد ۾ “صحافت” ۾ به ايم اي ۽ “ايل ايل بي” ڪيائين. 1989ع ڌاري شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ علامت نگاريءَ تي پي ايڇ ڊي ڪيائين. پيشي جي لحاظ کان جيڪب آباد جي ڪاليج ۾ پروفيسر رهيو آهي. 1981ع ڌاري سنڌ گريجوئيٽ جي شاخ جو صدر فتاح عابد چونڊيو ويو ته سيڪريٽري به ڊاڪٽر سڌايو چونڊيو ويو هو. عبدالڪريم گدائي صاحب متعلق ترتيب ڏنل سندس ڪتاب “سفر زندگيءَ جو” (اشاعت: اپريل 1985) جي آخر ۾ سندس ڪجهه ڪتابن جو ذڪر هن ريت ڏنل آهي: سنڌي ڪهاڻيون (ترتيب)، “غريبن جو ورثو” ناول جو مطالعو، “ٿا چنگ چُرن چاهت جا” (نظم: ترتيب)، چونڊ سنڌي افسانن جو تنقيدي جائزو (تنقيد)، “سنڌي ادب جي مختصر تاريخ”، “جديد سنڌي مضمون نگاري”، “جيڪب آباد قديم ۽ جديد” (ترتيب).
ڊاڪٽر صاحب جو فن موسيقي ۽ اسٽيج ڊرامن سان به گهڻو شغف رهيو آهي. ان عمر دوران مائوٿ آرگن ته جيڪب آباد ۾ گهڻو ڪري مان وڄائيندو هوس پر مائوٿ آرگن وڄائڻ جو شوق ڊاڪٽر صاحب به اوائلي عمر ۾ ڪيو هو، ۽ جڏهن فتاح عابد شيرازي آرٽ سرڪل جو بنياد وڌو ته ڊرامن لکڻ، انهن کي اسٽيج تي پيش ڪرڻ ۾ اڪبر اديب، محمد بخش سومري ۽ غلام حسين لاشاري (جنهن کي اسان ايمي منيوالا سڏيندا هياسي) الهورايو لاشاري، آزاد لاشاري (پينٽر) خدابخش سومري سان ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو صاحب به ساڻن گڏ هوندو هو. سياري جي مند ۾ جڏهن جيڪب آباد ۾ زرعي صنعتي نمائش لڳندي هئي ته اهو سڄو ٽولو توڙي ارباب آرٽ سرڪل، نوبهار آرٽس سرڪل، مخمور مهراڻ آرٽ سرڪل، حفيظ آرٽ سرڪل وارا اداڪار، ڳائڻا: محمد عثمان “تمنا” عنايت راهي، محمد اسماعيل سومرو، واجد علي مهر، نبي بخش لاشاري (جنهن کي اسان اداڪار رنگيلي جي ٻي ڪاپي سڏيندا هياسي) گڏجي شهر جي عزت ۽ وقار کي بلند ڪرڻ لاءِ سرڪاري پروگرامن ۾ شامل ٿيندا هئا. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي پنهنجا احساس “آشرم” ڪهاڻيءَ ۾ پيش ڪيا آهن.
سنڌي ادبي سنگت جيڪب آباد شاخ ۾ تنقيد لاءِ گهڻو ڪري شاعري پيش ٿيندي هئي، جن ۾ سعيد ڪيوٽي سدائين پنهنجو نثري نظم کڻي ايندو هو ۽ ساڳيءَ ريت ڪهاڻيءَ جي صنف تي وري غلام رسول ڪلهوڙو ۽ اڪبر اديب مسلسل پنهنجون ڪهاڻيون پڙهندا هئا، باقي غالب لطيف، فتاح عابد، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو (ان وقت “صابر” تخلص رکندو هو) ۽ ٻيا دوست ڪڏهن شعر ته ڪڏهن ڪهاڻي پڙهندا هئا، ۽ شعبان بخت ۽ عبدالڪريم گدائي به ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي شاعري پڙهندا هئا.
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جي هن مجموعي ۾ ڪجهه اهڙيون ڪهاڻيون به آهن جيڪي اسان سنگت جي ويهڪن ۾ يا رسالن ۾ اهڙي توجهه سان نه ٻڌيون/ پڙهيون هيون جيئن هن وقت هي ٻه اکر لکڻ وقت ڌيان سان پڙهيون اٿم.
عام طور تي ڏٺو ويو آهي ته ليکڪن جي ابتدائي لکڻين ۾ گهڻي قدر سندن ويجهي ماحول، ڪردارن ۽ انهن جي رهڻي ڪهڻيءَ جي عڪاسي هوندي آهي، يا ائين چئجي ته انهن جو پنهنجي ويجهي سماجي سيٽ اپ جو مشاهدو وڌيڪ هوندو آهي يا اڃان به ائين چئجي ته جڏهن ڪو حساس شخص پنهنجي ويجهي ماحول ۾ ڪي انساني خرابيون ڏسندو آهي ته سندس تخليقي سگهه کيس للڪاري قلم کڻڻ جي ذميداري سونپيندي آهي، ساڳيءَ ريت ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جي اندر ۾ ويٺل هڪ حساس تخليقڪار به پنهنجي شهر جيڪب آباد ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ ٿيندڙ سماجي اوڻاين کي تحريري اظهار ڏيڻ جي ذميداري محسوس ڪندي اهڙيون ڪهاڻيون رچڻ ضروري سمجهيون هيون، ۽ جيئن ته جيڪب آباد جو شهر سنڌ جي پڇڙيءَ تي ۽ بلوچستان جي منهن وارو شهر آهي، ان ڪري اتي جي رسم رواج ۾ هندو مسلم ۽ سنڌي بلوچي رسم رواج جو سنگم آهي، ان حوالي سان جهڙيءَ ريت ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جون ڪجهه ڪهاڻيون: “مقدس گانئيون”، “رنگن ڀري پچڪاري”، “ارٿي”، “پرشاد”، “ايڪتا”، “بروڪر” جو سٽاءُ هندو جاتيءَ جي حوالي سان سٽيل آهن، تيئن “حرام حلال”، “پيار جو پاڇولو”، “اصول پرست”، “ڀاڳيو”، “بودو”، “ماسي ڪريما”، “هيلٿ آفيسر”، “پاپي” .... ۽ ٻيون به ڪيتريون ڪهاڻيون مسلمانن جي حوالي سان تمام گهڻن غير سماجي موضوعن تي تنقيد ۽ انساني آسن اميدن جون قلمي تصويرون آهن.
مرتضي لغاريءَ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جي ڪهاڻين جي حوالي سان فليش فڪشن، مائڪرو اسٽوريز، نينو اسٽوريز جو تجزيو ڪيو آهي، جيڪو اسان جي هن دور جي ليکڪن جي معلومات لاءِ انتهائي اهم آهي، پر منهنجي خيال ۾ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جون هي سموريون ڪهاڻيون مختصر ڪهاڻين جي ذمري ۾ اچن ٿيون، ۽ جيئن ته سنڌي ادبي سنگت جي تنقيدي ويهڪن ۾ ٿوري وقت ۾ ئي پنهنجي لکڻي پيش ڪرڻي هوندي هئي ان ڪري ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جون ڪهاڻيون به ان دورانيي جي حوالي سان مختصر آهن، پر مرتضي لغاريءَ جو تجزيو سنڌي ڪهاڻيءَ جي ادبي تنقيد جي حوالي سان نهايت اهم پيش رفت آهي.
جهڙيءَ ريت ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي “آشرم” ڪهاڻيءَ ۾ جيڪب آباد جي آرٽ سرڪلن ۽ انهن جي فنڪارن سان سماجي بيقدري، پذيرائيءَ يا پوريءَ ريت سهائتا نه ٿي سگهڻ جي احساس جو اظهار ڪيو آهي، تيئن “ادب جو چراغ” ڪهاڻيءَ ۾ هن اردوءَ جي نامياري شاعره پروين شاڪر جي اوچتي ٽرئفڪ حادثي ۾ فوت ٿي وڃڻ جي غم کي بيان ڪيو آهي. ساڳيءَ ريت روپلي جي سنڌي قومي جذبي کي “هو الوپ ٿي ويو” عنوان سان ڪهاڻيءَ جو روپ ڏنو آهي.
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جي ڪهاڻي “راکي” پڙهندي منهنجو ڌيان ماضيءَ جي انهن ڪهاڻين ڏانهن کڄي ويو، جن جا ليکڪ مسلمان هئا، منهنجو پنهنجو خيال آهي ته مسلمان ليکڪن: هندن جي راکي يا اهڙين ٻين ڌرمي رسمن تي هندو مسلم وچ ۾ “ايڪتا” پيدا ڪرڻ خاطر لکيو هو، ۽ ان ۾ ٿورو به شڪ نه آهي ته “راکيءَ جي رسم” ئي خاص طور سنڌين ۾ “هندو مسلم ايڪتا” جو احساس اڀاريندڙ رهي آهي.
مون ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جي ادبي خدمتن ۽ شخصي زندگيءَ متعلق پاڪستان ٽيليويزن جي سنڌي پروگرام لاءِ 2007ع ڌاري پورٽريٽ رڪارڊ ڪيو هو، جنهن کي ٻين سيبتن پروگرامن وانگر نه پي ٽي وي محفوظ ڪري سگهي نه ئي پي ٽي ويءَ انهن سيبتن ماڻهن کي ڪا ڪاپي ڪري ڏني، جنهن جو افسوس مون کي ته آهي ئي پر سنڌ جي سڀني اديبن، شاعرن توڙي فنڪارن کي به آهي، جو پاڪستان ٽيليويزن هيڏو علمي ادبي خزانو هوا ۾ هلائي، رڪارڊ ئي مِٽائي ڇڏيو.


بيدل مسرور
ڪراچي سنڌ
27. 11. 2017