ڪھاڻيون

ڪَلجُڳ جا رنگ

ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جون ڪھاڻيون آهن تہ مختصر، پوءِ بہ هر ڪھاڻي موضوع جي لحاظ کان نہ رڳو ڪئنواس رکي ٿي پر ان کي گهمائي ڦيرائي، پس منظر ۽ پيش منظر ڏيئي، منظر نگاري ڪري، ڪردارن کان ڊائلاگ بازي ڪرائي، انهن کي طويل ڪھاڻي جي زمري ۾ بہ آڻي سگهيو پئي، پر هن مني ڪهاڻي (Flash Fiction) ذريعي جيڪا ڳالهه ٻڌائڻ ٿي گهري، اُها ٻڌائي ڇڏي آهي ۽ جيڪو پيغام ڏيڻ گهريو، اُهو ڏيئي ڇڏيو آهي. ڊاڪٽڙ غلام نبي سڌايي جي هن ڪھاڻي ڪتاب ۾ احساس جي اُڏار بہ پنهنجي جوڀن تي نظر ٿي اچي، جيڪا ليکڪ جي اندر جي ڪنئرائپ ۾ اڌمن جي اظھار جو خوبصورت نمونو آهي.
Title Cover of book ڪَلجُڳ جا رنگ

منهنجي امڙ...!

اسي ورهين جي پوڙهي ويل چيئر تي ويهي هيڏانهن هوڏانهن نهاري رهي هئي. کيس چار ڌيئرآهن ۽ سڀ کان ننڍي ڊاڪٽر سونيا آهي- مائي کي پٽ به ڄاوا پر ننڍي ئي فوت ٿي ويا. هن سڀني ڌيئرن کي پڙهايو لکايو ۽ تعليمي ڊگرين سان گڏ نوڪريون به ڏياريون.
سونيا ڊاڪٽر بڻجي سرڪاري نوڪريءَ سان گڏ ميڊيڪل سينٽر به هلائي رهي هئي، هن جو گهوٽ به ڊاڪٽر هو سنيل ڪمار، سندس وڏي ڀيڻ سريتا جو اڳم وهانءُ ٿي چڪو هو- ٻن ڀينرن جو اڃا پرڻو ٿي ڪو نه سگهيو هو.
سونيا جو مڙس ڊاڪٽر سنيل ڪمار، تاريخ جو ڄاڻو ۽ سماجي سوچ رکندڙ نوجوان هو، زال جي خيالن، محنت ۽ جستجو واري جذبي کي ڏسي هڪ ڏينهن واندڪائي ۾ پڇي ويٺو.
“سونيا! آئون آهيان ته ڪراچي جو، پر هتي پنهنجي جاتي جا سڀ ماڻهو مونکي ڀائو ڪوٺين ٿا- ڄاڻان ٿو ته مونسان ماڻهن جي عزت ۽ پيار واري رويي جو واسطو ۽ سبب اوهان جو ڪٽنب آهي، چاهيان ٿو ته ڪجهه پنهنجي باري ۾ ٻڌاءِ .” هوءَ مڙس جي ڳالهه ٻڌي سوچ ۾ پئجي ويئي. ماضي جي جهروڪن ۾ جهاتي پائيندي، هن ڏاڍي اداس لهجي ۾ چيو:
“ٻاويهه سال اڳ جڏهن بابا فوت ٿيو تڏهن آئون ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهي رهي هيس، آخري سال هو، بابا سڀ حسرتون سيني ۾ سانڍيو، هڪ رات اوچتو اسان کان هميشه لاءِ هليو ويو، هاڻي اسان جي خوشين ۽ حسرتن جو محور صرف امڙ هئي جنهن پتيءَ جي شيوا ۾ ڪڏهن پير پوئتي نه ڪيو ۽ نڪي اسان جي جوابداري کان منهن موڙيو. هر حال ۾ اسان جي سرسي ۽ سنڀال لاءِ پتوڙيندي رهي.”
سونيا ٿورو ترسي ٽيبل تي رکيل گلاس مان پاڻي پيتو ۽ پوءِ مڙس کي اتاولو ڏسي چيائين ته امان ٻڌائيندي هئي. “بابا جو وڏو ڪٽنب هو. ورهاڱي کانپوءِ ستت ئي سڀ لڏي پلاڻي انڊيا هليا ويا، هتي صرف ڏاڏو صابلداس، ڏاڏيءَ، بابا، امان ۽ اسين ڀينرون رهجي وياسين. ”
ڊاڪٽر سونيا پنهنجي ماءُ ڏانهن ڏسندي چيو:
“امان سدائين اها ڳالهه ورجائيندي رهندي هئي ته هن گهر جي سهائتا، اسان جي پالنا ۽ بابا جي ڪاروبار وڌائڻ ۾ سندس سس ۽ سهري جو وڏو سهارو هوندو هو. امان کي ٻئي ڌيءَ سمان سمجهندا هئا، انهن ئي ته امان کي ڪيڙي، گهريتڙيءَ ۽ سگهڙ بڻايو هو.”
پنهنجي ڪٽنب جو قصو سڻائيندي سونيا کي به مزو اچي رهيو هو- هن پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو.
“پاڪستان ٺهڻ کان اڳم اسان جو پورو پريوار ‌ڳوٺاڻي زندگي گذاريندو هو اتي پنهنجون زمينون، گهر ۽ دوڪان هئا، سڀني مائٽن جي هلي وڃڻ کانپوءِ ڏاڏو ۽ بابا به اڪيلا ڳوٺ ۾ رهي نه پئي سگهيا، هنن ڀر وارو شهر اچي وسايو- گهرن ۽ زمينن تي شاهينگ چڙهي ويٺا، چوندا آهن: ننڌڻڪا گهوڙا، غيباڻا هسوار! اسان جو ڪٽنب به سڀ ڪجهه لٽائي اچي شهر ڀيڙو ٿيو.” ڊاڪٽر سونيا ماءُ ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
“هاڻي ته هي ويل چيئر تي ويٺل نظر اچي ٿي. پر ڪجهه سال اڳ امان ڏاڍي تڪڙي ۽ ڪم ڪار ۾ ڦڙت هوندي هئي، پاڙي واري دوڪان کان سودو سلف وٺڻ لاءِ ڪيترا ڀيرا چڪر لڳائيندي به ٿڪبي ڪو نه هئي. پر بيماري ۽ پڇاڙي کيس ڏاڍو هيڻو ۽ لاچار ڪري وڌو آهي، تڏهن ته چوندا آهن ته وقت بادشاهه آهي- هاڻي ته هن کي لٽا ڪپڙا پارائڻ، سنان ڪرائڻ، دوا درمل پيارڻ ۽ ٻين حاجتن لاءِ اسان جي ضرورت پوي ٿي ۽ اسين سڀ ڀينر سندس چاڪري ڪندي خوشي محسوس ڪنديون آهيون.”
هوءَ ڏاڍي اٻاڻڪي ۽ اداسي واري لهجي ۾ چوڻ لڳي:
“اڄ اسان وٽ مالڪ جو سڀ ڪجهه آهي پر ڏک اِهو آهي ته ڏاڏو، ڏاڏيءَ ۽ بابااسان جي اکين کان اوجهل آهن، امان بيمار ۽ لاچار آهي، زندگي ڪهڙا ڪهڙا امتحان وٺي ٿي!! مائٽ ۽ پاڙيسري مشورو ڏيندا آهن ته، ماءُ جي شيوا لاءِ ڪا نرس يا دائي بيهاريو، پر انهن کي ڪير سمجهائي ته ڌيئرن جهڙي خدمت چاڪري دايون ۽ مايون ڪري سگهنديون!! امان جي شيوا ۾ ته اسان کي سڪون ۽ آسيس ٿي ملي.”
ڊاڪٽر سونيا پنهنجي خانداني ڪٿا ٻڌائيندي مڙس جي هٿ کي وٺي چيو: “منهنجون ڳالهيون ٻڌو پيا يا بور پيا ٿيو؟”
سندس مڙس ڊاڪٽري پيشي سان واسطو رکندڙ هڪ سلجهيل زميندار به هو مرڪندي وراڻيائين: “تون ته ڪا ڪهاڻي نويس آهين. تنهنجي خانداني ۽ جذباتي سچاين جي سحر ۾، مان ته صفا جڪڙجي ويو آهيان. دل ۽ دماغ ٻنهي سان پيو ٻڌان ۽ سوچيان.”
هن مڙس جو توجهه حاصل ڪندي وڌيڪ چيو.
“چڱو ٻي ڳالهه ٻڌو... مهينو کن اڳ جڏهن وڏي ڀيڻ سريتا، اسان جي ننڍڙي اَيُش جي جڻيا واري رسم ۾ آئي هئي ته اچڻ سان سڀ رسمون ۽ خوشيون هڪ پاسي رکي، امان جي شيوا ۾ گم ٿي ويئي هئي.” مان کيس ٽوڪيندي چيو هو. “ڀيڻ ڪجهه ويهي سڪون وٺ، امان جي خدمت لاءِ اسان جو آهيون.”
هن وراڻيو هو:
“مونکي شيوا جو موقعو ته ڪڏهن ڪڏهن ملي ٿو گُڏي! ساهه تي ڪهڙو ڀروسو، ڪيڏي مهل به اهو اڏامي هليو وڃي ۽ اسان اڪيليون رهجيو وڃون.”
ڀيڻ جي ويچارن کي ٻڌي مان کيس تسلي ڏيندي چيو هو:
“ڀيڻ! منهنجو وشواس آهي ته امان ٻي روپ ڌارڻ کانپوءِ به پاڇو لو بڻجي اسان سان گڏ رهندي .”
هن مڙس جو ڌيان ڇڪائيندي چيو:
توکي ياد آهي ته اَيش جي جڻيا رسم ۾، امان کي ڪرسي تي ساڻس گڏ ويهاريو هيوسي ۽ تڏهن امان ڏاڍي سرهي پئي لڳي ۽ ان موقعي تي بابا کي ياد ڪندي چيو هئائين:
“ڇوڪريون! توهان جي پيءُ پرلوڪ پڌارڻ کان اڳ ۾ چيو هو ته شايد مان گهڻو وقت جيئرو نه رهان! پر مونکي پڪ آهي ته منهنجون ڌيئر سکي زندگي گذارينديون ۽ ان جي آسيس سورنهن آنا سچ نڪتي.”
توهان جڏهن مهمانن سان ملڻ لاءِ ڪجهه دير لاءِ اتان اٿي ويا هئا ته ان ويلي امان اسان سڀني ڏانهن ڏسندي اَيش جي مٿي ۽ کاڏي تي هٿ ڦيرائيندي چيو هو:
“اڄ منهنجي به آسيس آهي ته هي ست پٽيتو ۽ آڍڙو ٻڍڙو ٿيندو ۽ توهان شهر جون مالڪياڻيون سڏبؤ.” ۽ پوءِ سونيا جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي ويون ۽ هوءَ خاموش ٿي ويئي.
ڊاڪٽر سنيل زال جي پوري ڳالهه ٻڌي چيو:
“ها مونکي ياد ٿو پوي ته اوڏي ويل مان جيئن ئي مهمانن سان ملي واپس ٿيس ته امان ويٺي ويٺي ٿڪجي پئي هئي ۽ تنهنجي اشاري تي مان ويل چيئر هلائي کيس پلنگ تي پهچايو ۽ پوءِ هوءَ جلدي ننڊ ۾ هلي ويئي هئي.”

