پنجويهه ڊسمبر
پاڪستاني ڇوڪريءَ خوشبوءِ کي، آمريڪي خاندان پنڪي سڏڻ لڳو- ڪرسمس جا ڏينهن قريب هجڻ ڪري پوري آمريڪا ۾ ان ڏڻ کي ملهائڻ لاءِ هر گهر ۾ توڙي سرڪاري سطح تي خوب تياريو ن ڪيون پئي ويون. ٽوليڊو شهر ۾ به انهي ڏينهن جي مناسبت سان وڏيون تياريون ٿي رهيون هيون- شهر جي ڪرسمس هال کي حضرت عيسى ۽ مقدس مريم جي ننڍين وڏين تصويرن “پتلن” ڪرسمس ٽري(Tree)۽ ٻين رنگ برنگي روشنين ۽ نظارن سان سينگاريو ويو هو.
اڄ يسوح مسيح جي آمد جي ڏهاڙي کي اسٽيج ڪرڻو هو، ڊراما هال ۾ ماڻهو پنهنجي سيٽن تي ويهي چڪا هئا.
مسز سِنٿيا نه صرف اڄوڪي پروگرام جي آرگنائيزر هئي پر ان سان گڏ ڊراما جي هيروئن به هئي، هوءَ، مينائٽي (Mennonites) سوچ واري ۽ لباس توڙي گفتار ۾ عام خاندانن کان قدر مختلف ۽ پروٽسٽنٽ فرقي سان واسطو رکندڙ هئي، انهيءَ فرقي سان لاڳاپيل ماڻهو نه چرچ ۾ اعتبار رکندا آهن نه وري نئين ثقافت کي قبول ڪندا آهن، لباس به هلڪي رنگ وارا ۽ مڪمل ڍڪيل اوڙهيندا آهن، ايتري تائين جو عورتون پنهنجي مٿي ۽ پيرن جي آڱرين کي به ڍڪي رکنديون آهن_ اهو ئي سبب هو جو سنٿيا سدائين مذهبي ڊرامن جي ڪردارن ۽ ڪهاڻين ۾ خاص دلچسپي رکندي هئي، هوءَ خوشبوءِ کي به ٿوري وقت ۾ پنهنجي پياري ڌيءَ جو درجو ڏيئي چڪي هئي، ٿيندڙ ڊراما ۾ ننڍڙي خوشبوءِ کي آسماني فرشتي جي روپ ۾ پيش ڪيو ويو هو.
ڪجهه دير ۾ هال جون بتيون گل ٿي ويون، آسمان مان آهستي آهستي هڪ خوبصورت فرشتي جو عڪس هيٺ ايندي ڏيکاريو ويو چمڪدار ۽ ڀڙڪيلو مرواريد جڙيل خوبصورت لباس وارو اُهو فرشتو جيئن ئي هيٺ لٿو ته پوري اسٽيج روشني سان ٻهڪي اٿي، اسٽيج جي هڪ پاسي هڪ سهڻو ٻار پينگهي ۾ لڏندي ڏيکاريو ويو ۽ ڀر ۾ هڪ پر وقار ۽ خوبصورت عورت ويٺل ڏيکاري ويئي هئي، ماڻهن اهو منظر ڏسي خوب تاڙيون وڄايون ۽ سمجهي ورتائون ته اهو ٻار يسوح مسيح ۽ ويٺل عورت مقدس مريم هئي.
ايتري ۾ فرشتي پنهنجون ٻانهون ڊگهيري، پينگهي ڏانهن اشارو ڪندي، ڀر ۾ ويٺل ماءُ سان مخاطب ٿيو:
“هي توهان جي ڪک مان پيداٿيل ٻار يسوح مسيح آهي، ۽ خدا وند خدا ان جو خلقيندڙ آهي، ۽ هي ڀٽڪيل ماڻهن کي سنئون رستو ڏيکائيندو.”
مقدس ماءُ حيراني ۾ سڀ ڪجهه ٻڌي ۽ ڏسي رهي هئي، هن فرشتي کان پڇيو:
“منهنجي تقديس جي ضمانت ڪير ڏيندو ۽ سماجي قانون ۽ سوسائٽي کي ڪير مطمئن ڪندو؟” خوبصورت فرشتي مسڪرايندي مقدس ماءُ کي چيو:
“هي ننڍڙو مسيح پنهنجي رڍن جي سار سڀنال سان گڏ سماج ۾ اٿندڙ هر مسئلي تي پاڻ ڳالهائيندو_ ڀٽڪيل، ڏتڙيل ۽ بکايل ماڻهن جي سهائتا ڪندو، انڌن ۽ ڪوڙهين جي دردن جو درمان بڻبو.”
فرشتو ڳالهه پوري ڪري جيئن ئي آسمان ڏانهن اسهيو ته اوڏي مهل هڪ تازي پڪل کڄيءَ جو ڇڳو مقدس ماءُ جي اڳيان پيش ڪيو ويو. هن ڪجهه کارڪون کائي، ننڍڙي مسيح کي کڻي پيار ڪيو ۽ پوءِ اطمينان سان هرايندڙ ويندڙ جي سوال تي مسيح ڏانهن اشارو ڪندي رهي.
پينگهي ۾ پيل مسيح جڏهن ڳالهايو ته سڀ حيران ٿي ويا، مسيح جو گونجندڙ ٻاراڻو آواز ٻڌي، هال ۾ ويٺل سڀ ماڻهو سيني تي ڪراس ٺاهي، احترام ۾ مٿو جهڪائي اُٿي بيٺا، يسوح مسيح فرمائي رهيو هو:
“هي منهنجي امان آهي، جيڪا هر لحاظ کان خدا وند خدا ۽ مون جيان معصوم ۽ پاڪ آهي، مان توهان جي سنڀار ۽ رهبري لاءِ موڪليو ويو آهيان. مونکي سڃاڻي منهنجي ڳالهين تي عمل ڪندؤ ته نجات پائيندو.”
سامهون ويٺل سڀ ننڍا وڏا يسوح مسيح جو چٽو مختصر ۽ دل تي اثر ڪندڙ ميسيج سُڻي سحر ۾ جڪڙجي، قطار بڻائي اسٽيج اڳيان گذرندا رهيا، ايئن پئي لڳو ڄڻ ته اهو پنجويهه ڊسمبرعيسوي سال جو پهريون ڏهاڙو هجي.