مهاڳ
شاعر بنيادي طور امن جو پرچارڪ ٿيندو آهي. هو چاهيندو آهي ته دنيا جنت جو ڏيک ڏي. فطرتي سونهن شاعر جي ڪمزوري هوندي آهي، ڌرتي سان محبت شاعر جي ايمان جو جُز هوندي آهي. گهاٽي ڇانو ڏيندڙ ۽ ميويدار وڻ، گل ٻوٽا، گاھ، پوپٽ، ڀؤنرا، ڀنڀوريون، پکي، جانور، جيت، جبل، آبشار، نديون، سمنڊ، جهُڙ، مينهن، چنڊ، ستارا، مطلب ته واريءَ جي ذري کان وٺي سج تائين هرڪا شيءِ سندس موضوعِ سخن رهي آهي. شاعر اُنهن سمورن فطرتي شين جي بقا لاءِ جدوجهد ڪندو رهندو آهي. شاعر کي پهريون سبق محبوب جي اکين کان ضرور ملي ٿو، پر پوءِ هر ايندڙ سبق هو فطرت جي گوناگون نظارن ۽ سماج مان حاصل ڪري ٿو ۽ اهڙيءَ طرح هڪ انسان کان شروع ڪيل محبت کيس پوري ڪائنات جي محبت ۾ گرفتار ڪري ڇڏي ٿي.
شاعر جي اهڙي محبوب ڪائنات جي ڪنهن به ذري تي ڪو به حملي آور ٿئي ٿو ته شاعر پنهنجي سموري توانائيءَ سان هڪ دانهن ڪري ٿو، اها ئي دانهن هڪ مزاحمت بڻجي پوي ٿي. شاعر جنگ جي خلاف جنگ (War Against War) ۾ شامل ٿئي وڃي ٿو ۽ ان جي پهرين صف جو سپاهي بڻجي وڃي ٿو. لطيف سرڪار جي هنن سٽن مطابق ته:
سورهيه! مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار،
هڻ ڀالا وڙھ. ڀاڪرين، آڏي ڍال م ڍار،
مٿان تيغ ترار، مارِ ته متارو ٿئين.
اُنهن شيطاني قوتن سان، انسان جي ويڙھ جو داستان به ايترو ئي پراڻو آهي، جيتري خود انسان جي تاريخ، پر شاعري ذريعي ويڙھ ۽ هٿيارن ذريعي ويڙھ ۾ فرق آهي.
مون ڏات انوکي آندي آ، ٿي تند وڙهي تلوارن سان،
ٽڪرايان پنهنجا گيت جڏهن، ٿو آءٌ سندءِ ديوارن سان،
ٿا تنهنجا ڀاري برج لڏن، تون هيڻو آن هٿيارن سان.
مزاحمتي شاعري ۽ نعري بازي ۾ وار کان سنهي ۽ تلوار کان تِکي وٿي آهي. ان جو فرق ڪي ٿورا شاعر سمجهي سگهيا آهن. مزاحمتي شاعري جي عمر صديون ٿيندي آهي ۽ ٺلهي نعري بازي جي عمر جر تي ڦوٽي جيتري. سڄاڻ ۽ تخليقارن شاعرن تي اهو فرض آهي ته اهڙي شاعري سرجڻ کان پهريان اُن فرق کي سمجهن ۽ پوءِ ئي قلم کڻن.
اڪثر نبي سڳورا ۽ اولياءِ ڪرام پنهنجن پنهنجن دورن جا انقلابي ۽ سماج سڌارڪ هوندا آهن. مخالف انهن کي باغي، جادوگر ۽ چريي جي لقبن سان نوازيندا آهن، پر هو پنهنجي ڳالهه تان تِر برابر به نه هٽندا آهن. ابراهيمؑ نمرود جو دشمن هيو؛ موسىؑ فرعون جو باغي هيو؛ محمدﷺ ابو جهل جي ٽولي جو مخالف هيو؛ حسين ابن عليؓ يزيد جي بعيت نه ڪئي؛ داراشڪوھ اورنگزيب جو باغي هيو ۽ ايئن ئي سنڌ به شاهه عنايت شهيد کان وٺي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ تائين ڪيترائي ماڻڪ موتي پيدا ڪيا آهن، جيڪي پنهنجي پنهنجي دؤر جا باغي آهن. شيخ اياز: ”او باغي! او راج دروهي“ جهڙو نظم لکي اهڙن املهه هيرن جي واکاڻ ڪئي آهي. هنن باغين جو سِر تريءَ تي هوندو آهي، کين اها ڄاڻ هوندي آهي ته موت اسانکي اَمر ڪري ڇڏيندو، هنن جو اهو نعرو آهي ته:
”مرڻ مون سين آءُ، ته پٺيءَ تو پنڌ ڪيان“
ــــ
جي تون وڙهندين ماريو ويندين،
هن وستيءَ تان واريو ويندين،
دودا! تنهنجو ساھ. ته ويندو،
ماڻهوءَ جو ويساھ نه ويندو.
فارسي شعر جي هڪڙي سٽ آهي ته:
کس که کشته نه شد، از قبيله ما نيست
جنهنجو پڙاڏو شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ به گونجيو ته:
جيڪو ڪونه ڪٺو، سو نه اسان جي ڪڙم مان
آزاد بُخاريءَ جي شاعري اهڙن سمورن ناحق ڪٺلن جو ڪيڏارو آهي. مزاحمتي شاعري لکڻ مهل توهانکي حق جو طرفدار ٿيڻو پوي ٿو ۽ ظلم جي خلاف آواز اٿارڻو پوي ٿو. ظلم وقتي طور لڳندو آهي ته ڏاڍو سگهارو آهي، پر اندران کوکلو هوندو آهي. ظلم جا ڪوٽ، ڪڙا، بُرج ۽ ڪُنگرا سڀ دوکي جي ديوار هوندا آهن. صرف شعوري سگهه کي يڪجا ڪري، ان تي هڪڙي ئي ڪاري ضرب هڻي کيس ڪيرائڻو هوندو آهي. آزاد بخاري صدين جي ان تاريخ جو پاٺڪ هجڻ سان گڏوگڏ هڪ روشن دماغ لکاري به آهي. هو جڏهن چوي ٿو:
هي ملڪ ڊائر ڪنهن نيپئِر جو ته ناهي
ته هو پڙهندڙن سان ڪا اهڙي مام سلي رهيو آهي، جيڪا صدين جي تاريخ جو نچوڙ آهي. ڀٽائي ءَ جي سٽ اڄ به رهنمائي ٿي ڪري ته:
”ڌاريا ئي ڌاريا، مٽ مئي جا نه ٿيا،
مدي ڏيرن من ۾، آءٌ کِليو کيڪاريان،
صبح جي ساريان، ته اٺ نه اوطاقن ۾.“
ڊائر ۽ نيپئِر سامراجي ڪردار آهن ۽ هر دور ۾ اُنهن جي مخالفت ڪرڻ حق ۽ سچ جي شاعر جي ايمان جو جزو آهي.
آزاد بخاري جي راءِ آهي ته:
رت وهائي ٿو پيو، امن جي نانوَ تي،
عالم امن کي جو برباد ٿو ڪري.
سامراج خوش نه ٿي جنگ ناهي تو جيتي،
هڪ ديوانو، سامراج مردھ باد ٿو ڪري.
تنهنجي جهنڊي کي پورهيت سرخ آ سلام،
آءٌ ڇا، مزدور هرڪو زندھ باد ٿو ڪري.
آزاد بخاري ”سامراج دشمن ۽ مزدور دوست“ جدوجهد جو حامي آهي ۽ اهو ديوانو جيڪو ”سامراج مرده باد“ جا نعرا ٿو هڻي اهو سندس هيرو آهي، ڪهڙي خبر متان اهو ديوانو هو پاڻ هجي؟
روسي نظم جو ترجمو آهي ته: ”هو اسانکي مڇيءَ وانگر ڄار ۾ ڦاسائين ٿا، پوءِ ترين ٿا، پچائين ٿا ۽ دسترخوان تي سجائن ٿا ۽ پوءِ کائن ٿا، پر اسان هڪ ڏينهن مڇي جي ڪنڊي وانگر سندن نڙيءَ ۾ ڦاسي پونداسين.“
”سامراج مرده باد“ جو نعرو هڪڙو اهڙو ڪنڊو آهي، جيڪو هميشه سامراج جي نڙيءَ ۾ چُڀندو رهندو آهي. ”پرائي مال تي، ٽوپي نراڙ تي“ رکندڙ هي منهن ڪارو اڪيلو ناهي، پر انهن جا ڪٽڪ آهن. هو هر علائقي ۾ پنهنجا جوڙيوال پيدا ڪري ٿو، جيڪي پنهنجن، نادار مظلوم ۽ بي پهچ ۽ اٻوجهه ماڻهن تي ظلم جا پهاڙ ڪيرائين ٿا. اهڙا غدار، ماڻهن جي منڊيءَ ۾ ’ٽڪي ۾ ٽيهه‘ وڪامندا آهن. اهڙي هڪ ڪوڙھ ورتل ڪردار کي ملڪ نديم خوب وائکو ڪيو آهي:
”وڏيرو، ڪاموري اڳيان گهاڻي جو ڏاند،
مسڪين جي پويان ڇتو ڪتو،
وڏيرو ڌارين جي آڏو اورنگزيب جو غلام،
پنهنجن پويان جلاد، تارا مسيح،
وڏيرو صوبيدار اڳيان ٽيبل فين،
هاري پويان بنا بريڪ جيپ.“
مان ته گهٽ ۾ گهٽ هن نتيجي تي پهتو آهيان ته ملڪ جي عوام جي ترقيءَ ۾ هي ڪردار هڪ وڏي رڪاوٽ آهي، پنهنجي پٽ کي ته آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج مان پڙهائڻ جي خواهش رکي ٿو، پر ڳوٺ واري اسڪول ۾ مينهن جو واڙو کولي ڇڏيو اٿائين ۽ ماستر کي منشي گيريءَ تي لڳايو اٿائين. هن ڪينسر جو هڪ ئي علاج آهي(Amputation) ڇو ته هي ڪوئلو اجرو نه ٿيندو، ڀلي سئو مڻ صابڻ کپايو پنهنجي ڳوٺ کان وٺي، ايوانن تائين سندس ڪردار ساڳيو ئي آهي. وطن فروشي ۽ اُن جي موٽ ۾ پنهنجو حصو پتي وٺڻ:
آزاد اهڙن ڀاڙي ڀوتارن کان ڪونه ٿو ڊڄي:
ڊڄان ڇا لئه مان آزاد، ڪنهن ڀوتار ڀاڙيءَ کان،
اڃان ڦاهي ٺهي ناهي، ڪائي منهنجي ته گردن جي.
ڏسي پوکن ۾ ناريون هڻي الزام ٿو بڇڙا!
خبر آ تنهنجي بنگلن جي، پرڪارن ۽ پردن جي.
ايڏي وڏي حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪرڻ وارو ”آزاد بخاري“ مونکي قلم جي حرمت جو پاسدار لڳي ٿو ڇو ته سندس پيٽ ۾ حلال روزي ءَ جو گرھ پيل آهي هو، اُن تنبيهه تي ڪار بند آهي ته:
کائين متان کچڻي حاڪماڻي هنڌان،
رڌي هوندئون رت ۾،ماري مسڪينان.
اُن ڪري آزاد بخاري به ان ڳالهه جو قائل آهي ته:
سدائين دار ۽ دلبر ڏي وڃون ٿا ڇڪجي پاڻ،
انڪري ڪنهن حاڪم جي حضور ۾ رهون ئي ڪونه.
لڳ ڀڳ ساڳئي ئي ڳالهه ٿيل آهي، جيڪا فيض احمد فيض ڪئي هئي ته:
”مقام فيض کوئي راه مين جچا هي نهين
جو کوءِ يار سي نکلي سو سوءِ دار چلي.“
۽ سچي ڳالهه به اها آهي ته انهن ٻن جڳهن کان مٿي ڪا ٽين جڳهه آهي به ڪونه. آزاد بخاري پنهنجي شاعريءَ ۾ اڄ جي هڪ وڏي مسئلي ڏانهن اسان جو ڌيان هيئن ٿو ڇڪائي ته:
”خوف خدا جو ڪٿي ڪين آهي رهيو،
گهر خدا جي ۾ بندو بم ڦاڙي پيو.“
دهشتگردي، جنهن دنيا وارن جو جيئڻ جنجال ڪيو آهي، آخر ڇا سبب آهي جو مسجدون ۽ امام بارگاهون به بچيل ناهن رهيون. اسلام معنى سلامتي، مسلمان جو پهريون جملو السلام عليڪم معنى توهان تي سلامتي هجي، پوءَ هي مارا ماري ڇاجي؟ قرآن ۾ ته ”ولاتفرقو“ جو لفظ آهي. پوءِ هي فرقي بازي ڇاجي ؟ دنيا جا سمورا مذهب انسان جي ڀلائيءَ لاءِ آيا آهن ۽ پوءِ مذهب جي آڙ ۾ انسان جو قتلام ڇو؟ اڄ جي مورخ کي انهن سوالن جا جواب ڏيڻا پوندا.
تاريخ جي ورقن کي جڏهن کولينداسين ته واضع ٿيل آهي ته سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ قومي سورمو ڄام نظام الدين سمو ٿي گذريو آهي، جيڪو روزانو فجر جي نماز پڙهي گهوڙن جي طنبيلي ۾ ويندو هيو ۽ سندن پٺيءَ تي پيار مان هٿڙا گهمائي چوندو هو ته: ”ڀٽارا الله اهو ڏينهن نه آڻي، جو مان ڪنهن تي ظلم ڪرڻ لاءِ اوهان تي سواري ڪريان.“
پر ٻئي طرف وري ڪلمي گو، ارغون، ڪابل ۽ قنڌار کان ڀاڄ کائي سنڌ جي هن جنت کي دوزخ بڻايو ۽ سنڌي ماڻهن کي ان دوزخ جو ٻارڻ بڻايو، نسلي طور چنگيز ۽ هلاڪوءَ جا پونير هت اچي مذهب جو چوغو پائي، مخدوم بلاول جهڙي درويش کي دوکي سان ڦاسائي گهاڻي ۾ پيڙهائي ڇڏيو. اي آسمان تو اهو سڀ ڪجهه بيٺي ڏٺو پئي، ڪري نه پئين؟ زمين تون ڦاٽي نه پئين ايڏي ظلم جو پهاڙ تو ڪيئن برداشت ڪيو؟
ٿورو اڳتي هلون ته وري ٻيا ڪلمي گو مسلمان، مغل هڪ ٻئي اهل الله لوڪ شاه عنايت شهيد کي بي درديءَ سان ڪهي سر مبارڪ نيزي تي چاڙهي دهليءَ جي درٻار تائين کڻي ويا. هن فقير جو ڏوھ اهو هيو جو هن هڪ نعرو هنيو هو ته: ”زمين الله جي آهي، جيڪو کيڙي سو کائي“ تاريخ ۾ اُن قتل جي ايف آءِ آر پير عبدالواسع، حمل جت، نور محمد پليجو، يار محمد ڪلهوڙو، گورنر اعظم خان، مير شهداد خان ٽالپر، مغل شهزادي فرخ سير ۽ ٻين تي ڪٽيل آهي، ڏسون ته وقت جو قاضي اسان سنڌ واسين سان ڪڏهن ٿو انصاف ڪري؟
سنڌ واسي جن جو مزاج مذهبي رواداريءَ وارو آهي. هو اڍائن گهرن جو خير گهرڻ وارا، خميس جي ڏينهن کير مفت ۾ ورهائڻ وارا، پيران پير جي يارهينءَ تي معصوم ٻارڙن کي کيرڻي رڌي کارائڻ وارا، عرس ملهائڻ وارا، عاشورن تي سبيلون هلائڻ وارا ۽ ڪهر رڌي کارائڻ وارا، عيد براد، هولي، ڏياري تي مبارڪون ڏيڻ وارا، شاھ، سچل، سامي، روحل، دلپت ۽ بيدل جي ڪلام کي اکين تي رکڻ وارا؛ قلندر جي ڌمال تي مست ٿي نچڻ وارا، اڄ سک، سلامتي ۽ امن جا طالب آهن، جنگ هنن جي مزاج ۾ ئي ناهي، هنن جي طبيعت هنج پکيءَ وانگر آهي؛ ڪنگ يا باز پکيءَ جهڙِي ناهي، جيڪي پرائي ماس تي پلجن ٿا.
27 فبروري 2013ع ڊاڪٽر خادم منگي
سکر
0346-3670774