شاعري

مري شالَ مَلهائِيان!

آزاد بخاريءَ جو هيءُ ڪتاب ’مري شال ملھائيان!‘ قومي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن ۾ پڙهندڙن کي نه صرف سنڌ سان ٿيندڙ ويڌن جي خبر پوندي، پر اُن ويڌن جي خاتمي لاءِ صلاحون پڻ موجود آهن، اُن ڪري مون کي اُميد آهي ته هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ مزاحمتي شاعريءَ جي حوالي سان هڪ بهترين اضافو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 1358
  • 289
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • آزاد بخاري
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مري شالَ مَلهائِيان!

نوجوان

نوجوان

اڃان رات ڪاري
کٽي ڪين آ....،
آهي مڌ ساغر اڳيان،
پيئان نه پيئان،
چاڪ ٿيل گريبان،
سبان نه سبان،
تنهنجي ڏنل گهاون مٿان،
رئان نه رئان،
آنڌ مانڌ، اُڻ تُڻُ
پر ڪنهن جي ڪري
تون ڏسين ئي نٿو ۽ ٻڌين ئي نٿو
ڪيڏو دور ٿي ويو آهين
ايڏو دور نه وڃ
منهنجي التجا مڃ، منهنجو عرض مڃ
اڳيان آهي واري ۽ رڃ
تو سوا سڃ ئي سڃ
ڄڻ ته حيات،
رولي وڌو آ
سڪرات کي، درجي چائنٺ تي،
گهر جي اڳيان
بيهاري ڇڏيو آ
ان سمي توکي پڪاريان ٿو
سنڀاريان ٿو.
تون اچي منهنجو ساٿ ڏي،
جيئن نه ڪوئي مات ڏي،
ها ها، خدا جو قسم،
مان سچ ٿو چوان،
جي تون ۽ مان گڏ آهيون
ته ڪڏهن به نه مرڻا آهيون
هر جنم گڏجي ورڻا آهيون،
اچ ته.....!
هڪ ٻئي جو ورلاپ ٿيون
ڀٽائي جي تنبوري جو آلاپ ٿيون
ڄام نندي جي گهوڙي جي سنبن جي
ڪا تکي چاپ ۽ ٽاپ ٿيون
سرمد جي صدائن جو آواز ٿيون
اڀيچند جي اکين جو آب ٿيون
ها ها اسين هڪ ٻئي جي نس نس ۾
واسو ڪنداسين
هڪ ٻئي جي ساهن ۾ رهنداسين
اوچي ڳاٽ هلنداسين
۽ نه جهڪنداسين
مهاراجا ڏاهر جيان
دودي وانگر وڙهنداسين
هوشوءَ جيان نعرا هڻنداسين
شاهه عنايت جهڙي بغاوت ڪنداسين
هي تنهنجي ۽ منهنجي مٿان
غلاميءَ جي بي رحم تلوار جا
وقت جي جابرن ٽنگي آهي
تنهن کي ٽوڙي ڪنداسين مات
تنهنجي منهنجي چپن تي
هردم رهي اها ئي تات
ڄاڻ ٿي ختم
عدوءَ جي لات بد ذات
اڃان ته ٿي نه آهي سانت
اڃان هوائن ۾ شور آهي
اڃان فضائن ۾ گوڙ آهي
ڇو مايوس ٿيون ۽ تون مان روئون
ڀلا.......
قافلا جي منزل کان پهريان رلي ويا
وڳ به دڳ ڀلي ويا
مهاري واڳ ڇڏي ڀڄي ويا
۽ پيچرا ڌوڙ ۾ لٽجي ويا
ذات پات جا ويڇا وڌي ويا
معصوم اڌ پنڌ ۾ مري ويا
يا ڪجهه ذهن ڪُند ٿي ويا
ڪن مٿان لالچ ۽ حوس جو ڳجهون اڏامڻ لڳيون
ڪي وري ڍونڍ جا ڍير بڻجي ويا
ته ڇا ٿي پيو
اچ ته گڏجي مڙي مٺ ٿي
ان سڄي گند کي لَٽيون
پنهنجن پيارن کي گڏيون
ڀريون پرت ۽ پريم جون مٽيون
تون ئي هڪڙو مرڪز آهين
تون ئي سنڌ جو محور آهين
تون ئي اڳواڻ
تون ئي سرواڻ
تون ئي مسيحا منهنجي سورن جو
۽ منهنجي پورن جو
اٿ، اٿي پئه نه ڪر ڪو ڀئهُ
ڇڏ ننڊ ندوري
اڃان رات ڪاري کٽي ڪين آ
توڏي ڏسي ٿي سنڌ سدوري
اٿ جاڳ جوان،
سنڌ جا ايمان،
اي نوجوان
اي نوجوان