ساٿي
آءٌ اڪيلو ۽ گهر
تو بن آ کنڊر
نه روشن دان
نه دريون ۽ نه ڪوئي در
جنهن ۾ چٻرن آ بسيرو ڪيو
۽ چمڙا اڏامن ٿا، شام سحر
نه چار ديواري
نه ڪائي گهٽي
سڄي اجڙيل وستي
سڄو اجڙيل شهر
رڃ ۽ سڃ
اداس هر ڪو پهر
چؤطرف انڌيرو
ڪاري رات
اڃان نه ٿي پرڀات
تڏهن به ڪنهن ڪاڻ
واجهايان پيو ويٺو
من ڪو ڏيئو ٻاري
مون کي هتان اٿاري
منهنجي اندر ليئو پائي
اڪيلائي ۽ تنهائي ۾
ڪو آٿت ڏي،
ڪو ڏَڍُ ڏي
يا کڻي ڪو وَڍُ وڏي
جيئن خون جي نڪري لار پئي
ترس کائي
سڏ ڏئي ۽ چئي
مان تنهنجو آهيان
تون منهنجو آهين
مان تنهنجو پنهنجو آهيان
ٻيجل جو ورلاپ ٿي
تو لئه وري موٽيو آهيان
مان توسان گڏ آهيان
سنڌ جي هر آواز تي
۽ هر سريلي سازتي
ڪنڌ ڪوري ڏيندس
جند گهوري ڏيندس.