وطن جا ويري
وڌي ويا وطن جا ويري گهڻا اڄ،
ڳڻي نانءَ تن جا مان ڪهڙا ڳڻيان اڄ.
هڪ وطن جي ته ويري سرڪار آهي،
ٻيو ڀرجهلو سندس هي ڀوتار آهي،
ٽيون ڪمدار سان گڏ صوبيدار آهي،
چوان سچ پيو ته نٿو مان وڻان اڄ،
وڌي ويا وطن جا ويري گهڻا اڄ.
اسيمبلي ميمبر جي ڪجي ڳالهه ڪهڙي،
”انڌي پيڪين جهڙي ساهرين تهڙي“،
وڪڻي ديس کي، جن ڀري آ ٽجوڙي،
رڍن جي اڳيان ڪهڙو ويهي رڙان اڄ،
وڌي ويا وطن جا ويري گهڻا اڄ.
مُلان، پِير، مِير به گهٽ ناههِ ڪيو،
اُنهن ئي غريبن کي جاهل رکيو،
سڄو ملڪ تن مان آ تنگ هاڻ ٿيو،
اُٿندي ويهندي تن کي تير هڻان اڄ،
وڌي ويا وطن جا ويري گهڻا اڄ.
سنڌ جي علم سان ناحق ڪيا جن،
اهي ٻيا نه پر ڪجهه ماستر آهن،
آئيندي جا ابا اوندهه ۾ رکيا تن،
اُنهن جي مٿان ڪهڙو قلم کڻان اڄ،
وَڌي ويا وطن جا ويري گهڻا اڄ.
صحافت جي نالي ڪي کيسا ڀرن ٿا،
الائي ته ڇا ڇا پيا هي لکن ٿا،
پنهنجي قوم تي هي رحم ڪين ڪن ٿا،
صحافين ۾ باقي بچيا ڪي ڪڻان اڄ،
وَڌي ويا وطن جا ويري گهڻا اڄ.
سماجي خدمت جي دعويٰ ٿا ڪن جي،
اُنهن جي ڪهڙي هتڙي ڳالهه ڪجي،
آهن مافيا جي غور سان ڏسجي،
ڀلا تن جي ڪهڙي ڏاڙهي لُڻان اڄ،
وڌي ويا وطن جا ويري گهڻا اڄ.
ڏسو قوم جا هي مسيحا بڻيا هن،
اهي ڄڻ ته ڪي واپاري واڻيا هن،
مريض ڦريا تن وڏا اڻ ڳڻيا هن،
اهڙن ظالمن جا، ڇا پويان پڻيان اڄ،
وڌي ويا وطن جا ويري گهڻا اڄ.