شاعري

مري شالَ مَلهائِيان!

آزاد بخاريءَ جو هيءُ ڪتاب ’مري شال ملھائيان!‘ قومي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن ۾ پڙهندڙن کي نه صرف سنڌ سان ٿيندڙ ويڌن جي خبر پوندي، پر اُن ويڌن جي خاتمي لاءِ صلاحون پڻ موجود آهن، اُن ڪري مون کي اُميد آهي ته هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ مزاحمتي شاعريءَ جي حوالي سان هڪ بهترين اضافو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 1367
  • 293
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • آزاد بخاري
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مري شالَ مَلهائِيان!

ڌرتيءَ لاءِ لوچيندڙ شاعر آزاد بخاري

دنيا ۾ ادب جي شروعات شاعريءَ کان ٿي آهي، سڀ کان پهرين ٽي هزار ورهيه اڳ يونان ۾ شاعري اُسري، اُن بعد لاطيني کان ٿيندي يورپ ۽ ٻين ملڪن ۾ پکڙي، پر ڪن محققن جو خيال آهي ته ان کان اڳي چين علم ادب جو مرڪز هيو، پر جڏهن اسان سنڌي ادب تي نظر وجهون ٿا ته اسان جي لوڪ ادب جا اُهڃاڻ آڳاٽا نظر اچن ٿا. سنڌ جي ڀيٽ ۾ ٻين ٻولين ۾ شاعريءَ ۾ رومانس تمام پوءِ آيو آهي. يورپ ۾ سترهين صدي عيسويءَ ۾ پهريون ڀيرو Romantic لفظ روسو استعمال ڪيو، پر اسان جي سنڌي شاعريءَ ۾ اسان کي جيڪي لوڪ گيت ملن ٿا، اُنهن ۾ به ڀرپور رُومانس نظر اچي ٿو. اها سنڌ جي مٽيءَ جي ئي ڪماليت آهي، جو سنڌي شاعريءَ ۾ مزاحمت ۾ به رُومانس آهي. اسان جيڪڏهن عرب شاعرن جي شاعريءَ تي نظر وجهنداسين ته اُن شاعريءَ ۾ ڪٿي به فطري رُومانس نه ملندو ۽ نه ئي ڪائي مزاحمت. پر اسان جي سنڌي شاعري جي پهرئين ڪلاسيڪل شاعر قاضي قادن جي شروعاتي ستن بيتن ۾ به رُومانيت سان گڏ مزاحمت نظر اچي ٿي. تنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جي ادب جو بنياد ئي مزاحمت تي رکيل آهي؛ يا وري ائين چئجي ته غلام ڌرتيءَ جي ماڻهن جي اندر مان نڪرندڙ هر لفظ بغاوت هوندو آهي.
اهڙيءَ طرح اڳتي هلي شاهه لطيف جي شاعريءَ کي ڏسون ٿا ته شاهه سائين کلي بغاوت ڪئي آهي. شاهه سائين جو پورو رسالو نه صرف تصوف جي رنگ ۾ رچيل آهي، پر شاهه سائين جي سموري شاعري انقلاب تي آڌاريل آهي، جيئن پوءِ تيئن اهو سلسلو وڌندي نظراچي ٿو. سچل سرمست ۽ ساميءَ جي سُلوڪن ۾ به هڪڙي قسم جي مزاحمت آهي. هي اُهي شاعر آهن، جن انسانيت کي مذهبن، فرقن، ذاتين کان الڳ ڪري بيهاريو. ان بعد شاعرن جي هڪڙي ٻي کيپ تيار ٿي، جن شاعريءَ کي ڌرتيءَ جي عشق ڏانهن موڙيو، اهڙن شاعرن ۾ شيخ اياز، نياز همايوني، تنوير عباسي، شمشير الحيدري، محمد خان مجيدي، سرويچ سجاولي، ابراهيم منشي، سرڪش سنڌي، استاد بخاريءَ ۽ ٻين جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا. اهڙيءَ طرح مزاحمتي شاعريءَ جو اهو سلسلو اڄ تائين هلندو اچي، پر ڏينهون ڏينهن وڌندو رهي ٿو، سنڌ جي شاعرن جنهن فني قابليت سان انقلاب کي رُومانس ۾ آندو آهي، اهڙو مثال شايد دنيا ۾ ملي.
آزاد بخاريءَ جو شمار سنڌي ٻوليءَ جي اهڙن مزاحمتي شاعرن ۾ ڪري سگهجي ٿو. حليم باغيءَ وانگر آزاد بخاريءَ جي شخصيت کي ڏسي ڪوبه ماڻهو اهو فيصلو نه ڪري سگهندو ته اهڙي شاعريءَ جو خالق هي ماڻهو ٿي سگهي ٿو. آزاد بنيادي طور قومي ڪارڪن آهي. هن به سنڌ جي ٻين عاشقن وانگر سَن جي سنڌوءَ مان سُرڪ ڀري آهي. هي پڻ سائين جي. ايم سيد جي School of Thought جو شاگرد آهي. آزاد سنڌ، سنڌي قوم ۽ هن مٽيءَ سان ائين محبت ڪئي آهي، جيئن ڪو ٻار پنهنجي ماءُ جي ڪوسي ڪُک سان ڪندو آهي. هن سڄي سنڌ کي پنهنجي پيرن جي پڻين هيٺ لتاڙيو آهي. هي هر گهٽي، هر چوراهي، هر رستي تان گگدامن وانگر گذريو آهي. هن اڻڳڻيا مشاهدا ڪيا آهن. هن ڌرتيءَ تي ٿيندڙ انيائن کي پنهنجي سگهاري قلم وسيلي نروار ڪيو آهي. هن پنهنجا سمورا مشاهدا شاعريءَ جي رُوپ ۾ عوام تائين پهچايا آهن. سندس شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ جو درد اوتيل نظر اچي ٿو. سندس شاعري نه صرف انقلابي آهي، پر ان ۾ رُومانس جي به ڀرپور لذت موجود آهي.
سچ ته مون جڏهن سندس شاعريءَ ۾ جهاتي پاتي ته دنگ رهجي ويس. ڇو ته آزاد ڏسڻ ۾ هڪ معصوم ۽ سادڙو نظر اچي ٿو، پر سندس شاعريءَ جي پرواز تمام مٿانهين آهي. واقعي ڪڏهن ڪڏهن ننڍڙا ۽ معصوم ماڻهو ئي انقلاب آڻيندا آهن، جنهن جا اسان وٽ ڪيترائي مثال موجود آهن. آزاد بخاري شاعريءَ جي سڀني صنفن غزل، وائي، گيت، نظم ۽ آزاد نظم تي طبع آزمائي ڪئي ۽ هن هر صنف ۾ پاڻ ملهايو آهي. هونئن به غزل جي صنف علم عروض تي لکجڻ جي شروعات شڪارپور کان ڪلهوڙن جي دور ۾ ٿي آهي. تنهنڪري اهو چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته سنڌي غزل جنم ئي شڪارپور جي مٽيءَ ۾ ورتو آهي ۽ ان ئي مٽيءَ ۾ بانبڙا پائي وڏو ٿيو آهي. اهڙيءَ طرح جڏهن سندس وائي نظر مان گذري ته مون کي آزاد بخاريءَ جي وائي، شيخ اياز سان مقابلو ڪندي نظر آئي:
مري شال ملهائيان، جيجل توسان نڀائيان،
سانگين جا سور ختم ٿين، ڏيهه مان ڏاڍ ڀڄايان،
مري شال ملهائيان.
آزاد بخاري، هن وائيءَ ۾ ’مري شال ملهائڻ‘ واري جيڪا تشبيهه ڪتب آندي آهي، اهڙي تشبيهه تمام گهٽ شاعرن استعمال ڪئي آهي. شيخ اياز هڪڙي جاءِ تي اهڙي تشبيهه ڪم آندي آهي. آ رت ۾ خوشبوءِ مينديءَ جي. سندس هڪ وائيءَ جو هيءُ بند نج ڳوٺاڻي ماحول جي عڪاسي ڪري ٿو.
جهار ٿي هڪلي هارياڻي ڏس،
ڪيئن وڄن ٿا چنگ ٻنين ۾،
ڪيڏا آهن رنگ ٻنين ۾.
هارياڻيءَ جو جهار هڪلڻ ۽ ٻنيءَ ۾ چنگ جو وڄڻ، هتي سندس خيالن جي پرواز اُوچائيءَ جي بُلندين کي ڇُهندي نظر اچي ٿي ۽ شاعر سچ ته هارياڻيءَ جي دل جي درد کي ڇڪي ٻاهر ڪڍي آيل ٿو ڏسجي. آزاد هڪ انقلابي شاعر آهي، هونئن به انقلاب جو جذبو هوندو ئي ٻاروتڻ ۾ آهي. جنهن ڪري هن ڪيترائي ٻاراڻا گيت ۽ نظم لکيا آهن. سندس انقلابي شاعريءَ ۾ نه صرف ڌرتيءَ جو درد آهي، پر سارين ۽ کجيءَ جي خوشبوءِ جو هُڳاءُ به آهي. هن جيڪو به لکيو آهي، جيترو به لکيو آهي، سمورو سنڌ تي لکيو آهي. سنڌ! سندس رڳ رڳ ۾ رچيل نظر اچي ٿي.
آزاد جي شاعري جيتوڻيڪ سادي ۽ سلوڻي آهي، پر سندس خيال، سندس سوچن جي اُڏام وسيع آهي. هن جي ذهن ۾ جيڪي به خواب سِرجن ٿا، اُهي آزاديءَ جي لال ڪنوار سان لانئون لهڻ لاءِ آتا ڏسجن ٿا. هونئن به جيڪو ماڻهو خوبصورت خواب نٿو ڏسي سگهي، اهو ڪڏهن به خوبصورت سماج جي اڏاوت نٿو ڪري سگهي. غزل ۽ نظم ۾ ته ڪيترن ئي شاعرن مزاحمتي ٻولي استعمال ڪئي آهي، پر گيت ۾ تمام گهٽ شاعرن مزاحمتي واٽ ورتي آهي، پر آزاد بخاري گيت کي اهڙي ته انقلابي ٻولي ڏني آهي، جو پڙهندڙ جي اندر جا جذبات ڪَر کڻيو جاڳيو پون ۽ اَسي سالن جو جهُور پوڙهو به ويڙهاند لئه تيار ٿيو وڃي. اهڙيءَ طرح وري جڏهن هو ڌرتيءَ لئه دُعا ٿو گهري ته سندس اُن دُعا ۾ ڪيڏي نه آسيس، نياز، نوڙت ۽ معصوميت آهي.
رهي صوفين جي هي ڌرتي سلامت،
اچي نه شال ڪا هن تي قيامت،
دنيا جي ٿيندي هتان ئي امامت،
گجي نه هن تي ڪو بادل غمن جو،
گگن ۾ اُڏري پنڇي امن جو!
آزاد بخاري سنڌي ٻوليءَ جو انقلابي ۽ رومانوي شاعر آهي. موجوده دور جي شاعرن ۾ حليم باغي ۽ ايوب کوسي کانپوءِ ڪنهن شاعر انقلاب ۾ رومانس آندو آهي ته اهو آزاد بخاري آهي. آزاد وٽ لفظن جو ذخيرو آهي. لفظ سندس قلم جا محتاج بڻيل ڏسجن ٿا. شاعري سندس هٿ ٻڌي ٻانهي آهي.. سندس ٻولي نج ڳوٺاڻي آهي ۽ سندس شاعريءَ جي وڏي خوبي اها آهي ته سندس سمورا خيال سنڌ جا آهن. سنڌ جي مارو ماڻهن جي آهُن، دانهنُ، سُڏڪن ۽ پُڪارن جا آهن هن نه صرف سنڌ جي ڏُکن ڏوجهرن کي پنهنجي شاعريءَ جو محور بڻايو آهي، پر سندس خيال سنڌ جي خوشحالي، شادابيءَ جا ساکي به آهن ته سنڌ ماضيءَ ۾ ڪيتري سُکي هئي. آزاد بخاريءَ جو هي شعري مجموعو ”مري شال ملهائيان“ سنڌي ادب ۾ هڪ بهترين واڌارو آهي ۽ سندس هي شعري مجموعو جڏهن پڙهندڙن جي هٿن ۾ ايندو ته آئون يقين سان چوان ٿو ته ڀرپور مڃتا ماڻيندو.

[b]علي نواز آريسر
[/b]حيدرآباد
7 جولاءِ 2013ع
03462242883