ديس جي مٽي
مٺڙي ديس منهنجي جي مٽي،
توکي پيشاني لايان مان،
”مون ۾ تون موجود ازل کان“،
تو مان ڄايو آهيان مان.
تنهنجي چيڪي مٽي ميڙي،
گپ چِڪ گارو ٺاهيان مان،
تنهنجي خوشبو مهڪي پوي ٿي،
جِت جِت پير ٿو پايان مان.
تنهنجي واري چِلڪي واري،
چاندي جهڙي ڀايان مان،
تنهنجو نانءُ مقدس سمجهي،
سيني تي ته لکايان مان.
تنهنجا ڀورا ڀينڊ سدائين،
خاڪ شفا ٿو سمجهان مان،
توتي ڪنڌ نمائي جيجل،
سجدي ۾ پيو ساريان مان.
تنهنجو شاھ لطيف آ عاشق،
جنهن جو عاشق آهيان مان،
تون جي سڏ ۾ سڏڙا ڏئين ته،
ڀاڳ ڀليرا ڀانئيان مان.