ڀل ته پنهنجي ديس ۾ ٽهڪ ڏين چلوليون،
وطن جا ويڙها وسن، ۽ وسن سڀ دليون،
مارو ٿين خوش ۽ ٽڙن دل جون ڪليون،
ٽهڪ ڏين چلوليون.
نَهوَر نه رهن ٻنيون، پاڻي ۾ پُر هجن،
پوکن اندر ساوڪ اچي ۽ سرسبز ٿين وليون،
ٽهڪ ڏين چلوليون.
ڀالوا جي ڀِٽ تي، بادل گجن وسڪارا ٿين،
مور ٽهوڪا هجن ۽ مال سنديون وڄن ٽليون،
ٽهڪ ڏين چلوليون.
رت بسنتي سڳنڌ سان، واسجي وڃي فضا،
ڇيلا ڪسن ميلا مچن، روشن رهن من ڳليون،
ٽهڪ ڏين چلوليون.
”آزاد“ ڌڻي در اڳيان، هٿ کڻي دعا تون پن،
ديس تي ڌارين جون آيل، آنڌيون وڃن سڀ هليون،
ٽهڪ ڏين چلوليون.