پاڻ ڪنهن زورآور سان ڪڏهن ٺهون ئي ڪونه،
ڪنهن جي ڪِڙ ڪِڙِ ڪٿ ڪا سهون ئي ڪونه.
پنهنجي دل جا اسين آهيون شهنشاھ دوست،
ڪنهن ڀوتار، سردار جي ڪڍ لڳون ئي ڪونه.
دشمنن جي اک ۾ ٻاٻري ڪنڊي جيان چُڀون،
۽ پرين جي دل تان ڪڏهن لهون ئي ڪونه.
رسي وڃي صنم، ته ڳچيءَ ڳارو وجهي پرچائبو،
پر پاڻ پنهنجي صنم کان ڪڏهن رسون ئي ڪونه.
حسن جي درٻار جا هر وقت آهيون غلام،
پر زاهدن جي ته مجلسن ۾ وڃون ئي ڪونه.
ڀل هجي حور يا ڪا ڪوهه قاف جي پري،
پاڻ پنهنجي جانان کانسواءِ ڪا ڏسون ئي ڪونه.
محلاتن ۾ چون ٿا نازڪ نفيس مھه جبين آهن،
پر ڳوٺ جي ماهرو مُک کان وڌ ڪا ٻڌون ئي ڪونه.
سدائين دار ۽ دلبر ڏي وڃون ٿا ڇڪجي پاڻ،
انڪري ڪنهن حاڪم جي حضور ۾ رهون ئي ڪونه.
رهيا ”آزاد“ آهيون، خيال پنهنجي ۾ سدائين،
ڪنهن نيچ نظريي خاطر نظريو بدليون ئي ڪونه.