مونسان ساري سنڌ آهي، ڀڄي وڃ اي گيدي تون،
توکان وڌ مان ٻيڻو هان، هيڻو نه سمجهه مونکي تون.
تو وٽ اهڙو سڪو ناهي، جيڪو منهنجو ملهه ڪري،
توسان وڙهبو ڇاتي تاڻي، دنيا سامهون هُل ڪري،
موت نه ڪو مهڻو آهي، موت جو مون کي ڀؤ نه آ،
تنهنجي گولي آئي جي، ته سيني هڻبي گل ڪري،
هيڻو نه سمجهه مون کي تون.
جڏهن کان آهي ڀونءِ بڻي، تو مون سان آ تڪرار ڪيو،
توتي مون آ وار ڪيو، جت جت تو آزار ڪيو،
جنگ ازل کان جاري آهي، جاري رهندي منزل تائين،
مان جي مرندس موٽي ايندس، آ مارن سان اقرار ڪيو،
هيڻو نه سمجهه مون کي تون.
نيٺ ته ايندين واري ۾، هي وردي ويندي تنهنجي لهي،
هڪ ڏينهن هي ٿاڻا ڪاڻا تنهنجا، ويندا لحظي منجهه ڊهي،
هيءَ ديس ڪڏهن خاموش نه سمجهه، ساگر سانت نه رهڻوآ،
هي جي اٿيو ڇولي بڻجي، تنهنجي گولي ويندي لڙهي،
هيڻو نه سمجهه مون کي تون.