انڌيرن ۾ شمع جلايو ته روشن جهان ٿئي،
ڇو چانڊوڪين ۾ فانوس پيا ٻاريو.
اڏيو جي ته ڪو نئون جهان ئي اڏيو،
ورنه روايتي محل ڇا لئه پيا ٺاهيو.
نفرتن جي باهه وِسايو ڪجهه تدارڪ ڪيو،
محبتن جو پاڻي کڻي ڇو نه پيا هاريو.
ڌيرج سان ٻڌو ۽ ٻڌايو مسئلا سڀئي،
ڌڪي، ڌمچر، ڌڪ سان ماڻهو ڇو پيا ماريو.
وهي رت پيو ڇو ناحق هتي انسان جو،
جنگ کان نفرت ڪري امن ڇو نه پيا آڻيو.
”آزاد“ سڏائڻ سولو آ، آزاد فضائن ۾،
غلامي ۾ آزادي جا نعرا ڇو نه پيا لڳايو.