ڪجهه ڪڇ
ڪجهه ته ڪڇ ڇا ٿو چاهين،
زبان آ توکي تون بي زبان ناهين.
هت ڏاڍ جبر جي ظلمت ۾،
هت رات انڌاريءَ وحشت ۾،
جيئرو رهندين ڪيئن او ساٿي،
هت انڌ نگر جي دهشت ۾،
ڇا تنهنجو ساهه، گهٽيو ناهين،
ڪجهه ته ڪڇ ڇا ٿو چاهين.
هت داد نه آ فرياديءَ جو،
هت حڪم هلي ٿو گاديءَ جو،
هن ملڪ ۾ آ قانون ڪهڙو،
هت ڍونگ آهي آزاديءَ جو،
اٿ جاڳ ڇو ننڊ پيو آهين،
ڪجهه ته ڪڇ ڇا ٿو چاهين.
هت روز ٿا پنهنجا مارو مرن،
هت ڏينهن ڏٺي ٿا ڌاڙا لڳن،
امن چڙهي ويو آ سوليءَ،
هت چور لٽيرا راڄ پيا ڪن،
تون سوچ ذرا ڪٿ آهين،
ڪجهه ته ڪڇ ڇا ٿو چاهين.
هت ٻولي پنهنجي اجڙي وئي،
هت ڌرتي هٿن مان نڪري وئي،
روز ڌارين جي ٿي لوڌ اچي،
هت مت آ ڇو تنهنجي مري وئي،
ڪيئن غير ٿو پنهنجا ڀائين!
ڪجهه ته ڪڇ ڇا ٿو چاهين.
هت آءُ ته گڏجي سڏجي لوچيون،
هت سانگين لاءِ ڪجهه سوچيون،
هيءَ رات هميشه ڪونه هوندي،
هت صبح ٿيندو، جڳ ڏيندو واڌايون،
هاڻي وقت پري ڪو ناهين،
ڪجهه ته ڪڇ ڇا ٿو چاهين.