پلاند پراڻو نه ٿيندو
سڄي سنڌ ۾ ڇانيل سرهائي هئي،
هوءَ نئين جوش جذبي سان آئي هئي.
هن ملڪ جا مارو روئندي ڏٺا،
هن لاش لهوءَ ۾ لڙهندي ڏٺا.
هوءَ ظلمتن ۾ اُميدن جو جگنو هئي،
هوءَ وحشتن ۾ آسرو، حوصلو هئي.
هوءَ عدوءَ سان مقابل روبرو هئي،
هوءَ وطن جي لڄ ۽ آبرو هئي.
هوءَ ٿربر، ڀٽن جي ڀرجهلو هئي،
هوءَ بي پهچ ماڻهن جو ڪلهو هئي.
هوءَ سڄي ملڪ جو مان توقير هئي،
هوءَ دلين جي راڻي، سنڌ جو خمير هئي.
هوءَ موت جي منهن ۾ للڪار هئي،
هوءَ اغيار جي مٿان تلوار هئي.
هوءَ سيتا، گيتا ۽ ممتا هئي،
هوءَ سنڌ جي سڃاڻپ، مڃتا هئي.
هوءَ شهيد ”ذلفي“ جي تصوير هئي،
جنهن جو نه ڪو نظير هوءَ بينظير هئي.
سندس رت رنگيل رئي جو قسم ٿو کڻان،
ٿيندو پلاند پراڻو نه، وچن ٿو ڏيان.
وٺبو سوراج ديس جو نعرو ٿو هڻان،
ڀل ديس دروهين کي وڻان نه وڻان.