شاعري

مري شالَ مَلهائِيان!

آزاد بخاريءَ جو هيءُ ڪتاب ’مري شال ملھائيان!‘ قومي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن ۾ پڙهندڙن کي نه صرف سنڌ سان ٿيندڙ ويڌن جي خبر پوندي، پر اُن ويڌن جي خاتمي لاءِ صلاحون پڻ موجود آهن، اُن ڪري مون کي اُميد آهي ته هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ مزاحمتي شاعريءَ جي حوالي سان هڪ بهترين اضافو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 1358
  • 289
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • آزاد بخاري
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مري شالَ مَلهائِيان!

ٻه لفظ شاعر جا...!

مون 1982ع ۾ پهريون آزاد نظم لکيو هيو، جيڪو سنڌيت جي جذبي سان سرشار ٿي سرجيم ۽ اهو استاد غلام علي چني کي ڏيکاريم، جنهن ان جي درستگي ڪئي، جيڪو چڪ ادبي سنگت (چاس) جي ادبي گڏجاڻي ۾ پڙهيو هيم، استاد محمد هارون چني، ڊاڪٽر امان الله منگي، ٻالچند ايسراڻي ۽ ٻين دوستن مونکي داد ڏيندي واه واه ڪئي ۽ لکڻ لاءِ همٿايو هيو. ايئن مان هر هفتيوار ادبي گڏجاڻي ۾ سنڌ جي عشق ۾ لکيل غزل، گيت، نظم ۽ آزاد نظم کڻي ويندو هئس ۽ پنهنجي شاعري جي تصحيح ڪرائيندو رهندو هئس، پوءِ ڏسندي ڏسندي مون پنهنجي شاعري قومي تحريڪ جي جلسن، خاص طور ”جشن لطيف“ ۾ وڃي پنهنجي مخصوص انداز ۾ پڙهي، رهبر سنڌ جي ڏنگن ٻارن کان به داد وصول ڪرڻ لڳس، ۽ لکندي لکندي سنڌ جي عشق حقيقي کان پرين جي پار، عشق مجازي ۾ به ڪاهي پيس منهنجي اها دلي تمنا هئي ته منهنجي قومي شاعري شايع ٿئي ۽ منهنجو ڌرتي سان عشق جو چرچو منهنجي شعر جي زباني ماڻهو ٻڌن ۽ پڙهن. اها به حقيقت آهي ته منهنجي شاعري علم عروض جي اصولن تي پوري نه لهندي هوندي، پر جيئن ته هر ماءُ کي پنهنجو ڪوجهو ۽ ڪاڙو ٻار ٻين ٻارن کان وڌيڪ سهڻو لڳندو آهي، تيئن هر شاعر کي پنهنجي شاعري ٻين شاعرن جي شاعري کان وڌيڪ سُندر لڳندي آهي. ايئن مون به پنهنجي شاعري کي بهتر سمجهي ڪنهن وڏي شاعر(!؟) کان تصحيح ناهي ڪرائي، توڙي جو منهنجي شاعري ۾ (بقول دوستن جي) ڪجهه جهول آهن. اها به هڪ حقيقت آهي ته شاعري به هڪڙي ڏات آهي، جيڪا هر شاعر وٽ هڪجهڙي نٿي ٿي سگهي، اُنڪري هڪ شاعر کي ڪنهن ٻي شاعر سان ڀيٽڻ مان صحيح نٿو سمجهان، جيئن هر گل ۾ پنهنجي پنهنجي خوشبوءِ ٿئي ٿي، تيئن هر شاعر ۾ پنهنجي هڪ الڳ سُڳنڌ ٿئي ٿي، اها سڳنڌ ڪنهن کي ڀانءِ نٿي اچي ته اهو سندس حق آهي، ڇو جو اڄڪلهه سنڌ ۾ تمام گهڻي شاعري سرجي پئي. ڪيترا شاعر پنهنجي شوق ۽ ذوق لئه لکن ٿا ۽ جام ڇپجن به ٿا، پر منهنجي هيءَ شاعري سنڌ سان، منهنجي عشق جو اظهار آهي، جنهن ۾ مون ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌين جي آزاديءَ جي حق (جيڪو حقيقت ۾ انساني حقن سان ئي جڙيل آهي) جو ذڪر ڪريان، اُن ۾ مان ڪيتري قدر ڪامياب ٿيو آهيان اهو ته پڙهندڙ ئي ٻڌائي سگهن ٿا. مون پنهنجي شاعريءَ ۾ هر قسم جي دهشتگردي جي خلاف به لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پوءِ اها رياستي دهشتگردي هجي، نسلي دهشتگردي هجي، مذهبي دهشتگردي هجي يا طبقاتي دهشتگردي هجي، اُن کي مون پنهنجي شاعري ۾ بيان ڪيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته منهنجي شاعري ڪنهن دوست کي نعري بازي لڳي، پر مان سمجهان ٿو ته نعرا ئي نظرين جا پرتو هوندا آهن ۽ پنهنجو نظريو سنڌ آهي ۽ سنڌ جي آجپي لاءِ نينهن جا نعرا ضرور لڳڻ گهرجن. منهنجي ڪنهن هڪ غزل، گيت، وائي، نظم، آزاد نظم يا نثري نظم جي پڙهڻ سان جيڪڏهن ڪو هڪ جوان به سنڌ پرور ٿي وڃي ٿو ته منهنجو هرگيت امر ٿي ويندو. آخر ۾ مان چند دوستن جو شڪر گذار آهيان، جن هن ڪتاب جي سلسلي ۾ منهنجي رهنمائي ڪئي، ٻه اکر لکيا ۽ سٺا مشورا ڏنا، اُنهن ۾ محترم ارڏو اترادي، ڊاڪٽر خادم منگي، علي نواز آريسر، ادي ناياب سرڪش سنڌي. استاد محمد هارون چنو، غلام محمد غازي، گوهر سنڌي، حاڪم مهر (چڪ) ، احسان علي لغاري، طارق ابڙو ۽ ذوالفقار حيدر اوٺو قابل ذڪر آهن.

[b]آزاد بخاري
[/b]چڪ، شڪارپور
فون نمبر 3775990-0306