شاعري

مري شالَ مَلهائِيان!

آزاد بخاريءَ جو هيءُ ڪتاب ’مري شال ملھائيان!‘ قومي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن ۾ پڙهندڙن کي نه صرف سنڌ سان ٿيندڙ ويڌن جي خبر پوندي، پر اُن ويڌن جي خاتمي لاءِ صلاحون پڻ موجود آهن، اُن ڪري مون کي اُميد آهي ته هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ مزاحمتي شاعريءَ جي حوالي سان هڪ بهترين اضافو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 1367
  • 293
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • آزاد بخاري
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مري شالَ مَلهائِيان!

او آزادي

او آزادي
 او بي چئي او بي چئي، مان اڪيلو ديس ۾ اجنبي،
توکي هت ڳوليان پيو، هاڻي ته مل اچي!

پرهه جي ماڪ موڪلائي وئي، سج آھي ڪني ڪڍي،
کيت ۾ همرچو هونگار ٿي، ديس ۾ پيا هن هٻڪار ٿي،
هاري ناري نڪتا سينگارجي، هاڻي ته مل اچي!

ننڊ مان ڏيهه واسي اٿيا، جوٽ جوڙي جابجا هن گڏيا،
لاب لبندا رهيا يار کلندا رهيا، ۽ پيار وارا هن مليا،
مارو نچيا ميگهه ملهار ٿي، هاڻي ته مل اچي!

سرگوشين ۾ ٿيا واعدا وچن، گگن هيٺان ڪونجون اڏن،
ڪڻ ڪڻ سنديون لاتيون لنون، ڄڻ هي چونديون هجن،
او سانگيئڙا دل جا سکي، هاڻي ته مل اچي!

او بي چئي او بي چئي، ڇو؟ تون ملين ئي نه پئي،
رنگ جيون ۾ ڀرين ئي نه پئي، تون اچين ئي نه پئي،
آءٌ اڪيلو، ديس ۾ ۽ بيوسي، هاڻي ته مل اچي!

او منهنجي حياتي، عشق توسان سچو آ ناتو جذباتي،
او منهنجي خوابن جي شهزادي، او آزادي او آزادي،
هاڻي ته ڏئي وڃ مونکي ڪا خوشي، هاڻي ته مل اچي!