سنڌي ٻولي اڄ به، لَپِيُنِ ۾ ورهايل،
ڪٿ عربي، ڪٿ ديوناگري مان ٺاهيل.
هڪ قوم جي ٻولي، ٻن ٻيڙين حوالي،
مذهب جي گاري سان آ زوريءَ اڏايل.
هڪ جاءِ اردو ٻي جاءِ هندي،
ٻنهي غير ٻولين جي آ سنڌي ستايل.
پنهنجي ديس ۾ ناھ قومي ٻولي سنڌي،
پنهنجن ئي هٿن جي ته آهي هيءَ گهايل.
وڌي ويجهي آهي، غلامي ۾ هيءَ پر،
لپي به هن جي آ غلامي ۾ ڄايل.
پنهنجي ٻولي ”آزاد“ اٿ ته بچايون،
”سنڌ ادبي سنگت“ جو آ نعرو لڳايل.