آزاد بخاري جي شاعريءَ ۾ محبوب سنڌ نظر آئي!
”مري شال ملهائيان“ جي عنوان سان شاعريءَ جي هن ڪتاب ۾ غزل، گيت، وايون، نظم،آزاد نظم ۽ نثري نظم ڏنل آهن، جن مان ڪجهه سمجهه ۾ آيا ته ڪجهه نه سمجهي سگهيس!
بهرحال آزاد بخاري جي شاعريءَ ۾ ڌرتي سان عشق ۽ ڌارئي کان نفرت جو اظهار آهن، جيئن:
اڄ باهه بلوچستان ۾ ڀنڀٽ ٿي آ ڀڙڪي ڙي،
تخت لاهور ۾ ڏار پيا هيءَ قوم ڪٿان آ ڪڙڪي ڙي.
آزاد بخاري ڌاري قوم کي ايئن ڪڙڪندي ظاهر ڪيو آهي، جيئن جهولي جي مُند ۾ ڏينڀو گهرن ۾ ڪاهي پوندا آهن ۽ پوءِ ٽولن جي صورت ۾ جهولي کان بچڻ لاءِ گهرن ۾ پناهه ڳوليندڙ ڏينڀو گهر مالڪن کي ڏنگيندا آهن!
آزاد بخاري پنهنجي غزل ۾ هيئن به لکي ٿو ۽ جيڪو ڪجهه اندر سان ٺهڪندڙ آهي!
بيدار ٿي انسان، حيوان اچي ويا،
مذهب جو پائي پوش، بي ايمان اچي ويا.
ناحق ٿا وهائي رت، خوشيون ملهائين،
ماڻهن ۾ آ چوٻول، ترخان اچي ويا.
مسجد نه، مندر ڪوئي آزاد هتي آ،
رحمان ۽ ڀڳوان گهر، شيطان اچي ويا.
آزاد جي لفظن ۾ ڪيتري نه سچائي آهي ۽ اهڙن بدڪردارن جي منهن تي هڪ زبردست چماٽ آهي! آزاد بخاري جون وايون به ڪمال ٿيون رکن، جن ۾ پُٽ کي پارت ڪري ٿو، ڌرتيءَ لاءِ آواز اٿارڻ جي!
قلف ڪڙا کول پُٽَ،
ڌرتيءَ جا ڍول پُٽَ،
چپ- چپ ڇو آهين،
رڙ ڪر ڪا، ٻول پُٽَ،
ڌرتيءَ جا ڍول پُٽَ....
سچ پچ ته آزاد بخاري جي شاعري اندر جي احساسن کي ڇهڻ واري آهي. توهان پڙهو ته سهي !
ڪيڏا آهن رنگ ٻنين ۾،
ساوا هيڊا سنگ ٻنين ۾،
جهارِ ٿي هڪلي هارياڻي ڏِسُ،
ڪيئن وڄن ٿا چنگ ٻنين ۾،
ڪيڏا آهن رنگ ٻنين ۾...
آزاد بخاري جا جڏهن نثري نظم پڙهيم ته، ڪٿي- ڪٿي آئون روئي ويٺس ۽ منهنجي اکين آڏو منهنجو محبوبُ- محبوبِ سنڌ بشير خان قريشي اچي ويو!
جيڪڏهن مان دوستو
شهيد ٿي وڃان
ديس جي ويڙهاند ۾،
مونکي يڪدم نه پورجو،
منهنجي لاش کي ڏسي
متان ڪو جوش ۾
اچي وڃي!
۽.............!
متان ڪو اٿي پوي
متان ڪو لڙي پوي
۽ قوم پئي سجاڳ ٿي
آزاد ٿي
آزاد ٿي!
آزاد بخاري هڪ بهترين ليکڪ آهي ۽ سندس احساس، هر پڙهندڙ جا احساس آهن! هونئن به ليکڪ اهوئي آهي، جيڪو ڪجهه لکي ته سندس لکڻين ۾ ايتري ته مضبوطي هجي، جو سندس شاعري جڏهن به پڙهي ۽ ٻڌي وڃي ته، اها حالتن پٽاندڙ هجي! آئون آزاد بخاري کي ايئن چوڻ جي هجت به ضرور رکان ٿي ته، اُهي اڃان وڌيڪ محنت ڪن!آئون اوهان کي ٻڌايان ته، مون جڏهن به لکيو ۽ جيڪو به لکيو، سو پنهنجي ”ابي“ سائين سرڪش سنڌي آڏو ضرور رکندي هيس! پوءِ اهو نثر هجي يا شاعري! هڪ ڀيري هڪ قومي گيت سندس آڏو رکيم، پڙهي چيائون: ”ابا! هڪ ڀيري آئون استاد بخاري وٽ ويٺو هئس ۽ استاد بخاري جي شاعري پئي هئي، جنهن ۾ تمام گهڻي ڊاهه- ڊوهه ٿيل هئي! جنهن تي استاد بخاري مونکي چيو ته، ’سرڪش! آئون لکندي ايتري ولوڙ ڪندو آهيان جو، هڪ مان ٻيو شعر لکجي ويندو آهي !‘ سو، ابا تو ن به ائين ڪندي ڪر!“ ابي جا اهي لفظ منهنجي اندر ۾ هڪ مضبوط گهر ٺاهي ويهي رهيا! ڀلا ويهن به ڇو نه ها! آئون ته ڪجهه به نه هيس، ابي ته وري سائين استاد بخاري جو مثال ڏنو هيو!
گهٽ وڌايون ته هن سنسار جي تخليقڪار وٽ به ئي آهن، انسان ته ويچارو انسان آهي! آئون آزاد بخاري جي ٿورائتي آهيان، جن مونکي پنهنجي شاعري تي لکڻ جو موقعو ڏنو! شال سدائين سنڌ ۽ سنڌين لاءِ جيئن!
جيئي سنڌ
[b]ناياب سرڪش سنڌي
[/b]لاڙڪاڻو