سنڌ ڄائي
ڏسو! سنڌ ڌرتي، روئي ٿي رڙي ٿي،
تتل تيل ۾ ڄڻ ڪڻڇي ڪڙهي ٿي.
ٻڌو روڄ راڙو آ، ماتم گهرن ۾،
اڃان ڪوڪون ڪيهان ٻڌون ٿا برن ۾،
ٽانڊن جيان ماڻهو پڄري رهيا هن،
جهر جهنگ سارا روئي رهيا هن،
پڪا پوڙها ٻالڪ چون ٿا هي روئي،
ڪري ڊوهه ويا هن اسان سان ته ڊوهي.
نياڻي نماڻي کي ماري وڌائون،
سڄي ديس جو هانءُ ڦاڙي وڌائون.
ملنگ، مارو، مولا جا مڇري اٿيا هن،
کڻي جهنڊا ڳاڙها هي نڪري پيا هن.
دما دم ڪري جي ڪو مست قلندر،
ته ڇلڪي اٿندو، سنڌو جو ساگر.
ڪندا پلاند پنهنجي ڀيڻ جو آخر،
لڳي ويندا جهنڊا ڪهاڙي جا در در.
ماري وجهندا گهاتو، جنتا سان مانگر،
نه رهندو تونگر نه پاپ جو نگر.
ٿيندو سپنو ساڀيان ڀٽائيءَ جو،
دودي، دولهه، رهبر سنائيءَ جو.
بختاور جي ڀيڻ، ٻاگهل ٻائيءَ جو،
ديش ڀڳت هرهڪ سپاهيءَ جو.
ٿيندو خوش روح نياڻي نماڻيءَ جو،
ذلفي ڄائي بلاول جي آئيءَ جو.
ڌرتي جي ڌيءَ پورب ڄائيءَ جو،
شهيد بينظير سنڌ ڄائيءَ جو.