سنڌ جا نوجوان
تون موهن جي دڙي جيان اٽل آهين،
ڇو جبر جي مٽيءَ ۾ دٻيل آهين.
تنهنجو حال رهيو آ نه مستقبل ڪوئي،
غور ڪر ته کائي پئي توکي اڏوهي.
تنهنجي حال تي ڪهڙو ماتم ڪجي اڄ،
جي روئجي ته ڪنهن سان روئجي اڄ.
نه حال ڀائي ڪو نه درد جو آ درمان،
نه ڪوئي همدم نه ڪوئي پاسبان.
نه ڪو جهانگيري محل، اڏيل آ هتي،
نه انصاف لئه گهنڊ لڳل آ ڪٿي.
جو سڄي رات انجي رسي کي ڇڪيون،
۽ حاڪمن جا مئل ضمير جهنجهوڙيون.
هت نه ڪو منصور آ، جي سچ چئي،
نه طورسين جو ڪو ٿو راهي رهي.
جو خدا به ٻڌي ان جي فرياد کي،
وٺي ظالمن کان هڪدم حساب ڏي.
توکي پنهنجو حساب پاڻ وٺڻو آهي،
تنهنجو ماضي حال ۽ مستقبل به آهي.
توکي هن ئي مٽي مان اٿڻو آهي،
وٺي ٻيهر جنم ته ورڻو آهي.
تون ئي روپلي جو راڻو هئين،
صبغت الله جو ساهه سباڻو هئين.
تون مظفر جي، خوابن وهاڻو هئين،
تون سميع جو نينهن نماڻو هئين.
تون پنهنجي مقدر جو سڪندر آهين،
تون روشن سنڌوءَ جو سحر آهين.
تون موهن دڙي جيان اٽل آهين،
تون سنڌ جو هالار جبل آهين.
توکي لوڏي نه سگهندو عدو ڪوئي،
هر دفعي سنڌ کي بچايو تو ئي.
هڻ نعرو هيمون جيان ڪڙڪي پئه نوجوان،
وڌي ويا سنڌ جي سورن جا سامان!!