پنهنجي ڌرتي جي مٽيءَ ۾ پيار جو اچ ته ٻوٽو پوکيون،
پاڻي ڏئي محبت وارو نفرت کي پاڙ کان کوٽيون.
گيت امن جا جهرجهنگ ڳائي جاڳايون ٿربر کي،
مئل ماڻهن جي دل ۾ آءُ ته جيئرن جو روح ڦوڪيون.
مايوسيءَ آ واسو ڪيو ڏس منهنجي ديس جي دل ۾،
گرمايون ماحول کي اچ ته ويڳاڻپ کي روڪيون.
آهي عدوءَ کي طاقت ڪهڙي منهنجي ديس تي ڪاهي،
آءُ ته باغي بڻجي پنهنجو ڳاڙهو جهنڊوڪوڪيون.
ديس مٿان لامارا لاتا، غير ڳجهن هن ڪيڏا،
ماروئڙن جو ماس پٽن ٿيون، آءُ ته ڪاتيون ٺوڪيون.
آزاد هوا جو قدر پيارا، ”آزاد“ ماڻهو ٿا ڄاڻن،
غلامن جي وستيءَ ۾ اچ واٽ آزادي ڳوليون.