ڪل ئي ناهي
وقت ٿو گذري واءُ جيان،
رند وڃن ٿا گهنڊ وڄن ٿا،
رات جي پويان ڏينهن اچن ٿا،
توکي ڪائي ڪل ئي ناهي،
بيحس منهنجا يار ته ٻڌ.
اٽل ارادي وارا بيٺل،
پولا ڏس ڄڻ وڻ ڪرن ٿا،
ڌرتيءَ تي طوفان اچن ٿا،
توکي ڪائي ڪل ئي ناهي،
بيحس منهنجا يار ته ٻڌ.
زلزلو ملڪ ۾ آھ اچي ويو،
سارا شهر لڏن ڌڏن ٿا،
جهوپا جهانگين جا ته ڊهن ٿا،
توکي ڪائي ڪل ئي ناهي،
بيحس منهنجا يار ته ٻڌ.
مينهن وسي ٿو گولين وانگي،
گجڻن جا گجگاٽ ٿين ٿا،
گهر تنهنجي ۾ ڏار پون ٿا،
توکي ڪائي ڪل ئي ناهي،
بيحس منهنجا يار ته ٻڌ.
نانگ بلائون نڪتيون آهن،
سانگين کي ڏس ڏنگ لڳن ٿا،
ٻوڏ ۾ ڪيڏا ڳوٺ ٻڏن ٿا،
توکي ڪائي ڪل ئي ناهي،
بيحس منهنجا يار ته ٻڌ.
پيٽ پرين لئه جهيڙو آهي،
جهرڪن کي ڏس باز کڻن ٿا،
بازن کان شهباز کسن ٿا،
توکي ڪائي ڪل ئي ناهي،
بيحس منهنجا يار ته ٻڌ.
ننڊ ۾ ستو پيو آهين تون،
دنيا جا سڀ لوڪ اٿن ٿا،
هاري ناري جوٽ ٻڌن ٿا،
توکي ڪائي ڪل ئي ناهي،
بيحس منهنجا يار ته ٻڌ.
پنهنجي ڏيهه جا ڍول ۽ ڍاٽي،
سولين تي ڏس روز چڙهن ٿا،
دولهه، دودا روز وڙهن ٿا،
توکي ڪائي ڪل ئي ناهي،
بيحس منهنجا يار ته ٻڌ.