اي ديس منهنجا دلدار پرين،
منهنجي تن من جا ٺار پرين.
تنهنجي نانءَ مٺي جي لولي ملي،
ان لوليءَ ۾ تنهنجي ٻولي ملي،
تنهنجي ٻوليءَ جي عظمت جو قسم،
اهڙي ٻي نه ڪائي ٻولي ملي،
اي ديس منهنجا……..
منهنجي تن من جا ……..
توتي ساهه ڏئي ويساهه ڏيان،
ڪنهن ويريءَ جو نه وار سهان،
توکي پيار ڏيان چشمن سان چميان،
تنهنجي دشمن جو ڌڙ ڌار ڪيان،
اي ديس منهنجا……..
منهنجي تن من جا ……..
تنهنجي سنڌوءَ جي جل پاڪ مٿان،
سؤ بار هزار مان سجدا ڪيان،
جي ڊئم ٺهن، سي بند ڀڃان،
تنهنجي ويرين جا ڪنڌ ڪوري ڇڏيان،
اي ديس منهنجا……..
منهنجي تن من جا ……..
تنهنجي نانءُ جو هردم ورد ڪيان،
تنهنجي شان ۾ ڪيئي شعر لکان،
تنهنجي بر ٿر جي واريءَ مٿان،
ڪي نظم چوان ڪي گيت پڙهان،
اي ديس منهنجا……..
منهنجي تن من جا ……..
تو لئه دانهون ڪري فرياد ويا،
تنهنجا نياز، اياز، استاد ويا،
ڏس سوراجي هن طبل وڳا،
ڇڏي ننڊ ٻچا هن جاڳي اٿيا،
اي ديس منهنجا……..
منهنجي تن من جا……..
تو ۾ منهنجو ڀٽائي شاهه آهي،
تنهنجي سرحد منهنجو ساهه آهي،
”آزاد“ هي تنهنجو پٽڙو آ،
تو لاءِ مري، تو مباح آهي،
اي ديس منهنجا……..
منهنجي تن من جا ……..