شاعري

مري شالَ مَلهائِيان!

آزاد بخاريءَ جو هيءُ ڪتاب ’مري شال ملھائيان!‘ قومي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن ۾ پڙهندڙن کي نه صرف سنڌ سان ٿيندڙ ويڌن جي خبر پوندي، پر اُن ويڌن جي خاتمي لاءِ صلاحون پڻ موجود آهن، اُن ڪري مون کي اُميد آهي ته هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ مزاحمتي شاعريءَ جي حوالي سان هڪ بهترين اضافو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 1358
  • 289
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • آزاد بخاري
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مري شالَ مَلهائِيان!

اوجيجل

اوجيجل
صديون
سال گذري ٿيا
ڪڏهن.....!
آسمان تان هڪ ٻرندڙ گولو ڪريو هو
صدين پڄاڻان هو آخر ٺريو هو
خبر ناهي ڪيئن،
پر ماتا !
ان گولي جي هڪ حصي تي
جڏهن تنهنجو جنم ٿيو
۽ تون
نيري آسمان هيٺان
دور دور تائين پکڙجي وئينءَ،
ڪراچيءَ کان مانسروور تائين
تنهنجي جهولي سرسبز ۽ آباد ٿيڻ لڳي
توکي، پٽ ٿيا ڌيئرون ٿيون،
ڪي سپوت ٿيا،
ڪي ڪپوت ٿيا
تنهنجي حسن جي هرهنڌ هاڪ هلي،
پر........ ،
پرمارن توسان حسد ڪيو.

توتي ڪاهون ٿيون
خون تنهنجون راهون ٿيون
ڪنهن نه آهون ٻڌيون
توکي ٻچڙن سان گڏ ڪچليو ويو
تنهنجيا ڪيئي حصا
ڪٽي توکان ڌار ڪيا ويا
تنهنجي آباد دنيا کي برباد ڪيو ويو
تنهنجي اولاد کي سرعام ڪٺو ويو
۽ تون رني هئينءَ،
پاڻ پٽيو هئي،
تنهنجا سپوت اٿيا
تو لئه رت ڏنو.
۽ توکي آزاد ڪرايو
تنهنجي خوشحالي توکي موٽي ملي
تو مسڪرايو هو
پر.......،
پرمارن توسان حسد ڪيو.

وري توتي ظلم ٿيا
توسان ناحق ٿيا!
تنهنجن ٻچن جو زبانون ڪٽي
تنهنجي عزت آبرو لُٽي وئي
اهڙا ڪيئي ڪيس
توسان ٿيندا رهيا
۽ وري تو ٻيهرپنهنجا لڙڪ هاريا
تو دانهن ڪئي
تنهنجا سپوت اٿيا
۽ تو لئه رت وهائي
تنهنجي آجپي لاءِ
آخري دم تائين گوڏا ٻڌي وڙهيا
توتان سر ڏئي سرها ٿيا
۽ پوءِ ڇا ٿيو!
اهو ئي ٿيو، جيڪو هڪ ڀيانڪ جنگ ۾ ٿيندو آ
تنهنجا پٽ ڪسجي ويا.
ڌيئرون بيواهه ٿيون،
۽ پوءِ تون، آخري دفعو
مٿي ۾ ڌوڙ وجهي
بي تحاشا رني هئينءَ،
خاموش ٿي وئي هئين
توکي سدا لاءِ زندان جي حوالي ڪيو ويو.
او جيجل
اڃان تائين مان تنهنجا لڙڪ
سڪل ٿو ڏسان،
تون روئين ڇو نه ٿي،
مٿي ۾ ڌوڙوجهين ڇو نه ٿي،
او آيل ڪٿي تنهنجي اولاد
مري ته ناهي وئي؟
نه .......،نه.......،

اي امڙ،
تون نظر کڻي ڏس ته
دور
ڀٽ جي تپندڙ واريءَ مٿان
۽ سنڌو ڪناري سن مٿان
تنهنجا پٽ ۽ ڌيئر
آزادي جا خواب اکين ۾ کڻي
رقص ڪري رهيا آهن.

او جيجي !
او آئي !!
او منهنجي سون ورني سنڌ !!!
تون هينئر ٽهڪ ڏي
تون کل.....
ايترو کل......
جو تنهنجي اکين ۾ خوشيءَ جا ڳوڙها تري اچن!
جيئن آزادي جا ديپ ٻري پون
۽ تنهنجا نيڻ ٺري پون....!!