پنڇي امن جو
گگن ۾ اُڏري پنڇي امن جو،
نانءُ روشن ٿئي پنهنجي وطن جو!
رهي صوفين جي هي ڌرتي سلامت،
اچي نه شال ڪا هن تي قيامت،
دنيا جي ٿيندي هتان ئي امامت،
گجي نه هن تي ڪو بادل غمن جو،
گگن ۾ اڏري پنڇي امن جو!
رهن سانگي وطن جا نه ڏکن ۾،
سکيا هجن سدائين رهن نه بکن ۾،
سرهو ڏسندو رهان کين مُکن ۾،
رب ٿيندو ساڻي پوڙهن پڪن جو،
گگن ۾ اڏري پنڇي امن جو!
هارين جا هتڙي سدا ٿين ميڙا،
ڀُلي ڀُلي ڀانئن؟ اچن شل وڏيرا،
غيرن جا ڀل ٿين منهن ميرا،
خدا خير ڪري ڏاهر جي ٻچن جو،
گگن ۾ اڏري پنڇي امن جو!
عَلَمُ سنڌ جو اوچو رهڻو آهي،
نه نقشي دنيا تان هي ڊهڻو آهي،
راڄ مارن جو وري ته ورڻو آهي،
رهي ڏهڪاءُ ڪو ڪين بمن جو،
گگن ۾ اڏري پنڇي امن جو!
سنڌ سائي رهي ۽ سڪار ٿئي،
لٽيرن تي لعنت جو وسڪار ٿئي،
هميشھ پشيمان مڪار ٿئي،
ڪارو منهن ٿئي شل ڪِنن جو،
گگن ۾ اڏري پنڇي امن جو!
ڪينجهر ۽ منڇر ۾ بهارون هجن،
ڏکيا ڏينهن ڪي نه مهاڻا ڏسن،
مانگر مڇ سندن نه آڏو اچن،
خير گهُر ”آزاد“ تن جي تڏن جو،
گگن ۾ اڏري پنڇي امن جو!