اچ ڌرتي سنڀارئي ٿي،
اچ ماءُ پڪارئي ٿي، منهنجا ڀاءُ سنڌي پيارا،
منهنجا ساهه سنڌي پيارا.
ڏس ڀيڻ ڏکاري آ،
ڏس سنڌ اُڃاري آ،
ڏس ٻچڙا روئن ٿا،
ڪنهن باھ هي ٻاري آ،
اچ ڌرتي سنڀارئي ٿي.
ڏس ڌاڙا لڳن ٿا پيا،
ڏس مارو مرن ٿا پيا،
ڏس ديس جلي ٿو پيو،
پنهنجا گهر سڙن ٿا پيا،
اچ ڌرتي سنڀارئي ٿي.
ڏس ڪوڙا ڦٽڪا لڳا،
ڏس گم ٿي يار ويا،
ڏس رند چڙهيا سولي،
آزادي اعلان ٿيا،
اچ ڌرتي سنڀارئي ٿي.
ڏس ڪانئر ڪڙڪن پيا،
ڏس لاش ٿا لڙڪن پيا،
ڏس ڪوس ٿيو ڪيڏو،
ڳاڙها جهنڊا ڦڙڪن پيا،
اچ ڌرتي سنڀارئي ٿي.
ڏِس قوم کي ماريو جن،
ڏِس شهرن ۾ پيا گهمن،
ڏَس ڪاڏي وڃون هاڻي،
ڪيو ڏاڍ آهي ڏاڍن،
اچ ڌرتي سنڀارئي ٿي.
ڏس اڄ جا تون انسان،
ڏس باندي سنڌي جوان،
ڏس روئي پيو ”آزاد“،
انسان ٿي ويا حيوان،
اچ ڌرتي سنڀارئي ٿي.