پروانا پُٽ
سنڌڙيءَ تان سر گهورڻ لئه پروانا اُٿندا پُٽ،
خون پنهنجي جو نذر ڏئي شڪرانا ڪندا پُٽ.
ويرين کي هي پاڙان پٽي اڇلائيندا پَٽَ تي،
سون ورني ڌرتي جا هي گيت ڳائيندا پُٽ.
ڪيستائين لاش لهوءَ ۾ ڏسنداسين پنهنجن جا،
نعرا هڻي ۽ جهنڊا کڻي ڊڪندا ايندا پُٽ.
پنهنجا رهبر پاڻ ئي ٿيندا، ڳولي لهندا پنهنجو ماڳ،
ننڊ مان اٿندا جوڌا پنهنجا ڏک لاهيندا پُٽ.
”آزاد“ وطن جو خواب! هڪ ڏينهن ساڀيان ٿيڻو آهي،
ديس جي ڳلي ڳلي ۾ پيار جا گل پوکيندا پُٽ.