ڌوڪيباز ٽريول ايجنٽ ۽ مھانگائيءَ جو بم
اسان ڪنھن اهڙي بي ايمان ٽريول ايجنٽ جي ور چڙهي ويا هئاسين. جنھن اسان جي ويزا بزنس مين جي طور تي اپلاءِ ڪئي هئي. جڏهن تہ اسان کي روٽري ڪلب آسٽريليا طرفان ٿيندڙ سيمينار ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت مليل هئي. اسان اهو دعوتنامو بہ ڪاغذن سان گڏ لڳايو هو. جيئن تہ اسان نہ بزنس مين هئاسين، نہ ئي اسان جو ڪاروبار سان ڪو اورانھون يا پرانھون تعلق هيو. اصل ۾ بزنس ويزا جون گهرجون تمام گهڻيون آهن. جنھن جي ڪري اسان جي ويزا رد ٿي ويئي. پر جڏهن منھنجي پنھنجي هيومن رائيٽس آرگنائيزيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالرحمان حفيظ سان ان معاملي بابت ڳالھہ ٻولھہ ٿي تہ ان واضع ڪيو تہ آسٽريليا، آمريڪا، برطانيہ جي ويزا اپلاءِ ڪرڻ کان اڳ ۾ ڪنھن ماهر ايجنٽ يا ڪنسلٽنٽ سان رابطو ڪجي تہ بھتر جيئن سڀ گهرجون پوريون ڪيون وڃن. خير آسٽريليا اسان جي نصيب ۾ نہ هيو.
ان کان بعد ۾ اسان جو پروگرام، ويٽنام، لائوس، ڪمبو ڊيا ۽ فلپائن جو هيو. پر خبر پئي تہ فلپائن جي ويزا جي پروسيس ۾ ٿورو وڌيڪ وقت لڳندو آهي ۽ ويٽنام جي ويزا بہ رفيوز ٿي سگهي ٿي. باقي لائوس جي ويزا لڳي سگهي ٿي. پر ان کان پوءِ ڳالھين جو هڪڙو ٻيو رائونڊ هليو جنھن ۾ هي ٽي ملڪ فائينل ٿيا. انڊونيشيا، ملائيشيا ۽ ٿائيلينڊ. انھن ملڪن کي گهمڻ لاءِ سڀ دوست راضي تہ ٿيا، پر ٽڪيٽون، هوٽلون، ويزا ۽ گهمڻ جو خرچ تمام مھانگو هجڻ جي ڪري ڪجهہ دوست راضي نہ ٿيا. اهو سچ هو تہ مھانگائي جو بم اسان جي عوام تي ڪيرايو ويو هو. 11 دوستن مان اسان چار دوست پنھنجو پڪو فيصلو ڪري بيھي رهياسين تہ ڇا بہ ٿئي، اسان گهمڻ وينداسين. ڀلي ٻيو ڪير هلي يا نہ. ان ڳالھہ تي ڪجهہ دوستن سان اختلاف بہ ٿي پيا ها، پر مان سمجهان ٿو اختلاف دوستيءَ جي سونھن آهي. پر ان ۾ هڪ ٻئي لاءِ عزت احترام جو هجڻ اهم آهي، جيڪڏهن اهو احترام ۽ عزت نہ رهي تہ پوءِ پويان پير ڪجن.اسان چئني دوستن جا مضبوط ارادا هئا، سو پنھنجن خيالن جي دنيا ۾ نوان خواب پوکي دنيا جي ٽن خوبصورت ملڪن جي چوائس ڪري، دادو کي الوداع ڪيوسين.