اُما انيار آبشار
هن گاڏي اتي ئي پارڪ ڪئي. اتي ڪنھن بہ قسم جو ڪو بہ واش روم وغيرہ جو بندوبست نہ هيو. ممڪن آهي تہ هاڻي ان جو بندوبست بہ ڪيو ويو هجي. (منھنجو مطلب آ تہ پبلڪ واش ورم). دڪان يا ڪو گهر هو، اتي ڪي عورتون، مرد ۽ الهڙ جوان ڇوڪرا سياحن جي انتظار ۾ بيٺا هئا. پيٽر کي انھن پنھنجي ٻولي ۾ چيو تہ، ”اما انيار واٽر فال تائين توهان اڪيلا نہ ٿا وڃي سگهو، گهاٽو جهنگ آهي، ٻيو تہ توهان نوان آهيو، ان ڪري توهان کي گائيڊ جي ضرورت پوندي.“ ان جو اصل سبب اهو هيو هي آبشار هن فيملي جي نگهباني هيٺ هيو. هن آبشار جي صفائي سٿرائي جو خيال هن فيملي جي اختيار ۾ هيو. ان لاءِ هو ڊونيشن جي نالي تي سياحن کان پئسا وٺن پيا.
پيٽر هنن جي صلاح اکين تي رکي ۽ پاڻ سان ٻہ نوجوان ڇوڪرا ساڻ کنيا. پاڻ پيٽر کي بہ زور ڏنو تہ توهان بہ هلو. پيٽر ٻڌايو تہ، ”هو هتي ڪڏهن بہ نہ آيو آهي، بلڪ هو پھريون ڀيرو هتي آيو آهي.“ جنھن تي هن اسان جي گذارش کي قبول ڪندي اسان سان گڏ هليو. هاڻي اسان نوجوان ڇوڪرن سان ڪچھري ڪندا اڳتي وڌي رهيا هئاسين. هنن نوجوانن جي عمر 16/17 سال کن ٿيندي. هي ڏاڍا ملڻسار، خوشمزاج ۽ بھترين نوجوان هئا.
”هتي ڪھڙو فروٽ ٿيندو آهي؟“ مون هڪڙي نوجوان ڇوڪري کان پڇيو.
”هتي ناريل ۽ ڪيلا گهڻا ٿيندا آهن، پر هن وقت موسم نہ آهي ان ڪري تيار نہ آهن.“ هن جواب ڏنو.
”هن وڻ ۾ تہ پڪا ناريل نظر پيا اچن، هو ڏس مٿي.“ مون هن کي اشارو ڪندي چيو.
”ها پر هي تمام مٿي آهن اسان اوسيتائين نہ ٿا چڙهي سگهون.“ هن انتھائي ادب سان جواب ڏنو.
”هن جهنگل ۾ ڪھڙا جانور رهن ٿا؟“ مون ڊڄندي هن کان پڇيو.
”هتي شينھن، چيتو ۽ ڀولڙو توهان کي ڏسڻ لاءِ ملندا.“ هن وڏي فخر سان چيو.
”ڀلا ڪھڙا نانگ آهن؟“ مون وڌيڪ هن کي کولڻ جي ڪوشش ڪئي.
”ڪاريھر، لنڊي، ازدها ۽ ان کان علاوہ نانگن جا انيڪ ننڍا وڏا، زهريلا توڙي پاڻي جا نانگ هلندي ڦرندي نظر ايندا.“ هن نانگ جي لٿل کل جيڪا رستي جي پاسي ۾ هيٺ پيل هئي.ان ڏانھن اشارو ڪندي ٻڌايو.
پاڻ اڳتي هلي رهيا هئاسين. جنھن پيچري تي پاڻ هلي رهيا هئاسين، اهو ڪو پڪو رستو نہ هو. بلڪ مٽيءَ جو ڪچو پيچرو هو يا ٻَنو هيو جيڪو بارش جي ڪري ترڪڻو ٿي پيو هو. ان تي احتياط سان هلندا رهياسين. پيٽر جو جسماني وزن جيئن تہ ڪجهہ سوايو آهي ۽ سگهو مڙس آهي. ان ڪري پنڌ ڪندي هاڻي هو سھڪي پيو هو ۽ مڙس پگهرجي ويو هو. پيچري جي ٻنھي پاسن کان ڪيلن ۽ ناريلن جا وڏا وڻ نظر پئي آيا. اسان هيٺ لھندا لھندا پئي وياسين.