سفرناما

انڊونيشيا جو عشق

ھونئن تہ سفر ناما يادگيرين جو عڪس ھوندا آھن. پر صحبت ھن سفرنامي ۾ انڊونيشيا جي تاريخ، جاگرافيائي حالتون، سماجي مسئلا، معاشي پيش رفت، سياحت جي لاءِ موقعا، سھولتون ۽ ٻين ڪيترن ئي معاملن جو ذڪر ڪيو آھي. ان سان گڏوگڏ اسان جي سفر جا دُک، تجسس، ٽھڪ ھڪ ھڪ لمحي کي من موهيندڙ انداز سان پرويو آھي.

Title Cover of book Indonesia jo Ishq (Love of Indonesia)

هوٽل جي جوان رات

هي پوڙهو عجيب ماڻھو هو. سگريٽ جا ڪشش هڻندي فون تي ڳالھائي رهيو هيو. ڳالھائيندي ڳالھائيندي تيز ٿي ويو هو ۽ پوءِ هن فون بند ڪري ڇڏي هئي. سگريٽ جا وڏا ڪش هڻي دونھون آسمان ۾ ڦوڪي، اسان ڏي ڌيان ڏيندي مخاطب ٿيو، ”صاحب! توهان مطمئن ٿيو، توهان کي توهان جي چوائس جون ئي سونيون سونھن واريون مورتيون ۽ مڌ ملندو ۽ انھن هيرن، جواهرن جو ڪوبہ مُلھہ نہ آهي. توهان ڪو بہ ٽينشن نہ وٺو.“ هن ٻيو سگريٽ جو ڪش هڻندي چيو.
ناڻين ناھہ ڪڪوھہ، ملھہ مھانگو مڌ،
سنڀالج سيد چئي ڪاٽڻ ڪارڻ ڪنڌ،
هي تنين جو هنڌ مرن جي مٽن سين.
(شاھہ )

”اسان کي چيٽنگ ۽ فراِڊ پسند نہ آهي، اسان کي خبر آهي تہ هتي اسڪيم (scam) گهڻا ٿين ٿا.“ ڊاڪٽر هن کي سمجهائيندي چيو.
”نہ صاحب نہ، هي بالي آهي، هتي ڪنھن بہ قسم جو ڪو بہ scam نہ ٿو ٿي سگهي، توهان سوچيو بہ نہ.“ هن وري بہ اسان کي سمجهائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي.
”ڊاڪٽر مان سمجهان ٿو تہ هن پوڙهي جيتري محنت ڪئي آهي، هن کي ان جو اوترو اجورو ملڻ کپي.“ مون ڊاڪٽر کي ڪن ۾ چيو.
”توهان صحيح ٿا چئو پر مون کي هي فراڊي ٿو لڳي.“ ڊاڪٽر وضاحت ڪئي.
”توهان جو مون کان وڌيڪ تجربو آهي، توهان سڄي دنيا گهميا آهيو، ان ڪري توهان جيڪو فيصلو ڪندو، مان توهان سان متفق آهيان.“ مون ڊاڪٽر جي ڳالھہ جي تائيد ڪئي.
”توهان بس ٻہ منٽ ترسو، ڪيري ۾ ڌرتيءَ جون حورون اچن پيون، توهان پنھنجي پسند جا ماڻھو وٺي وڃي سگهو ٿا.“ ان پُوڙهي وري فون تي ڳالھائيندي زور ڏيئي اسان کي چيو.
ٿوري دير کان پوءِ واقعي ئي هڪڙي سفيد رنگ جي ڪيري اچي هوٽل جي ڪنڊ ۾ بيٺي. هن پوڙهي مون کي ٻانھن کان وٺي ڪيري ڏي ڇڪي وڃڻ چاهيو تہ جيئن هو مور ماڻھن سان تعارف ڪرائي سگهي.
”منھنجي پسند ڪرڻ يا نہ ڪرڻ جي ڪا اهميت نہ آهي، تون ڊاڪٽر جو پاسو وٺ.“ مون هن پوڙهي کي چيو.
ٿوري دير ۾ هو اسان کي ڪيري وٽ وٺي آيو جتي 5/6 مور ماڻھو ويٺل هئا، جيڪي اشارن سان سڏي پيار ڏين پيا. مون کي هو گيت ياد اچي ويو تہ، ”اهي مور ماڻھو ڪاڏي هليا ويا، قرب ڏيندا ها جيڪي سڏي.“ سو اها خبر هتي پئي تہ اهي مور ماڻھو تہ هتي بالي ۾ لڏي آيا آهن. سامھون کان فرنٽ سيٽ تي، ڊرائيور سان ويٺل حسن جي ديوي مون کي اشارو ڪري، خماريل نيڻن سان نگاهون جهڪائي سلام ڪيو. مون کي بلڪل اوڏي مھل اردو جو شعر ياد اچي ويو تہ؛
بات تو چاہت بھری اک نظر کی ہے
کسی سے کہاں کرتی ہیں سلام آنکھیں

مون بہ هن کي سلام ڪندي ٻانھون ٻڌيون. ڊاڪٽر ڪيري جي جَهروڪي مان اندر جهانڪي هڪڙي سرسري نگاھہ سڀني محبوبائن تي وڌي. ڊاڪٽر مرڪي مون کي چوڻ لڳو تہ، ”يار هي سڀ ايڏيون خوبصورت ديويون آهن جو دل چوي ٿي تہ ......... ڊاڪٽر خاموش ٿي ويو.
”پوءِ سڀني کي وٺي هلون ڀلا.“ مون ڊاڪٽر کي اک هڻي چيو.
ڊاڪٽر ٽھڪ ڏيندي چوڻ لڳو تہ، ”هي ٻيئي جيڪي گڏ ويٺيون آهن، انھن ۾ قرب جي ڪشش وڌيڪ آهي. توهان جو ڇا خيال آهي؟“
”جيڪا سنگت جي صلاح.“ مون مرڪي ڊاڪٽر کي چيو.
پوڙهو هاڻي مطمئن هيو. پر اسان اڃان بہ مطمئن نہ هئاسين. مون ڊاڪٽر کي ٿورو پرڀرو وٺي وڃي چيو تہ، ”ڊاڪٽر هوٽل انتظاميہ کي ڪو اعتراض تہ نہ هوندو، ان ڪري اهو بھتر ٿيندو تہ انتظاميہ کان اجازت وٺجي ۽ انھن کي اعتماد ۾ پڻ وٺجي تہ بھتر، نہ تہ سياحن سان ڪيترائي اسڪيم ٿي چڪا آهن.“ ڊاڪٽر بہ ان خيال کي سمجهندي پنھنجي پاڪ راءِ کان مون کي آگاھہ ڪندي چيو، ”ٺيڪ آهي، توهان صحيح ٿا چئو اسان کي ائين ڪرڻ گهرجي.“