رستي ۾ مانجهاندو
هاڻي اسان گاڏي کان هيٺ لھي ڪائونٽر جي ويجهي واري ٽيبل وارين ڪرسين تي ويھي رهياسين. هن هوٽل تي نوجوان ڇوڪريون ويٽر (بيرو) جون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيون هيون. هنن کي مخصوص ڊريس پاتل هئي. ڪائونٽر تي بہ عورت بيٺي سڀني ڇوڪرين کي هدايتون جاري ڪري رهي هئي. غالباً هوءَ هوٽل جي مالڪياڻي هئي. اسان واري ٽيبل تي بہ هڪڙي ڇوڪري مينو کڻي آئي. هن اسان جي اڳيان ٽيبل تي مينو رکندي ٻڌايو تہ، ”هن مينو ۾ جيڪي بہ ڊيل آهن، توهان مان هر ماڻھو هڪڙي ڊيل کڻي سگهي ٿو.“ اسان سڀ ان مينو ۾ گم ٿي وياسين.
روڊ جي ٻنھي پاسن کان جبل ۽ وڏا وڏا ساوا چهچ وڻ هئا. ساوڪ ئي ساوڪ اکين کي ٿڌاڻ بخشي رهيو هو. ڪافي ماڻھو ان هوٽل ۾ اڳ ۾ ئي ويٺل نظر هئا. اسان بہ چئن ئي دوستن مينو پڙهي پاڻ ۾ صلاح ڪري چار ئي مختلف آرڊر ڏنا تہ جيئن ڪنھن کي جيڪڏهن ڪا شي نہ وڻي تہ هو ٻي دوست جي حصي جي ماني کائي سگهي. ماني سان گڏ اهو بہ پڇيو ويو تہ اسان ڪھڙو مشروب وٺنداسين. هتي مختلف جوسز هئا ۽ آئس ٽي بہ هئي.
مون الطاف شيخ جي سفرنامي ”اي جرني ٽو ٿائيلينڊ“ ۾ آئس ٽي جي باري ۾ پڙهيو هو تہ هتي چانھہ ۾ برف وجهي ڏيندا آهن. ان ڪري مون اها آئس ٽي پسند ڪندي ليڊي ويٽر کي آرڊر ڏنو. سڀني پنھنجي چوائس مطابق الڳ الڳ شين جو آرڊر ڏنو هيو. کاڌي ۾ پرتاب مڇي واري ڊش جو آرڊر ڏنو. جڏهن چارئي ڊشز ٽيبل تي اسان جي اڳيان رکيون ويون تہ اسان سڀ هڪٻئي ڏي ڏسڻ لڳاسين. اکين سان اهو چوڻ چاهيوسين تہ هي ڪير کائيندو؟ ڇو تہ هي کاڌو اسان جي مزاج موجب نہ هيو. پر بک خراب شي آهي. مون ڊاڪٽر ڏي ڏسي هن کي چيو تہ، ”ڊاڪٽر! سوچيو ڇا ٿا، شروع ڪيو نہ، لڳي ٿو توهان کي بُک نہ لڳي آ.“ ڊاڪٽر جواب ڏيندي چيو تہ، ” بک تہ واھہ جي لڳي آهي، پر دل نہ ٿي چوي.“ خير جيئن تيئن ڪري کائي وياسين.