پانڊَو ڀائرن جون مورتيون
ان کان پوءِ اسان پنھنجي ڊرائيور کي ساڻ ڪري پانڊوا بيچ تي وياسين. رستي ۾ پاڻ کي پنجن پانڊوائن جون مورتيون نظر آيون. جيڪي هڪ ٻئي کان ٿوري مفاصلي تي ڪنھن وڏي جبل جي ڪٽائي ڪري انھن کي تمام وڏي ڪاريگري سان ان ۾ سجايو ويو هو. روڊ کان پنج فٽ کن مٿي هي مورتيون رکيون ويون هيون.
هنن مورتين تي جڏهن پرتاب جي نظر پئي تہ هن کي ڏاڍي خوشي ٿي. ڇاڪاڻ تہ ”مھاڀارت“ جي تاريخ سندس سٺي حد تائين پڙهيل آهي ۽ هو هنن پنجن پانڊو ڀائرن جي تاريخ کان بخوبي واقف هيو. ان ڪري هن اسان کي اتي ئي هنن پانڊون جي باري ۾ ٻڌائڻ شروع ڪيو هو. هن خوشيءَ جو اظھار ڪندي چيو تہ،” جيڪڏهن منھنجي فيملي جا ماڻھو هي مورتيون ڏسندا تہ ڏاڍو خوش ٿيندا ۽ اهي بہ پڪ سان انڊونيشا جي هن جاءِ تي مورتيون ڏسڻ ضرور ايندا.‘‘
پرتاب جي ڀيڻ اڳ ۾ ئي انڊونيشيا ۾ ڪافي عرصو رهائش پذير هئي، جيڪا هاڻي لنڊن ۾ شفٽ ٿي ويئي آهي. پرتاب هنن مورتين ۾ تمام گهڻي دلچسپي ڏيکاري. جيڪا اسان سڀني لاءِ خوشيءَ جي ڳالھہ هئي.
ساڳي ريت اسان کي هنن پنجن ڀائرن جي پڻ تاريخ ٻڌائيندي ٻڌايو هو تہ اهي پنج پانڊو پاڻ ۾ ڀائر آهن ۽ انھن مورتين ۾ هڪڙي هنن جي ماءُ ڪنتي جي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو تہ ”بالي“ سگري جو ڀاءُ هيو. بالي رانوڻ جي پاسي هيو ۽ سگهڙي رام چندر جي پاسي هيو. رام چندر ۽ رانوڻ جي لڙائي ٿي هئي. اسان پيٽر کي چيو تہ تون ٽيڪسي سلو سلو ڪاهي اسان جي پويان اچ. اسان پنڌ ئي پنڌ هڪڙي مورتي کان ٻي مورتي جو ديدار ڪندا اڳتي وڌندا وڃون ٿا.هڪڙي مورتي کان ٻي مورتي تائين تقريبن پنج /ڇھہ سو ڦٽن جو مفاصلو هيو.
اهي مورتيون مين روڊ جي پاسي ۾ هيون. ٽريفڪ جي آمدورفت جاري هئي. اسان اڳتي وڌندا رهياسين تہ سامھون کان هڪڙي چوڪ تي رانوڻ جي تمام وڏي مورتي لڳل هئي ۽ ان سان گڏ پاڻيءَ جو ڦوهارو ڇڻڪار ڪري رهيو هيو. مون جاني کي چيو تہ،”هڪڙي تصوير هن رانوڻ جي پاسي ۾ ٿي وڃي، متان رانوڻ ڏک نہ ڪري.“ جاني جيسيتائين منھنجي تصوير ڪڍي تيسيتائين مان ڦوهاري ۾ سڄو ڀڄي چڪو هيس. مون کان پوءِ ڊاڪٽر بہ اتي ئي تصوير ڪڍرائي، ڊاڪٽر جي ڦوٽو ڪڍرائڻ جا انداز ئي پنھنجا ۽ نرالا هئا. جيڪي منفرد ۽ وڻندڙ هئا. مون جيان اتي ڦوٽو ڪڍرائيندي ڊاڪٽر پڻ سڄو پسي چڪو هيو.