واڪنگ اسٽريٽ جون رونقون
سو اسان ذري گهٽ فنس بيچ جي مين گيٽ تي پھچڻ وارا هياسين، پر ڊاڪٽر اتي ئي بيٺل رهيو. نيٺ جاني کي موڪليوسين تہ وڃي ڊاڪٽر کي وٺي آ. ڊاڪٽر موبائيل تي ڪنھن سان ڳالھائي رهيو هيو. هن جو ڌيان اسان ڏي نہ هيو. هن کي خبر ئي نہ پئي هئي تہ اسان ڪلب کان ٻاهر نڪري آيا آهيون.
پاڻ ان فنس ڪلب واري گهٽي ۾ واڪ ڪندي اڳتي وڌڻ شروع ڪيو. ڇو تہ اسان کي پيٽر جي ٽيڪسي جو انتظار هيو ۽ هو اڃان نہ پھتو هو. واڪ ڪندي اڳتي نڪتاسين تہ فنس ڪلب سان گڏوگڏ ٻي بہ نائيٽ ڪلب هئي. هن ڪلب جو نالو ”ايٽلس ڪلب“ هيو. هن ڪلب ۾ هرماڻھوءَ جي داخلا في 200000 انڊونيشن روپيا هئي. پاڻ ان ڪلب جي پارڪنگ ايريا مان ٿيندا، مين گيٽ تي پھتاسين. جتي گيٽ سان گڏ مھمانن لاءِ ونگي جو جوس ۽ سادو پاڻي رکيل هو. ٽيسٽ خاطر اسان بہ ان ونگي جي جوس جو ذائقو ورتو. ساڳي ريت ان پارڪنگ ايريا مان ئي ٻاهر نڪري آياسين.
ان گهٽيءَ جي ٻنھي پاسن کان دڪان هئا. پاڻ جنھن پاسي ڦٽ پاٿ تي هلي رهيا هئاسين، ان پاسي بہ ڪيترائي دڪان هئا. جاني هڪڙي دڪان تي بيھي رهيو. هي ٽوئر ايجنٽ جو دڪان هيو، جنھن وٽ مخلتف جايون گهمائڻ لاءِ ڄاڻ ۽ بندوبست هيو. هي ڪيبن ٽائيپ انتھائي ننڍڙو دڪان هيو،جنھن ۾ نوجوان ڇوڪرو ويٺل هو. هن کي نوسا پينيدا گهمائڻ جو چيوسين. ان کان علاوہ اتي ٻيون ڪھڙيون خاص گهمڻ جون جايون آهن يا تنھنجو رعايتي پيڪيج ڇا ٿيندو؟. هن وٽ ان حوالي سان ڪيترائي رنگين بروشر هئا، جن مان هن هڪڙو بروشر هٿ ۾ ڪري مختلف گهمڻ جون پوائنٽيون ۽ انھن جا ريٽ ٻڌائڻ لڳو. اسان هن کان فائينل ريٽ ۽ ان دڪاندار جو وزيٽنگ ڪارڊ وٺي، اڳتي نڪتاسين.
اسان کي رستي ۾ ڪافي ٽيڪسي وارا گڏيا، جن بار بار پڇيو پئي تہ ڪاڏي وڃڻو آهي؟ دڪانن ۾ سجايل شين جو درشن ڪندا اڳتي ڪيپ واري شاپ ۾ اچي نڪتاسين. پرتاب کي هڪڙي ٽوپي cap پسند اچي ويئي، پر هن دڪاندار جا ريٽ ڪافي مٿي هئا. ٻين جاين تي ساڳين شين جي قيمتن ۾ ڪافي فرق هيو. هون بہ علائقي علائقي جو فرق هوندو آهي. پاڻ ڪافي اڳتي نڪري وياهئاسين. ان ڪري دوستن جو خيال هو تہ هاڻي اسان کي پوئتي فنس ڪلب ڏي واپس وڃڻ گهرجي ڇو تہ ممڪن آهي پيٽر اتي اچي نہ ويو هجي. ۽ اسان کي ڳوليندي پريشان نہ ٿئي.
اسان واپس ٿي رهيا هئاسين. رستي ۾ گهٽيءَ جي ڪنڊ ۾ هلڪي اونداهي هئي، اتي ڪارنر تي هڪڙو نوجوان موٽر سائيڪل تي ويٺو سگريٽ جا ڪش لڳائي هر ايندڙ ويندڙ ماڻھوءَ کي گهوري رهيو هو. جڏهن اسان هن جي ويجهو پھتاسين تہ هن رڙ ڪري چيو،” هائو آر يو برادر“؟ ”ويئي آر آل اوڪي.“ پرتاب هن کي جواب ڏنو. اسان پوءِ بہ هن کي ڪراس ڪري اڳتي وڌياسين. تہ هن دفعي هن چيو، “Girl” مون ڊاڪٽر کي چيو ته” ڊاڪٽر! ڪم جو ماڻھو آ.“ اسان هو ن بہ هر معاملي ۾ ڊاڪٽر کي اڳتي ڪندا آهيون. ڊاڪٽر ان وٽ بيھي هن کان حال احوال وٺي رهيو هو. اسان ڊاڪٽر کي هن وٽ ڇڏي ٽيئي اڳتي وڌڻ لڳاسين. پاڻ ڪافي گهڻو اڳتي نڪري آياسين ۽ ڊاڪٽر پوئتي رهجي ويو هو.
پوءِ جاني چيو تہ،” يار! ڊاڪٽر کي اڪيلو نہ ڇڏڻ گهرجي.“ ان ڳالھہ تي اسان سڀئي پوئتي موٽي پياسين. هاڻ تہ ڊاڪٽر ان همراھہ کي ڇڏي اسان ڏي اچي رهيو هيو. ڊاڪٽر ٻڌايو تہ هن جو ٻہ نمبر ڪم آهي ۽ هو سپلائير آهي. پر مون کي چيٽر ٿي لڳو. ان ڪري هن جي ڳالھہ تي غور نہ ٿا ڏيئي سگهون. پاڻ ٽھڪ ڏيندا، ڊبليو ڪلب کي ڪراس ڪري، اچي فنس ڪلب جي گيٽ تي پھتاسين. ڊاڪٽر چيو تہ،” مان فنس ڪلب کان چڪر هڻي ٿو اچان.“ ان تي مون ڊاڪٽر کي چيو،” ڊاڪٽر! ڪائونٽر تي منھنجا سگريٽ پيا هوندي، اهي بہ کنيو اچجانءِ.“
هو اڃان مڙيو ئي هو تہ مٿان پيٽر جي ٽيڪسي اچي ويئي هئي. هن رڙ ڪري چيو تہ،”جلدي ويھو، هتي پارڪنگ جي اجازت ناهي ۽ گهڻي رش آهي.“ ان ڪري تڪڙ ۾ ئي ڪار ۾ ويھي رهياسين. پر ٽريفڪ تہ هون ئي جام هئي، ان ڪري ٽيڪسي کي ڦيرائي وري ساڳي روڊ تي آڻڻ ۾ ئي ڪافي ٽائيم لڳي ويو. پيٽر کي چيوسين تہ،” هاڻي اسان کي ڪي ايف سي وٺي هل.“ ڇو تہ بک هاڻي برداشت کان گهڻي ٻاهر هئي.
هينئر پيٽر اسان کي ڪي ايف سي جي گيٽ تي ڊراپ ڪيو. پيٽر سان نوسا پينيدا جو پروگرام ڊن ڪري ڇڏيو. ڪي ايف سي جي گرم گرم زنگر برگر، بروسٽ ۽ ڪولڊ ڊرنڪ جو مزو وٺي واپس پنڌ ڪندا هوٽل ڏي آياسين.