رڌانا هوٽل جي خوبصورت بورچياڻي
اڄ بالي جي صبح جي پرنور رونق پاڻ ڏانھن ڇڪي رهي هئي. پيٽر سان رات پروگرام سيٽ ٿي چڪو هيو. هن کي چيل هيو تہ هو اٺين وڳي تائين هوٽل ۾ پھچي وڃي. اسان چار ئي دوست تيار ٿي هيٺ ڪائونٽر تي اچي چڪا هئاسين. بوفي Buffet سسٽم واري ناشتي جي انچارج اتان جي انڊونيشن نوجوان خوبصورت ناري انڊونيشين ڪلچرل ڊريس ۾ ملبوس هئي. هوءَ انتھا جي خوبصورت هئي. هن جي سونھن پسي مون کي ڀٽائي جو سٽون ذهن تي تري آيون.
ڪنڌي اڀيون ڪيتريون ساهڙ ساهڙ ڪن،
ڪنين سانگو ساھہ جو، گهوريس ڪيو گهڙن،
ساهڙ سندو تن، گهاگهائي گهڙن جي.
هوءَ بورچيخاني ۾ بيھي سياحن جي خدمت ۾ مصروف هئي. مان بہ ناشتي لاءِ ڪچن ۾ هيس ۽ منجهي پيو هيس تہ ڇا ڇا کڻي پليٽ ۾ رکان. اڃان ان ٻڏتر ۾ ئي هيس تہ هن مسڪرائي منھنجي پليٽ ۾ آمليٽ جا ٻہ ٽڪرا وڌا ۽ چيو تہ،”بريڊ گرم ڪري ڏيانوَ.“ جنھن تي مون هن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو،”مھرباني، پر مکڻ جي مک ضرور لڳائجوس، مون کي مکڻ لڳل بريڊ وڻندو آهي.“ ان تي هن مرڪي ڏنو هو.
ان کان پوءِ اسان سڀني پليٽ ۾ ناشتو کڻي ٽيبل تي ويھي ناشتو ڪري، بل ادا ڪرڻ وياسين تہ خبر پئي اسان هر هڪ دوست 45000 هزار جو ناشتو ڪيو هو. توهان پريشان نہ ٿيو اهي انڊونيشن روپيا هئا. باقي پاڪستاني گهڻا روپيا ٿيا، ان جو حساب پاڻ ڪري وٺو. پيٽر اسان جا ٿيلھا پنھنجي گاڏي جي ڊڪي ۾ سيٽ ڪري رکيا. پاڻ کي گروڙ (گرڙ پکي) وشنو نيشنل پارڪ وڃڻو هو.