ٽن يارن جي آبشار سان ياري ملھائڻ
ان ہی پتھروں پے چل کر اگر آسکو تو آئو،
میرے گهر کے راستے میں کوئی کہکشاں نہیں ہے۔
هن آبشار جو اصول بہ عجيب هيو تہ هو پاڻ کي نيم عرياني وارن جسمن کي سڏي رهيو هيو، اسان پاران جيڪي جينز ۾ هئا، اهي آبشار جي گڊ بڪس ۾ نہ هئا. ڇوتہ هتي سڄي دنيا جا ماڻھو ان اصول تي عمل پيرا هئا ۽ اهي اهو سمجهن پيا تہ جسماني طور تي نيم عرياني ۾ ئي پاڻي سان کيچل ڪرڻ جو مزو ماڻي سگهجي پيو. اسان جي دوستن بہ پنھنجا ڪپڙا لاهي، شارٽس پائي، پنھنجن جسمن جي سرعام نمائش ڪرڻ لاءِ پاڻي ۾ لھي پيا. مان پاڻيءَ کان ڪوهون ڏور بيٺي ان سڄي سماءُ ۽ محبتن جي وايومنڊل جو اکين ڏٺو شاهد ٿي مزو ماڻي رهيو هيس. دوستن پنھنجا پرس، موبائيل، ڪيش ۽ ٻيو ضروري سامان اتي ئي پاڻي کان ٿورو پري، هيٺ پٿرن تي رکي ڇڏيا هئا ۽ مون کي انھن شين جو رکوالو ڪري، پاڻ پاڻيءَ ۾ لھي پيا. منھنجي پاسي کان هڪڙي شوخ حسينہ مون کي ڏسندي مسڪرائي سلام ڪري، منھنجي بدران آبشار جي پاڻيءَ جي ور چڙهي ويئي. مون کي ائين لڳو تہ هُن مون کي اکين سان پنھنجي پويان اچڻ جي دعوت ڏني هجي. مون کي ڪامريڊ ڪريم سيال جي شاعري جا بند ذهن ۾ تري آيا؛
مسڪرائي نہ هلندي ڪر روڊ سان،
متان حادثا نہ ٿي پون تو هٿان...
سونھن تو مان سکي ايترو بکي ٿي،
چنڊ اڀريو هو ڄڻ تنھنجي نيڻن مان،
ڪير ڀر مان ويو آهي گذري ”ڪريم“،
جو لڱن مان نہ ٿي وڃي خوشبو اڃان.
هر طرف جلاوه افروز، محبوب ادائن وارن محبوب ماڻھن جا جلاوه هئا. ان شام شايد سونھن جي ديوين يا پرين جو اتي لھڻ ٿيو هو. مون کي تہ هي پرين جو آستان ٿي لڳو، جتي حسن جون ديويون پنھنجي جسم جي نمائش لاءِ صاف شفاف پاڻي کي پنھنجي جسم کي ڇھاءُ جي دعوت پيون ڏين. پاڻي جو وهڪرو بہ انھن قاتل حسينائن جي جسمن کي ڇهي ڪري ويتر وڌيڪ زور وٺي رهيو هيو. شايد هن جاءِ تي اياز آيو هو، جنھن هن منڪر ماحول کي ڏسي شيخ اياز چيو هو تہ:
قدم قدم تي هجوم رندان، نظر نظر ۾ شراب خانا،
ڪري ويو ڪو بارشءِ مئي، خمار آلود ٿيا زمانا.
پاڻي ۾ جوش بہ هوتہ شور بہ هو. شور بہ اهڙو جو آواز پري پري تائين ٻڌڻ ۾ پئي آيو. اسان جا ٽيئي دوست وهنجندي وهنجندي جبل جي پرئين ڪنڊ سان وڃي لڳا ها. مون جاني جي ڪيمرا سان انھن جي فلم ٺاهڻ شروع ڪئي هئي ۽ ان مووي ۾ ڪٿي ڪٿي هنن جا ڪلوز اپ وٺي، انھن دوستن جي تڙڳڻ جو انداز ڏسي خوشي محسوس ڪري رهيو هئس.
مون ڏٺو ڊاڪٽر سنتوش پاسو وٺي لڪ ڇپ ۾ اڳتي وڌي رهيو هو ۽ وڌندي وڌندي وڃي هڪڙي الهڙ ديوي جي پاسي ۾، محبتن جي تالاب ۾ اونھيون ٽپيون هڻي، ڪي ماڻڪ موتي لعل هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ محو هيو. مون سمجهيو تہ ڊاڪٽر کي ڪو پرل، ڪو هيرو، ڪا سپ يا ڪو قيمتي ياقوت، مرجان هٿ لڳي ويو آ جو هو بار بار هيٺ ٽُٻي هڻي ٻاهر نڪري پيو ۽ هن جي پاسي ۾ جيڪا سپ هئي، سا ڇرڪ ڀري اتان پري ٿي اچي جانيءَ جو پاسو ان اميد سان ورتو تہ هي شريف ڇوڪرو ڪا بہ هجت نہ ڪندو، پر ائين نہ هيو. هن کي خبر نہ هئي تہ هي شرارتي ڇوڪرو تہ سڀني جو اڳواڻ آهي.
جڏهن جاني بہ نڪ تي هٿ رکي آبشار جي پاڻي ۾ گهري ٽٻي هڻي گم ٿي ويو تہ مون کي شڪ ٿيو تہ هو بہ ڪا نہ ڪا حرامپائي ضرور ڪندو ۽ ٿيو بہ ائين جو ان سونھن واري سپ هڪ دفعو ٻيھر ايئن زوردار ڇرڪ ڀريو جيئن ڪا هرڻي ٽاھہ کائي اڳتي ڇال هڻي. سو مون اڃان بہ ڪلوز اپ وٺي ڏٺو تہ هاڻي اها پري پيڪر ڪاڏي ٿي وڃي. نيٺ هن پرتاب جو پاسو ورتو. ان مھل مون سمجهيو تہ هاڻي پرتاب ٽٻي هڻندو پر هن دفعي ان جي ابتڙ ٿيو، ان سونھن ديوي پاڻ هڪڙي زوردار ٽٻي هنئي، نتيجي ۾ پرتاب پريان وڃي جبل جي ڪنڊ تي چڙهي ويھي رهيو.
اتان مون کي هٿ لوڏي اشارو ڪيو ته”ادا بچاءُ ٿي ويو آهي، مان اوڪي آهيان.“ ان کان اڳ ۾ جو مان پنھنجي ڪيمرا جو رخ ٻي پاسي ڪيان، پاڻي منھنجي پيرن تي اچي لڳو هو. مون ڇرڪ ڀري تڪڙ ۾ دوستن جو سامان کڻي پوئتي ڪيو. هاڻي پاڻي جي وهڪري ۾ ڪافي تيزي آئي هئي. ڇو تہ برسات بہ ٿي رهي هئي. هرڪو پنھنجي مستيءَ ۾ مست هيو. ڪنھن کي بہ ڪنھن جي پرواھہ نہ هئي تہ ڪو ماڻھو اسان جي نيم اگهاڙن جسمن کي گهوري رهيو آهي، يا اسان جي وڊيو ٺاهي رهيو آهي. مون سان گڏ ڪيترائي سياح هن ماحول جي يادگار وڊيو ٺاهي رهيا هئا.
ڪيئي جوڙا اندر رومانس جي رونشي ۾ محو نظر آيا. چپن جا زوردار ٽڪراءُ ٿيندا رهيا، جن جوآواز آبشار جي آواز سان ملي دٻجي خاموش ٿي ويو. پيٽر بہ پري کان ڏسي هٿ لوڏي رهيو هيو. پاڻ کي هتي ڪلاڪ کان مٿي ٿي ويو هو. منھنجا دوست نڪرڻ جي وائي ئي نہ پيا ڪن. پاڻي تمام گھرو نہ هيو، پو بہ پنج ڦٽ کن هيو.
هتي انگريزياڻيون، انگريزن سان تڙڳڻ جو مزو ماڻي اسان کي سڪائي رهيون هيون. جبلن جي گهيري ۾ ۽ مٿان ڪڪرن جي ڀاڪرن ۾ هي آسمان ڪنھن جنت جون سڪون لاهي پيو. هاڻي پيٽر بہ ٿڪجي پيو هو. هن بہ اشارو ڪندي چيو تہ، ”ڪافي ٽائيم ٿي ويو آهي ٻاهر نڪري اچو تہ هلون.“ مان بہ دوستن کي ساڳي نوازش جو پيغام هٿ جي اشارن سان ڪندي چيو هو تہ، ” ڪافي ٿيو آهي، اچو تہ هلون.“ دوست اشاري تي آهستي آهستي ٻاهر نڪري آيا. دوستن جي هٿن ۾ بوٽ، شرٽون ۽ ٻيو سامان هيو. انتھائي خوشگوار موڊ ۾ هئا. ڇا تہ منظر هو، ڇا تہ ماحول هو.