انڊونيشن شاندار روايتي گيٽ ۽ سمونڊ
پارڪ جي وچ مان ننڍڙي پيچري تي هلندي پاڻ گهمڻ جو مزو وٺي رهيا هئاسين. پيچري جي ٻنھي پاسن کان ساوڪ ئي ساوڪ هئي. ڇٻر، وڻ، مختلف گلن جا خوبصورت ٻوٽا، ۽بھترين صفائي سان همڪنار ٿيل پيچرا، سڀ هن پارڪ جي سونھن بڻيل هئا. ڪاٺ جي تختي کي رٻڙ جي پٽي سان ٻڌي، مٿي کان ڦيرائي، ان تي ڪيتريون ئي مختلف شيون رکي وڪڻندڙ مرد توڙي عورتون چپي چپي تي پنھنجين شين کي فروخت ڪرڻ لاِءِ سياحن سان همڪلام هئا. هي ننڍڙا ڪاروبار، روزگار ۽ روزي جا متلاشي ماڻھو پنھنجي حق و حلال جي روزي ڪمائڻ ۾ مصروف هئا. ننڍڙا ننڍڙا گفٽ، ٻارڙن جا رانديڪا کپائيندي خوش نظر اچي رهيا هئا.
هاڻي اسان بلڪل جبل جي ٽڪري تي اچي بيٺا هئاسين، جتان اڳتي سمونڊ صاف نظر اچي رهيو هو. هن جاءِ تي ڪافي رش هئي. مون ڏٺو تہ زال مڙس پنھنجي ننڍڙي کي ٻارن واري گاڏي prem يا بيبي ڪيرئير ۾ ويھاري گهمائي رهيا هئا. هن ٽڪري تي بيھي جڏهن مٿان کان هيٺ سمونڊ جي ڇولين تي نظر وڌي سين تہ ائين لڳو تہ سمونڊ جون وڏيون بيتاب ۽ بيقرار ڇوليون، ان پھاڙي ٽڪري سان ٽڪرائجي مايوس ٿي واپس ورن پيون. ڇولين جي ٽڪرائڻ سان جيڪو سمونڊ جو آواز اچي پيو ان ۾ ڏاڍي دهشت ۽ خوف سمايل هيو. پر پوءِ بہ سياح بي خوف ۽ بي خطر ٿي سمونڊ جي ان ٽڪري تي بيھي، ڇولين جو اهو ڪٽ پتلي تماشو ڏسي لطف اندوز ٿي رهيا هئا.
پاڻ جنھن جاءِ تي بيٺا هئاسين. اتي هزارين ماڻھو اسان سان گڏ، اسان جي پاسي ۾ بيٺا هئا. دنيا جھان جا هي سياح، وڻ وڻ جي ڪاٺي جيان الڳ مذهب، رنگ، نسل، ڪلچر، ٻولي سان تعلق رکن پيا. پر اڄ فقط هن ٽڪري تي سمونڊ جي ڇولين جي نظاري لاءِ هڪٻئي سان سلھاڙجي گڏ بيٺا هئا. ڪنھن جو بہ ڪنھن سان ڪو واسطو، تعلق نہ هيو، نہ مذهبي، نہ ٻولي جو، نہ ئي ڪو رشتو. پر تنھن هوندي بہ هڪٻئي لاءِ احترام، ٻارڙن ۽ ليڊيز جو خيال سڀني سياحن جي اولين فرض ۾ شامل هيو. ڪنھن بہ قسم جي ڪابہ ڇڙواڳي نظر نہ آئي.
پاڻ ان ٽڪري کان ٿيندا، ٻي پاسي جبل جي ٻي ٽڪري ڏي روانا ٿياسين. اسان سڀ هاڻي ساحلي پٽي تي پير رکي اڳتي سمونڊ جي ڇولين جي ور چڙهي رهيا هئاسين. اڳيان سمونڊي سھڻيون ڇوليون اسان جي انتظار ۾ بيٺيون هيون. ٿورو اڳتي وڌياسين تہ انھن بيباڪ ڇولين اسان جو آڌرڀاءَ ڪيو. سمونڊ جي هن پاسي ٽڪري جي هيٺان اچي ڏٺوسين تہ سمونڊ جو پاڻي جبل جي ٽڪري کي هيٺان صفا ڪوري چڪو هو. هن پاسي ڪجهہ ماڻھن جي رش سوائي نظر آئي. جڏهن ويجهو ٿياسين ۽ ڏٺوسين تہ خبر پئي تہ همراھہ وٽ نانگ قيدي بڻيل آهن ۽ هو نانگن جو تماشو ڏيکاري رهيو هو. هي پوڙهو جوڳي بہ عجيب قسم جو ماڻھو هيو. نانگن کي قيد ڪري، انھن جا ڏند ڀڃي، زهر ڪڍي، انھن جو تماشو ڪري هر تماشي/سياح کان 500 انڊونيشن روپيا وٺي پيو. سو اسان کي اها ڳالھہ نہ وڻي، ان کي اتي ئي ڇڏي پاڻ اڳتي نڪري آياسين. هاڻي سمونڊ جو پاڻي پير پُسائي پيو. ان ڪري مون اهو نہ پئي چاهيو تہ سمونڊ جو پاڪ پاڻي اسان جي پيرين پوي، سو ان عمل کان بچڻ جي لاءِ مان پاسي ۾ جبل جي ڪوريل تمام وڏي پٿر تي مٿي چڙهي ويس.
جاني، ڊاڪٽر سنتوش ۽ پرتاب سمونڊ جي پاڻي کي جهاڳي، اڳيان ڪنھن ٽڪري ڏانھن وڃي رهيا هئا، مون کي تمام گهڻو اسرار ڪيو ويو تہ مان بہ کين ساڻ هلان، پر جيئن تہ مون کي سمونڊ جي پاڻي ۾ لھڻو نہ ئي هيو. ويندي ويندي جاني پنھنجي آئي فون منھنجي حوالي ڪئي ۽ چيو تہ،” توهان نہ ٿا هلو تہ ڀلا هن موبائيل سان هتان جي ماحول جا ڦوٽا ڪڍو تہ جيئن يادگاريون ڪم اچن. مون کي سنڌ جي ڀلوڙ شاعر اياز گل جي غزل جون سٽون ذهن ۾ تري آيون ؛
يادگيريون سنڀال، ڪم ايندئي،
ڪنھن وڇوڙي جي سال، ڪم ايندئي.
هُن کان پڇجانءِ، گڏ هلي سگهندينءِ؟
هڪڙو ننڍڙو سوال، ڪم ايندئي.
مون جاني جي ڳالھہ کي وزن ڏيندي، ان ٽڪري تي بيھي، هن سمونڊ جي سونھن کي اکين سان پسي، هن جي جوان جذبن ۽ جلون جا ڪيئي ڦوٽو ڪڍي ورتا ۽ مون سمونڊ جي خوشي محسوس ڪئي هئي، ڇو تہ هاڻي سمونڊ جون ڇوليون پيرن کان ڪافي ڏور هليون ويون هيون.