اُبد جي قديم مارڪيٽ ۾
پاڻ پنڌ هلڻ لڳاسين. پيٽر کي پاڻ منع ڪئي هئي تہ پاڻ مونڪي گارڊن نہ هلنداسين. ڇو تہ اتي سواءِ ڀولڙن جي ٻيو ڪجهہ هيو ئي ڪونہ ۽ اسان پاڻ کي ڀولڙن جي هٿان زخمي ڪرائڻ نہ پيا چاهيون. هاڻي پاڻ پنڌ ڪندا، دڪان ڏسندا هڪڙي دڪان جي اڳيان اچي بيھي رهياسين. هي ڪتابن جو دڪان هو. جنھن جي بورڊ تي لکيل هو؛.
Best bookshop in Bali. Imported Books and Magazine.
ڪتابن جي هن دڪان جو نالو Periplus هيو، پر اسان جي بدقسمتي جو هي دڪان ان وقت بند هيو. پاڻ ڪتابن جو ديدار فقط شيشن جي دروازن کان ٻاهران ئي ڪري پئي سگهياسين. هن دڪان جي هيٺان انڊر گرائونڊ پارڪنگ جو رستو هيو، جنھن جي مٿان اهو تمام وڏو ڪتابن جو دڪان ٺھيل هيو. اسان اڃان اڳتي مس هلياسين تہ سامھون کان روڊ جي پرئين پاسي وڏن اکرن ۾ لکيل هو، ”Sami Warun 9“ ۽ هن جي ان ئي بورڊ تي ننڍن اکرن سان لکيل هو cocktail Bar مون ڊاڪٽر جو ڌيان ڇڪرائيندي هن کي ان بورڊ ڏانھن اشارو ڪيو پر هن انڪار ڪندي چيو تہ، ” صحبت! پرھہ جي پياڪن واري لسٽ ۾ اسان جو نالو نہ آهي، توهان اڳتي هلو.“
اڳتي هلياسين تہ روڊ جي ڦٽ پاٿ تي ڪيترا ئي گل هيٺ پليٽ ۾ پيل نظر آيا، ان پليٽ ۾ اگربتيون بہ ٻري رهيون هيون. صبح صبح جو پھر هو. هرڪو پنھنجي روزي جي تلاش ۾ هيو. دڪان ڪي کليل هئا تہ ڪي کلي رهيا هئا. هڪڙي ڪنڊ ۾ هڪڙي ٺڪر جي ڪونڊي تي ڪنوار ٻوٽي جو سائو اجڙيل ٻوٽو پيو هيو. هن ٻوٽي تي مٽي مھربان ٿيل هئي. هن جي ڪنڊن وارن پنن تي ڪي مڻين وارا تعويز ٽائيپ ڌاڳا پڻ ٻڌل هئا. مون تڪڙ ۾ ان جي تصوير بہ ڪڍي ورتي هئي.
سامھون کان هڪڙي ٻہ ماڙ بلڊنگ ڏٺي سين، جنھن جي ڇت نيپال جي پگوڊا جھڙي هئي، جنھن تي وڏن اکرن سان انگريزي ۾ لکيل هو؛ Polo Ralph Lauren . هن عمارت جو سڄو رنگ نيرو هيو. اهڙي ريت هتي هن بازار ۾ ڪيترا ئي ننڍا وڏا دڪان هئا. وڏو روڊ جنھن جي ٻنھي پاسن کان پانڌيئڙن لاءِ ڦٽ پاٿ ٺھيل هو. هڪڙي پاسي ڏندن جي ڊاڪٽر جي ڪلينڪ پڻ نظر آئي. جنھن جي بورڊ تي وڏن اکرن سان لکيل هو Dokter GIGI (Dentist). .
مون ڊاڪِٽر کي چيو، ” سائين ڏندن جي ڊاڪٽر سان ملون.“ ”نہ يار ڏندن جا ڊاڪٽر مون کي سٺا نہ لڳندا آهن، ڇو تہ اهي ڏند ۽ ڏاٺ ڪڍي اسان جو برو حشر ڪري ڇڏيندا آهن. مون کي دل جا ڊاڪٽر وڻندا آهن، جيڪي دل جي ڪيفت کان واقف ٿي، دل جي درد کي محسوس ڪندي، دل جو خيال ڪندا آهن. هي تہ ظالم آهن. انبوريون کڻي ڇڪ ڇڪان ڪري ماڻھن کي ايذائن ٿا.“ پاڻ جيئن ئي اڳتي هلياسين تہ سامھون کان ٽيٽو جو دڪان نظر آيو مون وري بہ ڊاڪٽر کي چيو تہ، ”توهان ٽيٽو تہ ضرور ٺھرائيندو.“ چيائين، ”ها،پر هتي نہ، ٿائيليڊ ۾.“