لائيو ڪلچرل شو
ان کان پوءِ مداريءَ جو وارو آيو، هي ڪمال جو مداري هيو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي تہ هو پنھنجي فن ۾ تمام وڏي مھارت رکندڙ هو. هن فنڪار بہ پنھنجي فن جا ڪرتب ڏيکاريا. سڀ کان اول تہ هن جو اسٽيج تي داخل ٿيڻ جو انداز ڏاڍو نرالو ۽ منفرد هيو. هو ڪافي دير هڪ ٽنگ تي اسٽيج جي داخلا واري دروازي تي بيٺل رهيو. جنھن مان اهو تاثر اڀريو تہ هو منڊو آهي ۽ جڏهن هو منڊڪائيندو اسٽيج تي آيو تہ بہ ائين لڳو تہ هو هڪ ٽنگ کان معذور آهي. پر جڏهن هو اوچتو ٻنھي پيرن تي بيھي رهيو تہ هن سڀني تماشائين کي حيران ڪري ڇڏيو. هن سان گڏ ڇھہ ست ناريون ڪلچرل ڊريس ۾ ملبوس پنھنجي فن جو ڪمال ڏيکارينديون رهيون. اهڙي ريت هتان جي ڪلچرل موسيقي جي مڌر سرن ۾ هي شو هلي رهيو هو. ماڻھو هنن مدارين کي داد ڏيندا رهيا. هن مداري جو پنھنجي فن سان عشق هيو يا تہ هو پاڻ عشق هيو جيڪو اوچتو هن جي اندر مان ڦٽي نڪتو هو. مون کي مولانا رومي جو شعر ذهن ۾ اچي ٿو تہ؛
دوش ديوان شدم، عشق مرا ديد و بگفت،
آمدم، نعره مزن، جامه مدر، هيچ مگو.
(اڳين رات مان چريو/پاڳل ٿي ويو هئس، پوءِ عشق جي نظر مون تي پئي ۽ هن مون کي چيو،”هاڻي مان اچي ويو هان، ان ڪري تون نعرا نہ هڻ، ڪپڙا نہ ڦاڙ ۽ ڪجهہ بہ نہ چئو“).
اسان مان جاني هن شو جي رڪارڊنگ تماشائين واري جاءِ کان ويھي ڪري رهيو هو ۽ مان هيٺ لھي بلڪل اسٽيج جي ويجهو اچي هنن مدارين جي ڪرتب جا ڪلوزاپ وٺندي، هنن کي تمام ويجهڙائي کان ڏسي ۽ وڊيو رڪارڊنگ ڪري رهيو هئس. مدارين شو جي دوران هڪڙو ٻيو ڪمال اهو بہ ڪيو تماشائين مان ٻن ٻارڙن کي هيٺ اسٽيج تي وٺي آيا، جن کي پھرئين پاڻ ڪرتب ڪري سيکاريو، ٿوري دير کان پوءِ تہ اهي ٻارڙا بہ ائين ڪرڻ لڳا، جيئن مداري ڪري رهيا هئا. هاڻي تہ ٻارڙا بہ خوش ٿي رهيا هئا ۽ انھن سان گڏ انھن جا والدين پڻ خوشيءَ ۾ ٽڙي پيا هئا. هي ٻارڙا ڏاڍو سٺو پرفارم ڪري رهيا هئا.
ٿوري دير کان پوءِ شو ختم ٿي چڪو هو. سڀني تمام گرم جوشي سان اٿي بيھي، زوردار تاڙين جي گونج ۾ مدارين کي دل سان داد ڏيئي الوداع ڪيو.