ڊينپسار ايئرپورٽ بالي
اسان کي ايئرپورٽ واري پروسيس مان فارغ ٿيندي ڪلاڪ کن لڳي ويو. ان کان پوءِ اهو ڊسڪلوز ڪرڻو هيو ۽ هڪڙو فارم ڀرڻو هيو تہ اسان وٽ ڪيترا ڊالر آهن ۽ اسان ڪيترا ڊالر کڻي هنن جي ملڪ ۾ داخل ٿيا آهيون. ان کان پوءِ اسان ايئرپورٽ کان ئي ٽيڪسي ڪرائي جنھن اسان کان پاڪستاني پنج هزار ورتا.
هتان جي ڪرنسي پاڪستاني ڪرنسي جي ڀيٽ ۾ هيٺ يا ڪريل آهي. اسان جو هڪ روپيو تہ انڊونيشن 49.10 روپيا ملن ٿا. سو هتي ايئرپورٽ مان ئي اسان مني ايڪسچينج ڪرائي ڇڏي. ان وقت اسان کي ايترا انڊونيشين روپيا مليا جو اسان ٿوري دير ۾ ڪروڙ پتي ٿي وياسين. پر ساڳي جاءِ تي هتان جي هر شيءِ بہ هزارن ۽ لکن ۾ هئي. ان ڪري اسان جا خرچ وڏا هئا. مثال جي طور مون هڪڙو ٽوپلو 80 هزار انڊونيشن روپين ۾ ورتو ۽ پاڻيءَ جون ٻہ عدد ننڍيون بوتلون ورتيون. هڪڙي بوتل ڏھہ هزار روپين ۾ ملي. يعني مون هڪ لک روپيه صرف پاڻي ۽ ٽوپلي خريد ڪرڻ تي خرچ ڪري ڇڏيا. اها ساڳي بوتل اسان کي اُتي 202 روپين جي پئي، جڏهن تہ پاڪستان ۾ اها 40 کان 50 روپين جي آهي. هاڻي توهان اندازو لڳايو تہ اسان ڪٿي بيٺا هئاسين ۽ اسان جو خرچ ڪيترو هوندو ۽ اسان جو ملڪ ڪٿي بيٺل آهي.
اسان ايئرپورٽ تان ٽيڪسي ڪرائي هئي، جيڪا بنسبت ٻاهرين ٽيڪسي جي ڪجهہ وڌيڪ مھانگي پئي، پر جيئن تہ اسان وٽ سامان گهڻو هيو، ان ڪري گهڻي گهل کان بچڻ لاءِ ايئرپورٽ جي ٽيڪسي کي ئي ترجيح ڏنيسين. اسان کي بالي وڃڻو هو. جيڪو ايئرپورٽ کان ڪافي ڊرائيو تي هيو. اسان کي عاليشان جي طرفان بوڪ ڪرائي ڏنل هوٽل ”پوري ديوا ڀارتا“ ۾ پھچندي تقريبن منو ڪلاڪ کن لڳي ويو.
ڊرائيور سان حال احوال ڪندي، وقت جي خبر ئي نہ پئي، انڊونيشيا جا صاف ۽ ڪشادا روڊ، اهو تاثر ڏين پيا تہ هتان جي حڪومت پنھنجي عوام سان ڪيترو مخلص آهي. ڪٿي بہ ڪا حددخلي نظر نہ آئي. هاڻي ٽيڪسي وارو مين روڊ ڇڏي سوڙهي گهٽي ۾ داخل ٿيو هو ۽ سوڙهين گهٽين مان ٿيندو، گليون ڪراس ڪندو، شارٽ ڪٽ وٺي بنگلي نمان گيٽ مان اندر داخل ٿيندي هڪڙي پراڻي ڪلچر اسٽائيل جي هوٽل جي ڪائونٽر اڳيان اچي بريڪ هنئي. نيٺ هوٽل تي اچي نڪتاسين.