انڊين هوٽل جي مزيدار ماني
پاڻ مٿي پورشن ۾ ڪاٺي جي ڏاڪڻ جي ذريعي هليا وياسين. اسان کي گهڻو انتظار ڪرڻو پيو، ڇو تہ گرم گرم تازي ماني پچي رهي هئي. جڏهن ماني آئي تہ ڏسڻ سان ئي ٻوڙ جي رنگ ۽ خوشبو مان اندازو ٿيو تہ ماني مزيدار آهي. جيتوڻيڪ اسان مان ڪو بہ پيٽو نہ آهي، سڀ دوست هڪڙي ڊڳڙي کائڻ وارا ماڻھو آهن، پر جيئن تہ سڀني کي بک لڳي هئي ۽ مٿان وري ماني بہ تازي ۽ لذيذ هئي، ان ڪري اسان جي دوست اقبال ايس سولنگي جي چواڻي تہ ماني ڇڪي کائو. ان ۾ ڪو شڪ نہ هيو تہ انتھائي بھترين ۽ سواد واري ماني هئي. ماني کان پوءِ مٿان جڏهن غضب جي ڦوٽن جي خوشبو واري چانھہ جو دور هليو تہ صفا نشا ٿي ويا. ڀريل پيٽ جا بہ پنھنجا نخرا ۽ نشا هوندا آهن. هن مھل اسان جي عياشي صفا دنگ ٿي ويئي. ۽ جڏهن ٿوري دير کان پوءِ چانھہ جي مٿان گولڊ ليف جو سگريٽ دکايم تہ ائين لڳو تہ عياشي جي ڄڻ انتھا ٿي ويئي هجي. هاڻي جڏهن عياشي دنگ ٿي ويئي هئي تہ پوءِ باقي جيئڻ جو مقصد ڪو بہ مقصد نہ پيو نڪري. ان ڪري دل چوي پئي تہ هاڻي مري وڃڻ گهرجي. پر اسان جا هوش ان وقت خطا ٿي ويا، جڏهن اسان جي اڳيان ماني جو بل آندو ويو . پاڪستاني حساب مطابق اسان ساڍن ٻارنھن هزار روپين جي ماني کائي ويا هئاسين. جيڪو تمام وڏو بل هيو. هن بل اسان جي عياشي جا کيپ ٽوڙي ڪرچيون ڪرچيون ڪري ڇڏيو هو. ڇو تہ هتان جي رقم جي مطابق اسان ساڍا پنج لک انڊونيشن روپين جي ماني کائي چڪا هئاسين. ڊاڪٽر رڙ ڪري چيو، ”مار ايڏي ماني کائي وياهون. ڳوٺ ۾ تہ ايترن روپين ۾ سڄو ڳوٺ کائي ها.“ هاڻي صلاح ڪئيسين تہ ايتري ماني کائڻ کان پوءِ هوٽل تائين واڪ ڪجي تہ بھتر، سو بہ واڪنگ اسٽريٽ تان تہ جيئن ماني بہ هضم ٿئي ۽ اسان جا دک درد بہ دور ٿين. پرتاب تہ هون ئي پنڌ جو ڪوڏيو. جاني بہ پنڌ جو پويون ڏينھن، باقي منھنجي ۽ ڊاڪٽر جي پنڌ سان لڳي ئي ڪانہ.
سو ائين ئي پاڻ کي گھليندا گھليندا، هنن دوستن جي پويان هلندا، اچي هوٽل پھتاسين. هوٽل ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ۾ مون ڊاڪٽر کي چيو تہ، ”ڊاڪٽر توهان کي ڪنھن چيو تہ ايڏي ماني کائو.“ ڊاڪٽر کلي ڏنو چيائين، ”هاڻي گهٽ ۾ گهٽ پيٽ جو مسئلو تہ حل ٿيو باقي ٻي پيٽ جي مسئلي جيڪڏهن ڪر کنيو تہ ان کي بہ منھن ڏيئي وينداسين.“ ان کان پوءِ ڪافي دير تائين ڊاڪٽر سان ڪچھري ٿيندي رهي، پوءِ هر ڪو پنھنجن بسترن جي ور چڙهي ويو.