ڪتاب جو نالو: مري شالَ مَلهائِيان!
مصنف: آزاد بُخاري
ڇپائيندڙ: اين. اي جان فائونڊيشن، حيدرآباد
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2013
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 10 جون 2020 ع
پڙهيو ويو: 861 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 181 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
آزاد بخاريءَ جو هيءُ ڪتاب ’مري شال ملھائيان!‘ قومي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن ۾ پڙهندڙن کي نه صرف سنڌ سان ٿيندڙ ويڌن جي خبر پوندي، پر اُن ويڌن جي خاتمي لاءِ صلاحون پڻ موجود آهن، اُن ڪري مون کي اُميد آهي ته هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ مزاحمتي شاعريءَ جي حوالي سان هڪ بهترين اضافو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • ارپيان ٿو
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر پاران
  • مهاڳ
  • آزاد بخاري جي شاعريءَ ۾ محبوب سنڌ نظر آئي!
  • ڌرتيءَ لاءِ لوچيندڙ شاعر آزاد بخاري
  • ٻه لفظ شاعر جا...!
  • غزل

  • جيون جي پيڪڙن ۾ زندگي ڦٿڪي پئي،
  • پاڻ تعصب جي اهو فرياد ٿو ڪري،
  • وطن جي دشمنن آڏو ھالار ٿي،
  • شهر، ڳوٺ شمشان ڇو ٿو بڻائين،
  • زبان تي تالا، سماعتون بند،
  • اچو ته آخري ڀيرو گڏجي وڙهون،
  • واڪا ڪبا وس، مارو ملڪ ملير لئه،
  • خزان کي آ خبر ڪهڙي، بهارن جي ته دردن جي،
  • مون ۾ روح پئجي ويو آ ماسيڪانَ• جو،
  • پنهنجي ڌرتي جي مٽيءَ ۾ پيار جو اچ ته ٻوٽو پوکيون،
  • افسوس ديس! تنهنجو گهاءُ ڀري ڪين سگهيس،
  • اڄ باهه بلوچستان ۾ ڀنڀٽ ٿي آ ڀڙڪي ڙي،
  • انسان کي، انسان اڄ ساڙي پيو،
  • روح کي لڳيون تنهنجون لغارون آهن،
  • اسان کي ديس جي درد کانسواءِ،
  • بيدار ٿي انسان حيوان اچي ويا،
  • پاڻ ڪنهن زورآور سان ڪڏهن ٺهون ئي ڪونه،
  • لانگ بوٽن آ ڌرتي لتاڙي سنڌو،
  • روبوٽ وانگي ڪا مشين ناهيان مان،
  • گند جي ڍير تان مئل ٻار مليو،
  • ديس جي دشمنن جا رستا هاڻ تنگ ڪر،
  • ديس مٿان انڌيرن جو راڪاس آهي،
  • سنڌي ٻولي اڄ به، لَپِيُنِ ۾ ورهايل،
  • هٿ ٻڌي ٿو چوان مان سنڌ جي عوام کي،
  • ظالم لئه چوين ٿو مظلوم آهي،
  • ڀُڳڙن جي مُٺ تي انصاف وڪامي ٿو،
  • هي وقت ته ڪڏهن ورڻو آ،
  • آدمي، آدمي کان ٿيو بيزار آ،
  • درد جي شهر ۾ ماڻهپو اڻلڀ ٿي ويو،
  • انڌيرن ۾ شمع جلايو ته روشن جهان ٿئي،
  • سنڌ منهنجي ماءُ آهي،
  • اسان جي هتي يارو قسمت ڦٽي آ،
  • تو بنا سِر اڏيءَ تي آ پرين اڏيل،
  • پنهنجي ذهن کي تون گندو ٿو ڪرين،
  • وايون

  • مري شال ملهائيان، جيجل توسان نڀائيان،
  • ڀل ته پنهنجي ديس ۾ ٽهڪ ڏين چلوليون،
  • قلف ڪڙا کول پُٽ،
  • ڪيڏا آهن رنگ ٻنين ۾،
  • هن ڏاڍ ۽ ظلم جي ننگريءَ ۾،
  • بوبي سينڊس، ناهيان نذرالاسلام،
  • ڀنڀٽ باهه ٿي ڀڙڪان ٿو،
  • گول دنيا جي نقشي تي،
  • سنڌ جا والي، حاڪم نندا،
  • نه ڍورن ۾ پاڻي، نه ڍنڍن ۾ پاڻي،
  • اي بادلو ! اي بادلو!!
  • اڳــي ائــيــن نـــه هــياســــــــي،
  • ڪنهن جي ڪانهن جي ڪنڌيءَ کي باهه لڳي جي وئي،
  • سدائين تنهنجي عظمتن جو نغمو ڳايو آ،
  • جُڳن کان جاڳ جو راڳ،
  • ڳاءِ ڍوليا ڳاءِ، پنهنجي سنڌڙيءَ لاءِ.
  • پنهنجي ديس خاطر، وڙهي جو مري،
  • ڌرتيءَ کي ڇڏيان، توسان لانوَ لهان،
  • گوليءَ جي ڪا ٻولي ناهي ٿيندي،
  • گيت

  • جڏهن ظلم جي نگري ڊهندي،
  • اي ديس منهنجا دلدار پرين،
  • دشمن کي سرعام چوان ٿو،
  • غيرت ڇو وئي اٿوَ، ڌرتي ڇو وڪي اٿوَ،
  • مونسان ساري سنڌ آهي، ڀڄي وڃ اي گيدي تون،
  • او آزادي
  • گس نئون ڪو وري ٺاهي وٺو،
  • پاونگ ٿيو، ديس لئه لڙو،
  • رت رنگيل تنهنجو رئو کڻي ڳلي ڳلي ويندس،
  • اٿو يارو اٿو يارو، امن وارؤ امن وارؤ،
  • پاڻ ڪيو آ جيجل سنڌ سان اهوئي وچن،
  • خيال ۽ هوش سان ڏسندا هلو،
  • اچ ڌرتي سنڀارئي ٿي،
  • لوڪ گيت
  • لوڪ گيت
  • لوڪ گيت
  • نظم

  • سنڌڙي سائي رهي
  • ياد تنهنجي
  • سردارِ شهر
  • سنڌڙي وڌي
  • ميزائيل مصيبت
  • سنڌ جا سائين
  • وطن جا ويري
  • سنڌ جا نوجوان
  • سنڌ ساھ وطن
  • شڪست ڏيو
  • احتجاج
  • ديس جي مٽي
  • پنڇي امن جو
  • درد
  • دل کي قرار
  • سنڌ واسيو
  • اظهار
  • پروانا پُٽ
  • منزل ماڻيون
  • انسانيت وڪوڙيل
  • سهڻي سنڌ
  • شاھ ڀٽائي
  • ڪل ئي ناهي
  • سانگي سلامت رهن
  • ساھ کان پياري
  • بشير خان قريشي
  • جيترو سهي سگهو
  • ڌوڙ
  • روشني
  • پلاند پراڻو نه ٿيندو
  • سنڌ ڄائي
  • ڪاروان هلندو رهي
  • ماٺ ئي ماٺ
  • سستا وڪامون ٿا
  • سنڌي ٻولي
  • قسم ٿي
  • ماروئڙن تي مارا
  • سنڌڙي سڏي پئي
  • راڙ ٿي اٿ
  • ڪجهه ڪڇ
  • تون غم نه ڪر
  • آزاد نظم

  • نوجوان
  • رات
  • اسان جو اولاد
  • ساٿي
  • انسان
  • نانگ
  • حيران
  • نثري نظم

  • سچا جذبا
  • شهيد جي آس
  • ڌاريو
  • تعصبي
  • لطيف
  • صحافي
  • سنڌ پرست
  • ڪافر
  • سلام
  • کٽڪو
  • اوجيجل
  • خواب
  • آزادي
  • اڻ ڄاڻ
  • ڪچي پنڊي
  • سنڌ
  • خوف
  • حيوانيت
  • هڪ انچ به نه ڏبو
  • ملان
  • شهيد وطن
  • هوشيار
  • چيچڪا
  • انتظار
  • سنڌ سلامت
  • بئڪ ٽائيٽل پيج

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: مري شالَ مَلهائِيان!
    موضوع: شاعري
    شاعر: آزاد بخاري
    ٽائيٽل ۽ اسڪيچ: محمد هارون چنو
    ڪمپوزنگ: امبرين خاصخيلي ۽ راز محمد لغاري
    ڇپائيندڙ: راجا ادريس لغاري
    سيڪريٽري،
    اين. اي جان فائونڊيشن، حيدرآباد
    رابطو: 3799739-0346، 3092229-0344
    ڇاپو: پهريون، جولاءِ 2013ع
    قيمت: 200 روپيا
    ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    books.sindhsalamat.com



    ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ (سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ) ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو


    ارپيان ٿو

     بشير خان قُريشي
     سرائي قربان کهاوڙ
     سميع الله ڪلهوڙي
     قيوم منگي
     مظفر ڀُٽي
     روپلو چولياڻي
     نورالله تنيي
     عامرکهاوڙ
     سجاد مرکنڊ

    سميت سنڌ جي سمورن
    اڙٻنگ ۽ جوڌن پُٽن کي،
    جن سنڌ امڙ لئه جامِ شهادت پي،
    آزاد بخاري


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”مري شال ملھائيان“ پيش ڪري رھيا آھيون. هي ڪتاب نامياري شاعر ۽ ليکڪ آزادي بخاريءَ جي قومي شاعريءَ جو مجموعو آھي.

    آزاد بخاريءَ جو هيءُ ڪتاب ’مري شال ملھائيان!‘ قومي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن ۾ پڙهندڙن کي نه صرف سنڌ سان ٿيندڙ ويڌن جي خبر پوندي، پر اُن ويڌن جي خاتمي لاءِ صلاحون پڻ موجود آهن، اُن ڪري مون کي اُميد آهي ته هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ مزاحمتي شاعريءَ جي حوالي سان هڪ بهترين اضافو آهي.

    هي ڪتاب 2013ع ۾ اين. اي جان فائونڊيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون آزاد بخاري صاحب جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر پاران

    ’مزاحمت‘ سنڌي ادب جي هڪ خاص خصوصيت رهي آهي. اسان جي تقريبن سڀني ڏات ڌڻين ’مزاحمتي ادب‘ کي هٿي وٺرائي آهي؛ اُن ۾ مزاحمتي شاعرن جي ته هڪ وڏي فهرست آهي، اُن فهرست جي آخري صفحن تي آزاد بُخاريءَ جو نانءُ به شامل آهي، جيڪو پنهنجي جوڀن کان اُن فهرست ۾ شامل آهي.
    آزاد بُخاري عروض جي پابندين کان آجو شاعر آهي، ۽ آئون سمجهان ٿو ته اِها به چڱي ڳالهه آهي، لازمي ناهي ته شاعر ’عروض‘ جي گهاڙيٽن جو علم حاصل ڪري رُڳو ’لفظن‘ ۽ ’گهاڙيٽن‘ جو شاعر ٿئي، پر بنا عروض جي به شاعرپنهنجا جذبا ٻين تائين سٺي نموني پهچائي سگهجي ٿو ۽ آزاد به پنهنجا جذبا عروض جي قائدن کان هٽي ڪري اسان تائين پهچايا آهن، ۽ پنهنجو آواز سُٺي نموني پهچايو آهي.
    هن ڪتاب کان اڳ اسان فائونڊيشن پاران آزاد بخاريءَ جا ٻارڙن لاءِ ڪيل شاعريءَ تي مشتمل ٻه ڪتاب شايع ڪري چُڪا آهيون، جنهن مان هڪ ڪتاب کي سنڌي ادبي سنگت سنڌ ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران بهترين ڪتاب جو اوارڊ پڻ ڏنو ويو آهي.
    آزاد بخاريءَ جو هيءُ ڪتاب ’مري شال ملهائيان!‘ قومي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن ۾ پڙهندڙن کي نه صرف سنڌ سان ٿيندڙ ويڌن جي خبر پوندي، پر اُن ويڌن جي خاتمي لاءِ صلاحون پڻ موجود آهن، اُن ڪري مون کي اُميد آهي ته هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ مزاحمتي شاعريءَ جي حوالي سان هڪ بهترين اضافو آهي.

    20 جولاءِ 2013ع
    احسان علي لغاري
    چيئرمين (اعزازي)
    اين. اي جان فائونڊيشن، حيدرآباد 


    مهاڳ

    ناحق ڪٺلن جو ڪيڏارو
    شاعر بنيادي طور امن جو پرچارڪ ٿيندو آهي. هو چاهيندو آهي ته دنيا جنت جو ڏيک ڏي. فطرتي سونهن شاعر جي ڪمزوري هوندي آهي، ڌرتي سان محبت شاعر جي ايمان جو جُز هوندي آهي. گهاٽي ڇانو ڏيندڙ ۽ ميويدار وڻ، گل ٻوٽا، گاھ، پوپٽ، ڀؤنرا، ڀنڀوريون، پکي، جانور، جيت، جبل، آبشار، نديون، سمنڊ، جهُڙ، مينهن، چنڊ، ستارا، مطلب ته واريءَ جي ذري کان وٺي سج تائين هرڪا شيءِ سندس موضوعِ سخن رهي آهي. شاعر اُنهن سمورن فطرتي شين جي بقا لاءِ جدوجهد ڪندو رهندو آهي. شاعر کي پهريون سبق محبوب جي اکين کان ضرور ملي ٿو، پر پوءِ هر ايندڙ سبق هو فطرت جي گوناگون نظارن ۽ سماج مان حاصل ڪري ٿو ۽ اهڙيءَ طرح هڪ انسان کان شروع ڪيل محبت کيس پوري ڪائنات جي محبت ۾ گرفتار ڪري ڇڏي ٿي.
    شاعر جي اهڙي محبوب ڪائنات جي ڪنهن به ذري تي ڪو به حملي آور ٿئي ٿو ته شاعر پنهنجي سموري توانائيءَ سان هڪ دانهن ڪري ٿو، اها ئي دانهن هڪ مزاحمت بڻجي پوي ٿي. شاعر جنگ جي خلاف جنگ (War Against War) ۾ شامل ٿئي وڃي ٿو ۽ ان جي پهرين صف جو سپاهي بڻجي وڃي ٿو. لطيف سرڪار جي هنن سٽن مطابق ته:
    سورهيه! مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار،
    هڻ ڀالا وڙھ. ڀاڪرين، آڏي ڍال م ڍار،
    مٿان تيغ ترار، مارِ ته متارو ٿئين.
    اُنهن شيطاني قوتن سان، انسان جي ويڙھ جو داستان به ايترو ئي پراڻو آهي، جيتري خود انسان جي تاريخ، پر شاعري ذريعي ويڙھ ۽ هٿيارن ذريعي ويڙھ ۾ فرق آهي.
    مون ڏات انوکي آندي آ، ٿي تند وڙهي تلوارن سان،
    ٽڪرايان پنهنجا گيت جڏهن، ٿو آءٌ سندءِ ديوارن سان،
    ٿا تنهنجا ڀاري برج لڏن، تون هيڻو آن هٿيارن سان.
    مزاحمتي شاعري ۽ نعري بازي ۾ وار کان سنهي ۽ تلوار کان تِکي وٿي آهي. ان جو فرق ڪي ٿورا شاعر سمجهي سگهيا آهن. مزاحمتي شاعري جي عمر صديون ٿيندي آهي ۽ ٺلهي نعري بازي جي عمر جر تي ڦوٽي جيتري. سڄاڻ ۽ تخليقارن شاعرن تي اهو فرض آهي ته اهڙي شاعري سرجڻ کان پهريان اُن فرق کي سمجهن ۽ پوءِ ئي قلم کڻن.
    اڪثر نبي سڳورا ۽ اولياءِ ڪرام پنهنجن پنهنجن دورن جا انقلابي ۽ سماج سڌارڪ هوندا آهن. مخالف انهن کي باغي، جادوگر ۽ چريي جي لقبن سان نوازيندا آهن، پر هو پنهنجي ڳالهه تان تِر برابر به نه هٽندا آهن. ابراهيمؑ نمرود جو دشمن هيو؛ موسىؑ فرعون جو باغي هيو؛ محمدﷺ ابو جهل جي ٽولي جو مخالف هيو؛ حسين ابن عليؓ يزيد جي بعيت نه ڪئي؛ داراشڪوھ اورنگزيب جو باغي هيو ۽ ايئن ئي سنڌ به شاهه عنايت شهيد کان وٺي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ تائين ڪيترائي ماڻڪ موتي پيدا ڪيا آهن، جيڪي پنهنجي پنهنجي دؤر جا باغي آهن. شيخ اياز: ”او باغي! او راج دروهي“ جهڙو نظم لکي اهڙن املهه هيرن جي واکاڻ ڪئي آهي. هنن باغين جو سِر تريءَ تي هوندو آهي، کين اها ڄاڻ هوندي آهي ته موت اسانکي اَمر ڪري ڇڏيندو، هنن جو اهو نعرو آهي ته:
    ”مرڻ مون سين آءُ، ته پٺيءَ تو پنڌ ڪيان“
    ــــ
    جي تون وڙهندين ماريو ويندين،
    هن وستيءَ تان واريو ويندين،
    دودا! تنهنجو ساھ. ته ويندو،
    ماڻهوءَ جو ويساھ نه ويندو.
    فارسي شعر جي هڪڙي سٽ آهي ته:
    کس که کشته نه شد، از قبيله ما نيست
    جنهنجو پڙاڏو شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ به گونجيو ته:
    جيڪو ڪونه ڪٺو، سو نه اسان جي ڪڙم مان
    آزاد بُخاريءَ جي شاعري اهڙن سمورن ناحق ڪٺلن جو ڪيڏارو آهي. مزاحمتي شاعري لکڻ مهل توهانکي حق جو طرفدار ٿيڻو پوي ٿو ۽ ظلم جي خلاف آواز اٿارڻو پوي ٿو. ظلم وقتي طور لڳندو آهي ته ڏاڍو سگهارو آهي، پر اندران کوکلو هوندو آهي. ظلم جا ڪوٽ، ڪڙا، بُرج ۽ ڪُنگرا سڀ دوکي جي ديوار هوندا آهن. صرف شعوري سگهه کي يڪجا ڪري، ان تي هڪڙي ئي ڪاري ضرب هڻي کيس ڪيرائڻو هوندو آهي. آزاد بخاري صدين جي ان تاريخ جو پاٺڪ هجڻ سان گڏوگڏ هڪ روشن دماغ لکاري به آهي. هو جڏهن چوي ٿو:
    هي ملڪ ڊائر ڪنهن نيپئِر جو ته ناهي
    ته هو پڙهندڙن سان ڪا اهڙي مام سلي رهيو آهي، جيڪا صدين جي تاريخ جو نچوڙ آهي. ڀٽائي ءَ جي سٽ اڄ به رهنمائي ٿي ڪري ته:
    ”ڌاريا ئي ڌاريا، مٽ مئي جا نه ٿيا،
    مدي ڏيرن من ۾، آءٌ کِليو کيڪاريان،
    صبح جي ساريان، ته اٺ نه اوطاقن ۾.“
    ڊائر ۽ نيپئِر سامراجي ڪردار آهن ۽ هر دور ۾ اُنهن جي مخالفت ڪرڻ حق ۽ سچ جي شاعر جي ايمان جو جزو آهي.
    آزاد بخاري جي راءِ آهي ته:
    رت وهائي ٿو پيو، امن جي نانوَ تي،
    عالم امن کي جو برباد ٿو ڪري.
    سامراج خوش نه ٿي جنگ ناهي تو جيتي،
    هڪ ديوانو، سامراج مردھ باد ٿو ڪري.
    تنهنجي جهنڊي کي پورهيت سرخ آ سلام،
    آءٌ ڇا، مزدور هرڪو زندھ باد ٿو ڪري.
    آزاد بخاري ”سامراج دشمن ۽ مزدور دوست“ جدوجهد جو حامي آهي ۽ اهو ديوانو جيڪو ”سامراج مرده باد“ جا نعرا ٿو هڻي اهو سندس هيرو آهي، ڪهڙي خبر متان اهو ديوانو هو پاڻ هجي؟
    روسي نظم جو ترجمو آهي ته: ”هو اسانکي مڇيءَ وانگر ڄار ۾ ڦاسائين ٿا، پوءِ ترين ٿا، پچائين ٿا ۽ دسترخوان تي سجائن ٿا ۽ پوءِ کائن ٿا، پر اسان هڪ ڏينهن مڇي جي ڪنڊي وانگر سندن نڙيءَ ۾ ڦاسي پونداسين.“
    ”سامراج مرده باد“ جو نعرو هڪڙو اهڙو ڪنڊو آهي، جيڪو هميشه سامراج جي نڙيءَ ۾ چُڀندو رهندو آهي. ”پرائي مال تي، ٽوپي نراڙ تي“ رکندڙ هي منهن ڪارو اڪيلو ناهي، پر انهن جا ڪٽڪ آهن. هو هر علائقي ۾ پنهنجا جوڙيوال پيدا ڪري ٿو، جيڪي پنهنجن، نادار مظلوم ۽ بي پهچ ۽ اٻوجهه ماڻهن تي ظلم جا پهاڙ ڪيرائين ٿا. اهڙا غدار، ماڻهن جي منڊيءَ ۾ ’ٽڪي ۾ ٽيهه‘ وڪامندا آهن. اهڙي هڪ ڪوڙھ ورتل ڪردار کي ملڪ نديم خوب وائکو ڪيو آهي:
    ”وڏيرو، ڪاموري اڳيان گهاڻي جو ڏاند،
    مسڪين جي پويان ڇتو ڪتو،
    وڏيرو ڌارين جي آڏو اورنگزيب جو غلام،
    پنهنجن پويان جلاد، تارا مسيح،
    وڏيرو صوبيدار اڳيان ٽيبل فين،
    هاري پويان بنا بريڪ جيپ.“
    مان ته گهٽ ۾ گهٽ هن نتيجي تي پهتو آهيان ته ملڪ جي عوام جي ترقيءَ ۾ هي ڪردار هڪ وڏي رڪاوٽ آهي، پنهنجي پٽ کي ته آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج مان پڙهائڻ جي خواهش رکي ٿو، پر ڳوٺ واري اسڪول ۾ مينهن جو واڙو کولي ڇڏيو اٿائين ۽ ماستر کي منشي گيريءَ تي لڳايو اٿائين. هن ڪينسر جو هڪ ئي علاج آهي(Amputation) ڇو ته هي ڪوئلو اجرو نه ٿيندو، ڀلي سئو مڻ صابڻ کپايو پنهنجي ڳوٺ کان وٺي، ايوانن تائين سندس ڪردار ساڳيو ئي آهي. وطن فروشي ۽ اُن جي موٽ ۾ پنهنجو حصو پتي وٺڻ:
    آزاد اهڙن ڀاڙي ڀوتارن کان ڪونه ٿو ڊڄي:
    ڊڄان ڇا لئه مان آزاد، ڪنهن ڀوتار ڀاڙيءَ کان،
    اڃان ڦاهي ٺهي ناهي، ڪائي منهنجي ته گردن جي.
    ڏسي پوکن ۾ ناريون هڻي الزام ٿو بڇڙا!
    خبر آ تنهنجي بنگلن جي، پرڪارن ۽ پردن جي.
    ايڏي وڏي حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪرڻ وارو ”آزاد بخاري“ مونکي قلم جي حرمت جو پاسدار لڳي ٿو ڇو ته سندس پيٽ ۾ حلال روزي ءَ جو گرھ پيل آهي هو، اُن تنبيهه تي ڪار بند آهي ته:
    کائين متان کچڻي حاڪماڻي هنڌان،
    رڌي هوندئون رت ۾،ماري مسڪينان.
    اُن ڪري آزاد بخاري به ان ڳالهه جو قائل آهي ته:
    سدائين دار ۽ دلبر ڏي وڃون ٿا ڇڪجي پاڻ،
    انڪري ڪنهن حاڪم جي حضور ۾ رهون ئي ڪونه.
    لڳ ڀڳ ساڳئي ئي ڳالهه ٿيل آهي، جيڪا فيض احمد فيض ڪئي هئي ته:
    ”مقام فيض کوئي راه مين جچا هي نهين
    جو کوءِ يار سي نکلي سو سوءِ دار چلي.“
    ۽ سچي ڳالهه به اها آهي ته انهن ٻن جڳهن کان مٿي ڪا ٽين جڳهه آهي به ڪونه. آزاد بخاري پنهنجي شاعريءَ ۾ اڄ جي هڪ وڏي مسئلي ڏانهن اسان جو ڌيان هيئن ٿو ڇڪائي ته:
    ”خوف خدا جو ڪٿي ڪين آهي رهيو،
    گهر خدا جي ۾ بندو بم ڦاڙي پيو.“
    دهشتگردي، جنهن دنيا وارن جو جيئڻ جنجال ڪيو آهي، آخر ڇا سبب آهي جو مسجدون ۽ امام بارگاهون به بچيل ناهن رهيون. اسلام معنى سلامتي، مسلمان جو پهريون جملو السلام عليڪم معنى توهان تي سلامتي هجي، پوءَ هي مارا ماري ڇاجي؟ قرآن ۾ ته ”ولاتفرقو“ جو لفظ آهي. پوءِ هي فرقي بازي ڇاجي ؟ دنيا جا سمورا مذهب انسان جي ڀلائيءَ لاءِ آيا آهن ۽ پوءِ مذهب جي آڙ ۾ انسان جو قتلام ڇو؟ اڄ جي مورخ کي انهن سوالن جا جواب ڏيڻا پوندا.
    تاريخ جي ورقن کي جڏهن کولينداسين ته واضع ٿيل آهي ته سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ قومي سورمو ڄام نظام الدين سمو ٿي گذريو آهي، جيڪو روزانو فجر جي نماز پڙهي گهوڙن جي طنبيلي ۾ ويندو هيو ۽ سندن پٺيءَ تي پيار مان هٿڙا گهمائي چوندو هو ته: ”ڀٽارا الله اهو ڏينهن نه آڻي، جو مان ڪنهن تي ظلم ڪرڻ لاءِ اوهان تي سواري ڪريان.“
    پر ٻئي طرف وري ڪلمي گو، ارغون، ڪابل ۽ قنڌار کان ڀاڄ کائي سنڌ جي هن جنت کي دوزخ بڻايو ۽ سنڌي ماڻهن کي ان دوزخ جو ٻارڻ بڻايو، نسلي طور چنگيز ۽ هلاڪوءَ جا پونير هت اچي مذهب جو چوغو پائي، مخدوم بلاول جهڙي درويش کي دوکي سان ڦاسائي گهاڻي ۾ پيڙهائي ڇڏيو. اي آسمان تو اهو سڀ ڪجهه بيٺي ڏٺو پئي، ڪري نه پئين؟ زمين تون ڦاٽي نه پئين ايڏي ظلم جو پهاڙ تو ڪيئن برداشت ڪيو؟
    ٿورو اڳتي هلون ته وري ٻيا ڪلمي گو مسلمان، مغل هڪ ٻئي اهل الله لوڪ شاه عنايت شهيد کي بي درديءَ سان ڪهي سر مبارڪ نيزي تي چاڙهي دهليءَ جي درٻار تائين کڻي ويا. هن فقير جو ڏوھ اهو هيو جو هن هڪ نعرو هنيو هو ته: ”زمين الله جي آهي، جيڪو کيڙي سو کائي“ تاريخ ۾ اُن قتل جي ايف آءِ آر پير عبدالواسع، حمل جت، نور محمد پليجو، يار محمد ڪلهوڙو، گورنر اعظم خان، مير شهداد خان ٽالپر، مغل شهزادي فرخ سير ۽ ٻين تي ڪٽيل آهي، ڏسون ته وقت جو قاضي اسان سنڌ واسين سان ڪڏهن ٿو انصاف ڪري؟
    سنڌ واسي جن جو مزاج مذهبي رواداريءَ وارو آهي. هو اڍائن گهرن جو خير گهرڻ وارا، خميس جي ڏينهن کير مفت ۾ ورهائڻ وارا، پيران پير جي يارهينءَ تي معصوم ٻارڙن کي کيرڻي رڌي کارائڻ وارا، عرس ملهائڻ وارا، عاشورن تي سبيلون هلائڻ وارا ۽ ڪهر رڌي کارائڻ وارا، عيد براد، هولي، ڏياري تي مبارڪون ڏيڻ وارا، شاھ، سچل، سامي، روحل، دلپت ۽ بيدل جي ڪلام کي اکين تي رکڻ وارا؛ قلندر جي ڌمال تي مست ٿي نچڻ وارا، اڄ سک، سلامتي ۽ امن جا طالب آهن، جنگ هنن جي مزاج ۾ ئي ناهي، هنن جي طبيعت هنج پکيءَ وانگر آهي؛ ڪنگ يا باز پکيءَ جهڙِي ناهي، جيڪي پرائي ماس تي پلجن ٿا.

    27 فبروري 2013ع ڊاڪٽر خادم منگي
    سکر
    0346-3670774


    آزاد بخاري جي شاعريءَ ۾ محبوب سنڌ نظر آئي!

    ڪجهه مهينا اڳ آزاد بخاري فون ڪري چيو ته: ”ادي!آئون اوهان ڏانهن پنهنجي شاعري پيو موڪليان، سو اوهان پڙهي ان تي ڪجهه لکي ڏيو ڇو ته اها منهنجي خواهش آهي!“ آزاد بخاري جو مونسان فون تي رابطو ٿيو هيو، باقي ساڻس سامهون ڪا به ملاقات نه هئي، نه وري آهي. مون کيس هاڪار ڪئي، پر وقت جي چيڙاڪ مصروفيت سبب لکڻ ۾ مونکان دير ٿي وئي ! تنهن لاءِ آزاد کان معافي!
    ”مري شال ملهائيان“ جي عنوان سان شاعريءَ جي هن ڪتاب ۾ غزل، گيت، وايون، نظم،آزاد نظم ۽ نثري نظم ڏنل آهن، جن مان ڪجهه سمجهه ۾ آيا ته ڪجهه نه سمجهي سگهيس!
    بهرحال آزاد بخاري جي شاعريءَ ۾ ڌرتي سان عشق ۽ ڌارئي کان نفرت جو اظهار آهن، جيئن:
    اڄ باهه بلوچستان ۾ ڀنڀٽ ٿي آ ڀڙڪي ڙي،
    تخت لاهور ۾ ڏار پيا هيءَ قوم ڪٿان آ ڪڙڪي ڙي.
    آزاد بخاري ڌاري قوم کي ايئن ڪڙڪندي ظاهر ڪيو آهي، جيئن جهولي جي مُند ۾ ڏينڀو گهرن ۾ ڪاهي پوندا آهن ۽ پوءِ ٽولن جي صورت ۾ جهولي کان بچڻ لاءِ گهرن ۾ پناهه ڳوليندڙ ڏينڀو گهر مالڪن کي ڏنگيندا آهن!
    آزاد بخاري پنهنجي غزل ۾ هيئن به لکي ٿو ۽ جيڪو ڪجهه اندر سان ٺهڪندڙ آهي!
    بيدار ٿي انسان، حيوان اچي ويا،
    مذهب جو پائي پوش، بي ايمان اچي ويا.
    ناحق ٿا وهائي رت، خوشيون ملهائين،
    ماڻهن ۾ آ چوٻول، ترخان اچي ويا.
    مسجد نه، مندر ڪوئي آزاد هتي آ،
    رحمان ۽ ڀڳوان گهر، شيطان اچي ويا.
    آزاد جي لفظن ۾ ڪيتري نه سچائي آهي ۽ اهڙن بدڪردارن جي منهن تي هڪ زبردست چماٽ آهي! آزاد بخاري جون وايون به ڪمال ٿيون رکن، جن ۾ پُٽ کي پارت ڪري ٿو، ڌرتيءَ لاءِ آواز اٿارڻ جي!
    قلف ڪڙا کول پُٽَ،
    ڌرتيءَ جا ڍول پُٽَ،
    چپ- چپ ڇو آهين،
    رڙ ڪر ڪا، ٻول پُٽَ،
    ڌرتيءَ جا ڍول پُٽَ....
    سچ پچ ته آزاد بخاري جي شاعري اندر جي احساسن کي ڇهڻ واري آهي. توهان پڙهو ته سهي !
    ڪيڏا آهن رنگ ٻنين ۾،
    ساوا هيڊا سنگ ٻنين ۾،
    جهارِ ٿي هڪلي هارياڻي ڏِسُ،
    ڪيئن وڄن ٿا چنگ ٻنين ۾،
    ڪيڏا آهن رنگ ٻنين ۾...
    آزاد بخاري جا جڏهن نثري نظم پڙهيم ته، ڪٿي- ڪٿي آئون روئي ويٺس ۽ منهنجي اکين آڏو منهنجو محبوبُ- محبوبِ سنڌ بشير خان قريشي اچي ويو!
    جيڪڏهن مان دوستو
    شهيد ٿي وڃان
    ديس جي ويڙهاند ۾،
    مونکي يڪدم نه پورجو،
    منهنجي لاش کي ڏسي
    متان ڪو جوش ۾
    اچي وڃي!
    ۽.............!
    متان ڪو اٿي پوي
    متان ڪو لڙي پوي
    ۽ قوم پئي سجاڳ ٿي
    آزاد ٿي
    آزاد ٿي!
    آزاد بخاري هڪ بهترين ليکڪ آهي ۽ سندس احساس، هر پڙهندڙ جا احساس آهن! هونئن به ليکڪ اهوئي آهي، جيڪو ڪجهه لکي ته سندس لکڻين ۾ ايتري ته مضبوطي هجي، جو سندس شاعري جڏهن به پڙهي ۽ ٻڌي وڃي ته، اها حالتن پٽاندڙ هجي! آئون آزاد بخاري کي ايئن چوڻ جي هجت به ضرور رکان ٿي ته، اُهي اڃان وڌيڪ محنت ڪن!آئون اوهان کي ٻڌايان ته، مون جڏهن به لکيو ۽ جيڪو به لکيو، سو پنهنجي ”ابي“ سائين سرڪش سنڌي آڏو ضرور رکندي هيس! پوءِ اهو نثر هجي يا شاعري! هڪ ڀيري هڪ قومي گيت سندس آڏو رکيم، پڙهي چيائون: ”ابا! هڪ ڀيري آئون استاد بخاري وٽ ويٺو هئس ۽ استاد بخاري جي شاعري پئي هئي، جنهن ۾ تمام گهڻي ڊاهه- ڊوهه ٿيل هئي! جنهن تي استاد بخاري مونکي چيو ته، ’سرڪش! آئون لکندي ايتري ولوڙ ڪندو آهيان جو، هڪ مان ٻيو شعر لکجي ويندو آهي !‘ سو، ابا تو ن به ائين ڪندي ڪر!“ ابي جا اهي لفظ منهنجي اندر ۾ هڪ مضبوط گهر ٺاهي ويهي رهيا! ڀلا ويهن به ڇو نه ها! آئون ته ڪجهه به نه هيس، ابي ته وري سائين استاد بخاري جو مثال ڏنو هيو!
    گهٽ وڌايون ته هن سنسار جي تخليقڪار وٽ به ئي آهن، انسان ته ويچارو انسان آهي! آئون آزاد بخاري جي ٿورائتي آهيان، جن مونکي پنهنجي شاعري تي لکڻ جو موقعو ڏنو! شال سدائين سنڌ ۽ سنڌين لاءِ جيئن!

    جيئي سنڌ
    ناياب سرڪش سنڌي
    لاڙڪاڻو


    ڌرتيءَ لاءِ لوچيندڙ شاعر آزاد بخاري

    دنيا ۾ ادب جي شروعات شاعريءَ کان ٿي آهي، سڀ کان پهرين ٽي هزار ورهيه اڳ يونان ۾ شاعري اُسري، اُن بعد لاطيني کان ٿيندي يورپ ۽ ٻين ملڪن ۾ پکڙي، پر ڪن محققن جو خيال آهي ته ان کان اڳي چين علم ادب جو مرڪز هيو، پر جڏهن اسان سنڌي ادب تي نظر وجهون ٿا ته اسان جي لوڪ ادب جا اُهڃاڻ آڳاٽا نظر اچن ٿا. سنڌ جي ڀيٽ ۾ ٻين ٻولين ۾ شاعريءَ ۾ رومانس تمام پوءِ آيو آهي. يورپ ۾ سترهين صدي عيسويءَ ۾ پهريون ڀيرو Romantic لفظ روسو استعمال ڪيو، پر اسان جي سنڌي شاعريءَ ۾ اسان کي جيڪي لوڪ گيت ملن ٿا، اُنهن ۾ به ڀرپور رُومانس نظر اچي ٿو. اها سنڌ جي مٽيءَ جي ئي ڪماليت آهي، جو سنڌي شاعريءَ ۾ مزاحمت ۾ به رُومانس آهي. اسان جيڪڏهن عرب شاعرن جي شاعريءَ تي نظر وجهنداسين ته اُن شاعريءَ ۾ ڪٿي به فطري رُومانس نه ملندو ۽ نه ئي ڪائي مزاحمت. پر اسان جي سنڌي شاعري جي پهرئين ڪلاسيڪل شاعر قاضي قادن جي شروعاتي ستن بيتن ۾ به رُومانيت سان گڏ مزاحمت نظر اچي ٿي. تنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جي ادب جو بنياد ئي مزاحمت تي رکيل آهي؛ يا وري ائين چئجي ته غلام ڌرتيءَ جي ماڻهن جي اندر مان نڪرندڙ هر لفظ بغاوت هوندو آهي.
    اهڙيءَ طرح اڳتي هلي شاهه لطيف جي شاعريءَ کي ڏسون ٿا ته شاهه سائين کلي بغاوت ڪئي آهي. شاهه سائين جو پورو رسالو نه صرف تصوف جي رنگ ۾ رچيل آهي، پر شاهه سائين جي سموري شاعري انقلاب تي آڌاريل آهي، جيئن پوءِ تيئن اهو سلسلو وڌندي نظراچي ٿو. سچل سرمست ۽ ساميءَ جي سُلوڪن ۾ به هڪڙي قسم جي مزاحمت آهي. هي اُهي شاعر آهن، جن انسانيت کي مذهبن، فرقن، ذاتين کان الڳ ڪري بيهاريو. ان بعد شاعرن جي هڪڙي ٻي کيپ تيار ٿي، جن شاعريءَ کي ڌرتيءَ جي عشق ڏانهن موڙيو، اهڙن شاعرن ۾ شيخ اياز، نياز همايوني، تنوير عباسي، شمشير الحيدري، محمد خان مجيدي، سرويچ سجاولي، ابراهيم منشي، سرڪش سنڌي، استاد بخاريءَ ۽ ٻين جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا. اهڙيءَ طرح مزاحمتي شاعريءَ جو اهو سلسلو اڄ تائين هلندو اچي، پر ڏينهون ڏينهن وڌندو رهي ٿو، سنڌ جي شاعرن جنهن فني قابليت سان انقلاب کي رُومانس ۾ آندو آهي، اهڙو مثال شايد دنيا ۾ ملي.
    آزاد بخاريءَ جو شمار سنڌي ٻوليءَ جي اهڙن مزاحمتي شاعرن ۾ ڪري سگهجي ٿو. حليم باغيءَ وانگر آزاد بخاريءَ جي شخصيت کي ڏسي ڪوبه ماڻهو اهو فيصلو نه ڪري سگهندو ته اهڙي شاعريءَ جو خالق هي ماڻهو ٿي سگهي ٿو. آزاد بنيادي طور قومي ڪارڪن آهي. هن به سنڌ جي ٻين عاشقن وانگر سَن جي سنڌوءَ مان سُرڪ ڀري آهي. هي پڻ سائين جي. ايم سيد جي School of Thought جو شاگرد آهي. آزاد سنڌ، سنڌي قوم ۽ هن مٽيءَ سان ائين محبت ڪئي آهي، جيئن ڪو ٻار پنهنجي ماءُ جي ڪوسي ڪُک سان ڪندو آهي. هن سڄي سنڌ کي پنهنجي پيرن جي پڻين هيٺ لتاڙيو آهي. هي هر گهٽي، هر چوراهي، هر رستي تان گگدامن وانگر گذريو آهي. هن اڻڳڻيا مشاهدا ڪيا آهن. هن ڌرتيءَ تي ٿيندڙ انيائن کي پنهنجي سگهاري قلم وسيلي نروار ڪيو آهي. هن پنهنجا سمورا مشاهدا شاعريءَ جي رُوپ ۾ عوام تائين پهچايا آهن. سندس شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ جو درد اوتيل نظر اچي ٿو. سندس شاعري نه صرف انقلابي آهي، پر ان ۾ رُومانس جي به ڀرپور لذت موجود آهي.
    سچ ته مون جڏهن سندس شاعريءَ ۾ جهاتي پاتي ته دنگ رهجي ويس. ڇو ته آزاد ڏسڻ ۾ هڪ معصوم ۽ سادڙو نظر اچي ٿو، پر سندس شاعريءَ جي پرواز تمام مٿانهين آهي. واقعي ڪڏهن ڪڏهن ننڍڙا ۽ معصوم ماڻهو ئي انقلاب آڻيندا آهن، جنهن جا اسان وٽ ڪيترائي مثال موجود آهن. آزاد بخاري شاعريءَ جي سڀني صنفن غزل، وائي، گيت، نظم ۽ آزاد نظم تي طبع آزمائي ڪئي ۽ هن هر صنف ۾ پاڻ ملهايو آهي. هونئن به غزل جي صنف علم عروض تي لکجڻ جي شروعات شڪارپور کان ڪلهوڙن جي دور ۾ ٿي آهي. تنهنڪري اهو چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته سنڌي غزل جنم ئي شڪارپور جي مٽيءَ ۾ ورتو آهي ۽ ان ئي مٽيءَ ۾ بانبڙا پائي وڏو ٿيو آهي. اهڙيءَ طرح جڏهن سندس وائي نظر مان گذري ته مون کي آزاد بخاريءَ جي وائي، شيخ اياز سان مقابلو ڪندي نظر آئي:
    مري شال ملهائيان، جيجل توسان نڀائيان،
    سانگين جا سور ختم ٿين، ڏيهه مان ڏاڍ ڀڄايان،
    مري شال ملهائيان.
    آزاد بخاري، هن وائيءَ ۾ ’مري شال ملهائڻ‘ واري جيڪا تشبيهه ڪتب آندي آهي، اهڙي تشبيهه تمام گهٽ شاعرن استعمال ڪئي آهي. شيخ اياز هڪڙي جاءِ تي اهڙي تشبيهه ڪم آندي آهي. آ رت ۾ خوشبوءِ مينديءَ جي. سندس هڪ وائيءَ جو هيءُ بند نج ڳوٺاڻي ماحول جي عڪاسي ڪري ٿو.
    جهار ٿي هڪلي هارياڻي ڏس،
    ڪيئن وڄن ٿا چنگ ٻنين ۾،
    ڪيڏا آهن رنگ ٻنين ۾.
    هارياڻيءَ جو جهار هڪلڻ ۽ ٻنيءَ ۾ چنگ جو وڄڻ، هتي سندس خيالن جي پرواز اُوچائيءَ جي بُلندين کي ڇُهندي نظر اچي ٿي ۽ شاعر سچ ته هارياڻيءَ جي دل جي درد کي ڇڪي ٻاهر ڪڍي آيل ٿو ڏسجي. آزاد هڪ انقلابي شاعر آهي، هونئن به انقلاب جو جذبو هوندو ئي ٻاروتڻ ۾ آهي. جنهن ڪري هن ڪيترائي ٻاراڻا گيت ۽ نظم لکيا آهن. سندس انقلابي شاعريءَ ۾ نه صرف ڌرتيءَ جو درد آهي، پر سارين ۽ کجيءَ جي خوشبوءِ جو هُڳاءُ به آهي. هن جيڪو به لکيو آهي، جيترو به لکيو آهي، سمورو سنڌ تي لکيو آهي. سنڌ! سندس رڳ رڳ ۾ رچيل نظر اچي ٿي.
    آزاد جي شاعري جيتوڻيڪ سادي ۽ سلوڻي آهي، پر سندس خيال، سندس سوچن جي اُڏام وسيع آهي. هن جي ذهن ۾ جيڪي به خواب سِرجن ٿا، اُهي آزاديءَ جي لال ڪنوار سان لانئون لهڻ لاءِ آتا ڏسجن ٿا. هونئن به جيڪو ماڻهو خوبصورت خواب نٿو ڏسي سگهي، اهو ڪڏهن به خوبصورت سماج جي اڏاوت نٿو ڪري سگهي. غزل ۽ نظم ۾ ته ڪيترن ئي شاعرن مزاحمتي ٻولي استعمال ڪئي آهي، پر گيت ۾ تمام گهٽ شاعرن مزاحمتي واٽ ورتي آهي، پر آزاد بخاري گيت کي اهڙي ته انقلابي ٻولي ڏني آهي، جو پڙهندڙ جي اندر جا جذبات ڪَر کڻيو جاڳيو پون ۽ اَسي سالن جو جهُور پوڙهو به ويڙهاند لئه تيار ٿيو وڃي. اهڙيءَ طرح وري جڏهن هو ڌرتيءَ لئه دُعا ٿو گهري ته سندس اُن دُعا ۾ ڪيڏي نه آسيس، نياز، نوڙت ۽ معصوميت آهي.
    رهي صوفين جي هي ڌرتي سلامت،
    اچي نه شال ڪا هن تي قيامت،
    دنيا جي ٿيندي هتان ئي امامت،
    گجي نه هن تي ڪو بادل غمن جو،
    گگن ۾ اُڏري پنڇي امن جو!
    آزاد بخاري سنڌي ٻوليءَ جو انقلابي ۽ رومانوي شاعر آهي. موجوده دور جي شاعرن ۾ حليم باغي ۽ ايوب کوسي کانپوءِ ڪنهن شاعر انقلاب ۾ رومانس آندو آهي ته اهو آزاد بخاري آهي. آزاد وٽ لفظن جو ذخيرو آهي. لفظ سندس قلم جا محتاج بڻيل ڏسجن ٿا. شاعري سندس هٿ ٻڌي ٻانهي آهي.. سندس ٻولي نج ڳوٺاڻي آهي ۽ سندس شاعريءَ جي وڏي خوبي اها آهي ته سندس سمورا خيال سنڌ جا آهن. سنڌ جي مارو ماڻهن جي آهُن، دانهنُ، سُڏڪن ۽ پُڪارن جا آهن هن نه صرف سنڌ جي ڏُکن ڏوجهرن کي پنهنجي شاعريءَ جو محور بڻايو آهي، پر سندس خيال سنڌ جي خوشحالي، شادابيءَ جا ساکي به آهن ته سنڌ ماضيءَ ۾ ڪيتري سُکي هئي. آزاد بخاريءَ جو هي شعري مجموعو ”مري شال ملهائيان“ سنڌي ادب ۾ هڪ بهترين واڌارو آهي ۽ سندس هي شعري مجموعو جڏهن پڙهندڙن جي هٿن ۾ ايندو ته آئون يقين سان چوان ٿو ته ڀرپور مڃتا ماڻيندو.

    علي نواز آريسر
    حيدرآباد
    7 جولاءِ 2013ع
    03462242883


    ٻه لفظ شاعر جا...!

    مون 1982ع ۾ پهريون آزاد نظم لکيو هيو، جيڪو سنڌيت جي جذبي سان سرشار ٿي سرجيم ۽ اهو استاد غلام علي چني کي ڏيکاريم، جنهن ان جي درستگي ڪئي، جيڪو چڪ ادبي سنگت (چاس) جي ادبي گڏجاڻي ۾ پڙهيو هيم، استاد محمد هارون چني، ڊاڪٽر امان الله منگي، ٻالچند ايسراڻي ۽ ٻين دوستن مونکي داد ڏيندي واه واه ڪئي ۽ لکڻ لاءِ همٿايو هيو. ايئن مان هر هفتيوار ادبي گڏجاڻي ۾ سنڌ جي عشق ۾ لکيل غزل، گيت، نظم ۽ آزاد نظم کڻي ويندو هئس ۽ پنهنجي شاعري جي تصحيح ڪرائيندو رهندو هئس، پوءِ ڏسندي ڏسندي مون پنهنجي شاعري قومي تحريڪ جي جلسن، خاص طور ”جشن لطيف“ ۾ وڃي پنهنجي مخصوص انداز ۾ پڙهي، رهبر سنڌ جي ڏنگن ٻارن کان به داد وصول ڪرڻ لڳس، ۽ لکندي لکندي سنڌ جي عشق حقيقي کان پرين جي پار، عشق مجازي ۾ به ڪاهي پيس منهنجي اها دلي تمنا هئي ته منهنجي قومي شاعري شايع ٿئي ۽ منهنجو ڌرتي سان عشق جو چرچو منهنجي شعر جي زباني ماڻهو ٻڌن ۽ پڙهن. اها به حقيقت آهي ته منهنجي شاعري علم عروض جي اصولن تي پوري نه لهندي هوندي، پر جيئن ته هر ماءُ کي پنهنجو ڪوجهو ۽ ڪاڙو ٻار ٻين ٻارن کان وڌيڪ سهڻو لڳندو آهي، تيئن هر شاعر کي پنهنجي شاعري ٻين شاعرن جي شاعري کان وڌيڪ سُندر لڳندي آهي. ايئن مون به پنهنجي شاعري کي بهتر سمجهي ڪنهن وڏي شاعر(!؟) کان تصحيح ناهي ڪرائي، توڙي جو منهنجي شاعري ۾ (بقول دوستن جي) ڪجهه جهول آهن. اها به هڪ حقيقت آهي ته شاعري به هڪڙي ڏات آهي، جيڪا هر شاعر وٽ هڪجهڙي نٿي ٿي سگهي، اُنڪري هڪ شاعر کي ڪنهن ٻي شاعر سان ڀيٽڻ مان صحيح نٿو سمجهان، جيئن هر گل ۾ پنهنجي پنهنجي خوشبوءِ ٿئي ٿي، تيئن هر شاعر ۾ پنهنجي هڪ الڳ سُڳنڌ ٿئي ٿي، اها سڳنڌ ڪنهن کي ڀانءِ نٿي اچي ته اهو سندس حق آهي، ڇو جو اڄڪلهه سنڌ ۾ تمام گهڻي شاعري سرجي پئي. ڪيترا شاعر پنهنجي شوق ۽ ذوق لئه لکن ٿا ۽ جام ڇپجن به ٿا، پر منهنجي هيءَ شاعري سنڌ سان، منهنجي عشق جو اظهار آهي، جنهن ۾ مون ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌين جي آزاديءَ جي حق (جيڪو حقيقت ۾ انساني حقن سان ئي جڙيل آهي) جو ذڪر ڪريان، اُن ۾ مان ڪيتري قدر ڪامياب ٿيو آهيان اهو ته پڙهندڙ ئي ٻڌائي سگهن ٿا. مون پنهنجي شاعريءَ ۾ هر قسم جي دهشتگردي جي خلاف به لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پوءِ اها رياستي دهشتگردي هجي، نسلي دهشتگردي هجي، مذهبي دهشتگردي هجي يا طبقاتي دهشتگردي هجي، اُن کي مون پنهنجي شاعري ۾ بيان ڪيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته منهنجي شاعري ڪنهن دوست کي نعري بازي لڳي، پر مان سمجهان ٿو ته نعرا ئي نظرين جا پرتو هوندا آهن ۽ پنهنجو نظريو سنڌ آهي ۽ سنڌ جي آجپي لاءِ نينهن جا نعرا ضرور لڳڻ گهرجن. منهنجي ڪنهن هڪ غزل، گيت، وائي، نظم، آزاد نظم يا نثري نظم جي پڙهڻ سان جيڪڏهن ڪو هڪ جوان به سنڌ پرور ٿي وڃي ٿو ته منهنجو هرگيت امر ٿي ويندو. آخر ۾ مان چند دوستن جو شڪر گذار آهيان، جن هن ڪتاب جي سلسلي ۾ منهنجي رهنمائي ڪئي، ٻه اکر لکيا ۽ سٺا مشورا ڏنا، اُنهن ۾ محترم ارڏو اترادي، ڊاڪٽر خادم منگي، علي نواز آريسر، ادي ناياب سرڪش سنڌي. استاد محمد هارون چنو، غلام محمد غازي، گوهر سنڌي، حاڪم مهر (چڪ) ، احسان علي لغاري، طارق ابڙو ۽ ذوالفقار حيدر اوٺو قابل ذڪر آهن.

    آزاد بخاري
    چڪ، شڪارپور
    فون نمبر 3775990-0306


    غزل

    جيون جي پيڪڙن ۾ زندگي ڦٿڪي پئي،

    جيون جي پيڪڙن ۾ زندگي ڦٿڪي پئي،
    مندرن مسجدن ۾ بندگي ڦٿڪي پئي.

    وقت ڪاٽي پئي شرافت بدمعاش سان،
    بزدل ڏسي ماڻهو رندگي ڦٿڪي پئي.

    ننڍڙي نينگرِي هن کي عيوضي ۾ ملي،
    پوڙهين اکين ۾ درندگي ڦٿڪي پئي.

    ڪوٽ ۾ ڪاريءَ سان رنگين ڪندو راتڙي،
    ڀوتار من اندر گندگي ڦٿڪي پئي.

    هڪ وحشي هٿان ٻارڙي لٽجي وئي،
    وحشي ٿيو انسان، شرمندگي ڦٿڪي پئي.


    پاڻ تعصب جي اهو فرياد ٿو ڪري،

    پاڻ تعصب جي اهو فرياد ٿو ڪري،
    ٻئي کي جو تعصب سان ياد ٿو ڪري.

    رت وهائي ٿو پيو، امن جي نانوَ تي،
    عالم امن کي جو برباد ٿو ڪري.

    ڪير رهندو قيد، بند پڃري منجهه اندر،
    ڪوششون اجايون سڀ صياد ٿو ڪري.

    سامراج! خوش نه ٿي جنگ ناهي تو جيتي،
    هڪ ديوانو، سامراج مرده باد ٿو ڪري.

    توکي ناهي خبر ڪا ظلم ۽ جبر جي مگر،
    گڏ قوم جو گهڻگهرو مواد ٿو ڪري.

    تنهنجي جهنڊي کي پورهيت سرخ آهي سلام،
    آءٌ ڇا، مزدور هرڪو زنده باد ٿو ڪري.
    هُن کي ڏاڍي، ملڪ جي آ سالميت عزيز،
    هر روز قتل تنهنڪري جلاد ٿو ڪري.

    پاڻ جي ترقي ڪئي، پنهنجا پراوا پري،
    پر دوست به ڳجهه ڳوهه ۾ عناد• ٿو ڪري.

    عادل کي اونو آھي، ماڻهن جي گم ٿيڻ جو،
    بي ڏوهه باندي پوءِ، ڇو نه ِ آزاد ٿو ڪري.


    وطن جي دشمنن آڏو ھالار ٿي،

    وطن جي دشمنن آڏو ھالار ٿي،
    ديس واسين اڳيان جهڪيل ڏار ٿي.

    تون ڀٽائي جو وردان آلاپ آن،
    روپلي جي رڙ هوشو جي للڪار ٿي.

    وقف ڪر پاڻ کي انسانيت جي لئه،
    خادمِ انسان ٿي، خود مختيار ٿي.

    سياڻو ٿي سوچ ڪر ديس لئه پرين،
    قوم پنهنجي جو ڀاءُ ٿي، آڌار ٿي.

    ڪين گهارجان ڪڏهن غلامي اندر،
    ”آزاد“ ٿي، آزادي جو اظهار ٿي.


    شهر، ڳوٺ شمشان ڇو ٿو بڻائين،

    شهر، ڳوٺ شمشان ڇو ٿو بڻائين،
    تون انسان آهين، يا شيطان آهين.

    هي مسجد هي مندر خدا جو آ گهر،
    خدائي مٿان بم ڪيئن پيو وسائين.

    پچي توکان انسانيت ٿي اي ظالم،
    غريبن جا ڇا لئه گهرڙا ٿو ڊاهين.

    چوين ٿو ته مومن، موحد مان آهيان،
    پوءِ ماڻهو ويچارا ڇو پيو ڪنبائين.

    حقيقت ۾ هڪڙو ئي خدا پنهنجو آهي،
    تون دهشت دنيا ۾ ڇو ٿو ڦهلائين.

    هجن قومون ”آزاد“ ۽ شاد ساريون،
    ڇو جهنم دنيا کي ظالمِ ٿو بڻائين.


    زبان تي تالا، سماعتون بند،

    زبان تي تالا، سماعتون بند،
    اکين ۾ شِهو، حاجتون بند.

    اچون وڃون ڪيئن، بند رستا،
    گهڙي پلڪ سڀ ساعتون بند.

    قدم قدم تي آ خاڪي وردي،
    ڪڇڻ لڇڻ ۽ بغاوتون بند.

    غمن بمن ۾ آ ڦاٿو جيون،
    گهمون ڦرون ڪيئن راحتون بند.

    ملڻ جا موقعا مليا گهڻا ها،
    ڪيون ڇو جانان عنايتون بند.

    هلو زلف کولي ته ”آزاد“ هلو،
    ڪيو نه ڪنهن جون امانتون بند.


    اچو ته آخري ڀيرو گڏجي وڙهون،

    اچو ته آخري ڀيرو گڏجي وڙهون،
    بغاوت جو نئون ڪو گيت گهڙيون.

    سدا ظلمتن سان ٿجي منهن مقابل،
    ڏيل ڏاري ڏاگهه تي چڙهون.

    موت مهڻو ناهي ميار پر،
    هر هر مرون ۽ ڇا لئه ڪڙهون.

    زندگي مختصر شينهن واري ڀلي،
    ڇو زندگيءَ جي چتا تي سڙون.

    هي ملڪ ڊائر ڪنهن نيپئرجو ناهي،
    وطن جي تاريخ چتائي پڙهون.

    اظهار جي آزادي لئه ”آزاد“،
    اچ ته گڏجي نينهن نعرا هڻون.


    واڪا ڪبا وس، مارو ملڪ ملير لئه،

    واڪا ڪبا وس، مارو ملڪ ملير لئه،
    ڳولي لهبا گس، سنڌڙي جي تقدير لئه.

    جيسين ساهه سرير ۾ ، آ زندھ نَس نَس،
    وڙهبو ويرين سان سنڌو جي تعمير لئه.

    ڪانئرجي ڪوٽ جا ڪيربا ڪونگرا،
    ظلمتن کي لوڌبو، پرهه جي تنوير لئه.

    سوچ ۽ سرت سان قوم کي گڏ ڪبو،
    پاڻي تي پاڻي ٿيندو، سنڌو جي سِيرَ لئه.

    پَلوَ پراڻا ناهن ٿيندا، پنهنجو آ وچن،
    ڪيربا ڪنڌ هزار، سميع ۽ نذير لئه.


    خزان کي آ خبر ڪهڙي، بهارن جي ته دردن جي،

    خزان کي آ خبر ڪهڙي، بهارن جي ته دردن جي،
    پڇين ٿو تون اسان کان ڳالهه خوشحال فردن جي.

    اسين عورت جي عظمت جا، رهيا قائل سدا آهيون،
    ٻڌايون ماجرا ڪهڙي، تو مت موڙهن مردن جي.

    ڏئي دعوت گهرائيندين، ته اينداسين اسين تو در،
    ملي توسان هليو وڃبو، ضرورت ناهي زردن جي.

    ٿي آزاد ڌرتي تي، پيدا ٿيو آهي انسان،
    روئي ويهين ڏسين حالت، جي غلام فردن جي.

    ڏسي پوکن ۾ ناريون، هڻي الزام بڇڙا ٿو!
    خبر آ تنهنجي بنگلن جي، پرڪارن ۽ پردن جي.

    ڊڄان ڇا لئه مان ”آزاد“، ڪنهن ڀوتار ڀاڙيءَ کان،
    اڃان ڦاهي ٺهي ناهي، ڪائي منهنجي ته گردن جي.


    مون ۾ روح پئجي ويو آ ماسيڪانَ• جو،

    مون ۾ روح پئجي ويو آ ماسيڪانَ• جو،
    دنيا جي هر هڪ مظلوم انسان جو.

    مذهب جي نانءَ تي قتل ٿو ڪرين ملان،
    نانءُ درندو ڇو، رکايو تو مسلمان جو.

    مونکي محشر ۾ گهرجي ساٿ انسان جو،
    پوءِ حور، پري يا ڪنهن غلمان جو.

    ڪفر سان انسيت ٿي وئي آ منهنجي دل جي،
    گهر لرزي اٿيو آهي اڄ ڀڳوان جو.

    منهنجي ڌرتيءَ جي ورهاست ڪرڻ ٿو گهرين،
    اهو منصوبو ٺهيل آ ڪنهن شيطان جو.

    ”آزاد“ عاشقن جي در جو آهي سلامي،
    نه ڪنهن پير، مير يا وري سلطان جو.


    پنهنجي ڌرتي جي مٽيءَ ۾ پيار جو اچ ته ٻوٽو پوکيون،

    پنهنجي ڌرتي جي مٽيءَ ۾ پيار جو اچ ته ٻوٽو پوکيون،
    پاڻي ڏئي محبت وارو نفرت کي پاڙ کان کوٽيون.

    گيت امن جا جهرجهنگ ڳائي جاڳايون ٿربر کي،
    مئل ماڻهن جي دل ۾ آءُ ته جيئرن جو روح ڦوڪيون.

    مايوسيءَ آ واسو ڪيو ڏس منهنجي ديس جي دل ۾،
    گرمايون ماحول کي اچ ته ويڳاڻپ کي روڪيون.

    آهي عدوءَ کي طاقت ڪهڙي منهنجي ديس تي ڪاهي،
    آءُ ته باغي بڻجي پنهنجو ڳاڙهو جهنڊوڪوڪيون.

    ديس مٿان لامارا لاتا، غير ڳجهن هن ڪيڏا،
    ماروئڙن جو ماس پٽن ٿيون، آءُ ته ڪاتيون ٺوڪيون.

    آزاد هوا جو قدر پيارا، ”آزاد“ ماڻهو ٿا ڄاڻن،
    غلامن جي وستيءَ ۾ اچ واٽ آزادي ڳوليون.


    افسوس ديس! تنهنجو گهاءُ ڀري ڪين سگهيس،

    افسوس ديس! تنهنجو گهاءُ ڀري ڪين سگهيس،
    حياتي هئي مختصر، ڪجهه ڪري ڪين سگهيس.

    سَدائين لبن تي، ذڪر جانان رهيو،
    وطن جي درد جو، ذڪر ڪري ڪين سگهيس.

    ڏُهاڳن ۾ ڪنهنجي ماءُ، ڀيڻ، ڏٺم پر،
    ظلم ڏسندو رهيس، الزام ڌري ڪين سگهيس.

    سڄي عمر گذري وئي غلاميءَ ۾ منهنجي،
    بغاوت سندو ڪو نعرو گهڙي ڪين سگهيس.

    زماني جي اهڙن خفن ۾ اچي ڦاٿس،
    جو مايا جي موهه کان، ٿي پري ڪين سگهيس.

    عَلمُ انقلاب جو مون ڪين هٿ ۾ کنيو،
    غير جي هانوَ تي مان مڱ ڏري ڪين سگهيس.

    ڏَسِي راهه رهبر هئي، ڇوٽڪاري جي مگر،
    آزادي جي ديوي ڏي پير ڀري ڪين سگهيس.


    اڄ باهه بلوچستان ۾ ڀنڀٽ ٿي آ ڀڙڪي ڙي،

    اڄ باهه بلوچستان ۾ ڀنڀٽ ٿي آ ڀڙڪي ڙي،
    تخت لاهور ۾ ڏار پيا هيءَ قوم ڪٿان آ ڪڙڪي ڙي.

    هن غير فطري ملڪ کان قومون آزادي ٿيون چاهن،
    گيت بغاوت جا ٻڌجن پيا ڳلي ڳلي ۾ مرڪي ڙي.

    هي مظلومن جي جنگ آهي، قابض قوم جي جابر سان،
    قهر ٿي ڪڙڪيا جوڌا آهن، گولين سان اڄ گڙڪي ڙي.

    هي آزاديءَ جي جنگ آهي ڪا دهشت گردي ناهي ڙي،
    ڏس ڀَوَ مان جبلن تان آ لٿي، فوجي جنتا ڀُرڪي ڙي.

    هن جنگ وطن جي ماڻهن ۾ ”آزاد“ آ روح ڀريو اهڙو،
    هر شخص چوي ٿو وڙهنداسين ڦاهي پائي سُرڪِي ڙي.


    انسان کي، انسان اڄ ساڙي پيو،

    انسان کي، انسان اڄ ساڙي پيو،
    ماڻهو هٿان ماڻهو خون ڳاڙي پيو.

    خوف خدا ڪٿ ڪين آهي رهيو،
    گهر خدا جي ۾ بندو بم ڦاڙي پيو.

    مذهبي بگهڙ آدمين ۾ پيا هن اچي،
    آدمي اڄ آدمي کي ڏاڙهي پيو.

    قتل به اڄ مونکي ڪرامتون ٿا لڳن،
    ڪا خبر ناهه ڪير ڪنهن کي ماري پيو.

    ٻارڙي کي گُهٽي منهن ڪارو ڪري آيو،
    مولا چپ آهي ڇو نه اُڀُ ڦاڙي پيو.

    ڪو ڪڇي ڪين ٿو، ڏاڍ ۽ انياءَ تي،
    ”آزاد“ اندر پنهنجو ويٺو ڪاڙهي پيو.


    روح کي لڳيون تنهنجون لغارون آهن،

    روح کي لڳيون تنهنجون لغارون آهن،
    سون ورني سنڌوءَ جون پچارون آهن.

    آب درياھ ويو ديس ٻوڙي سڄو،
    مارُن جون بک تي پڪارون آهن.

    وڇڙي وئي مون کان خوابن پري اڄ،
    حسرتن سنديون بس اُڏارون آهن.

    ڪالهه ٿي ويو جدا وقت جي درياھ ۾،
    تنهن پرينءَ جون اندر ۾ سارون آهن.

    روز لاشا کڄن ٿا ڌرتيءَ ڌڻين جا،
    نير مائرن اکين ۾ لارون آهن.

    ڇو بهارن ۾ جانان جي خوشبو نه آ،
    ديس ڪهڙيون تو آنديون بهارون آهن.

    آهيان ”آزاد“ مان دل مڃي ئي نٿي،
    ها غلاميءَ جون مونتي ميارون آهن.


    اسان کي ديس جي درد کانسواءِ،

    اسان کي ديس جي درد کانسواءِ،
    ڪا مسجد ڪو مندر ياد ڪونهي.

    ڏنا غيرن اسان کي ڏنڀ ايڏا هن،
    لبن تي ٻي ڪائي فرياد ڪونهي.

    ملي ڪٿ اسان کي انصاف ڪونه ٿو،
    مگر هت ڇا، خدا وٽ به داد ڪونهي؟

    هوائون ملڪ جون هانءُ ٿيون ساڙن پيون،
    هر دل مايوس آ ڪا شاد ڪونهي.

    بيڏوهه ماڻهو مرن پيا ديس ۾ ڏس خُدا،
    اهڙو ته ڪو اسلام ۾ جهاد ڪونهي؟!

    ڪنهن تي ڏوھ قسمت جو ڏجي اي دوست،
    هتي هرڪو آ باندي، ڪو ”آزاد“ ڪونهي.


    بيدار ٿي انسان حيوان اچي ويا،

    بيدار ٿي انسان حيوان اچي ويا،
    مذهب جو پائي پوش بي ايمان اچي ويا.

    ناحق وهائي رت خوشيون پيا ملهائن،
    ماڻهن ۾ آ چؤٻول ترخان اچي ويا.

    اي موسيٰ، اي عيسيٰ، محمدﷺ هلي آ،
    دنيا ۾ ابوجهل ۽ هامان اچي ويا.

    نوان روپ ڌاري روز قاتل اچن ٿا،
    ڪلهه تاتاري، ارغون اڄ طالبان اچي ويا.

    ٻڌي بم ٻارن کي ماڻهو ٿا اُڏائن،
    نئين دور جا يزيد ۽ مروان اچي ويا.

    مسجد نه مندر ڪوئي ”آزاد“ هتي آ،
    رحمان ۽ ڀڳوان گهر، شيطان اچي ويا.


    پاڻ ڪنهن زورآور سان ڪڏهن ٺهون ئي ڪونه،

    پاڻ ڪنهن زورآور سان ڪڏهن ٺهون ئي ڪونه،
    ڪنهن جي ڪِڙ ڪِڙِ ڪٿ ڪا سهون ئي ڪونه.

    پنهنجي دل جا اسين آهيون شهنشاھ دوست،
    ڪنهن ڀوتار، سردار جي ڪڍ لڳون ئي ڪونه.

    دشمنن جي اک ۾ ٻاٻري ڪنڊي جيان چُڀون،
    ۽ پرين جي دل تان ڪڏهن لهون ئي ڪونه.

    رسي وڃي صنم، ته ڳچيءَ ڳارو وجهي پرچائبو،
    پر پاڻ پنهنجي صنم کان ڪڏهن رسون ئي ڪونه.

    حسن جي درٻار جا هر وقت آهيون غلام،
    پر زاهدن جي ته مجلسن ۾ وڃون ئي ڪونه.

    ڀل هجي حور يا ڪا ڪوهه قاف جي پري،
    پاڻ پنهنجي جانان کانسواءِ ڪا ڏسون ئي ڪونه.

    محلاتن ۾ چون ٿا نازڪ نفيس مھه جبين آهن،
    پر ڳوٺ جي ماهرو مُک کان وڌ ڪا ٻڌون ئي ڪونه.

    سدائين دار ۽ دلبر ڏي وڃون ٿا ڇڪجي پاڻ،
    انڪري ڪنهن حاڪم جي حضور ۾ رهون ئي ڪونه.

    رهيا ”آزاد“ آهيون، خيال پنهنجي ۾ سدائين،
    ڪنهن نيچ نظريي خاطر نظريو بدليون ئي ڪونه.


    لانگ بوٽن آ ڌرتي لتاڙي سنڌو،

    لانگ بوٽن آ ڌرتي لتاڙي سنڌو،
    اڃان ناهي کٽي رات ڪاري سنڌو.

    تون چرٻٽ مارو چريا پٽ ڏس،
    ڪن ٿا عورت اڃان به ڪاري سنڌو.

    قبيلي پرستيءَ لئه وڙهن ٿا پيا اڄ،
    مري مانجهي ويا توبهه زاري سنڌو.

    بکن ۾ ٿا سانگي اڃان وقت ڪاٽن،
    اڃان ڏس پريشان آهي هاري سنڌو.

    پنهنجو آ وطن ۽ پنهنجي آهي ڌرتي،
    پر هلائي حڪم پئي قوم ڌاري سنڌو.

    ناهه پنهنجي حقن جو ڪو پاسبان هت،
    رهنمائن ۾ پئي آهي آري سنڌو.

    چوي ممتا روئي توکي ”آزاد“ ٿو پيو،
    اسان! ڪرِ ڪرِ صفا ڄڻ ته واري سنڌو.


    روبوٽ وانگي ڪا مشين ناهيان مان،

    روبوٽ وانگي ڪا مشين ناهيان مان،
    تنهنجي هڪڙي اشاري سان گهمندم اٿي.

    منهنجون پاڙون ته ڌرتي ۾ آهن کتل،
    تون جي وڙهندين ته توسان وڙهندم اٿي.

    نيٺ انسان هان ڪيترو مان سهان،
    ڪندين انياءَ ته پوءِ رڙندم اٿي.

    هرڪو پنهنجي سڃاڻپ ٿو چاهي پيو،
    مان سنڌ جي سڃاڻپ لئه مرندم اٿي.

    تو سمجهيو ڪيئن، ته مان نادان هان،
    ديس جي دشمن سان ته ملندم اٿي؟

    آهي ”آزاد“ مون کي جيئڻ جو ته حق،
    ڪندين قيد تون دنيا کي سڏندم اٿي.


    گند جي ڍير تان مئل ٻار مليو،

    گند جي ڍير تان مئل ٻار مليو،
    انسانيت کي ڄڻ ڪنهن ڀونڊو ڏنو.

    لڄ لٽي نينگريءَ جي هڪ وحشي ويو،
    لوڪ گڏجي، ٿڪ، بجو رهنڊو ڏنو.

    پيءُ ڌيءَ مٿان ڪارنهن جو الزام ڏئي،
    مڙس کڻي پوڙهو ۽ منڊو ڏنو.

    ڳوٺ ٻاهران ٻنيءَ ڀر، واهه جي اندر،
    هاري ماري! زميندار ٻُنڊُو ڏنو.

    چپ آهين تون ڏسي ظلم ”آزاد“ ڇو،
    توکي ضميرَ ناهي ڪو چهنڊو ڏنو.


    ديس جي دشمنن جا رستا هاڻ تنگ ڪر،

    ديس جي دشمنن جا رستا هاڻ تنگ ڪر،
    جيسيتائين جيئرو آن تيستائين جنگ ڪر.

    سنڌ لئه لڙ اٿي، سنڌ لئه مر اٿي،
    سنڌ کي سڃاڻ تون سنڌ کي ننگ ڪر.

    سنڌ جا جوڌا سڀ، گڏ ڪري جوڌا سڀ،
    وطن جو هر جوان ديس جو پاونگ ڪر.

    پاڻ کي سنڀال تون وقت ناهي ڪين ويو،
    موت کان وڌ پرين جيئڻ لئه اُمنگ ڪر.

    سوچي سمجهي مار ڪر اڳ نه ڪو وار ڪر،
    هوش سان وڌ اڳتي ”آزاد“ ٿي دنگ ڪر.


    ديس مٿان انڌيرن جو راڪاس آهي،

    ديس مٿان انڌيرن جو راڪاس آهي،
    اُماس ۾ ورتل اڃان آڪاش آهي.

    نئون جهان جوڙبو پاڻ تي وشواس آهي،
    ظلمتن ۾ به روشني جي تلاش آهي.

    جاڳندو انسان، اڄ جي بدحواس آهي،
    توکي ڀُل آهي ته، مئل لاش آهي.

    تو ڏنو مونکي اڄ جو بنواس آهي،
    پر ڏس ته ڪهڙي ڏوهه جي پاداش آهي.

    ٿو لڳي هر ٻول مونکي سنڌڙي جو مٺو،
    ”آزاد“ جي شعر ۾ ، ديس جي چاش آهي.


    سنڌي ٻولي اڄ به، لَپِيُنِ ۾ ورهايل،

    سنڌي ٻولي اڄ به، لَپِيُنِ ۾ ورهايل،
    ڪٿ عربي، ڪٿ ديوناگري مان ٺاهيل.

    هڪ قوم جي ٻولي، ٻن ٻيڙين حوالي،
    مذهب جي گاري سان آ زوريءَ اڏايل.

    هڪ جاءِ اردو ٻي جاءِ هندي،
    ٻنهي غير ٻولين جي آ سنڌي ستايل.

    پنهنجي ديس ۾ ناھ قومي ٻولي سنڌي،
    پنهنجن ئي هٿن جي ته آهي هيءَ گهايل.

    وڌي ويجهي آهي، غلامي ۾ هيءَ پر،
    لپي به هن جي آ غلامي ۾ ڄايل.

    پنهنجي ٻولي ”آزاد“ اٿ ته بچايون،
    ”سنڌ ادبي سنگت“ جو آ نعرو لڳايل.


    هٿ ٻڌي ٿو چوان مان سنڌ جي عوام کي،

    هٿ ٻڌي ٿو چوان مان سنڌ جي عوام کي،
    ڇو نه ٿا وڌايو، سنڌڙي جي نام کي.

    ديس جا وارث ٿيو، واهر ڪيو قوم جي،
    آ التجا هاري ۽ مزدور طبقي عام کي.

    نفرتن جي نانگ کي دل مان ڪڍي ڦٽو ڪيو،
    هٿ ٻڌي ٿو چوان رحيمداد ۽ رام کي.

    ڏس اجاڙي ديس کي ڪانئر ڪمينو ٿو پيو،
    اٿو ننڊ مان جاڳايو مظلوم کي غلام کي.

    دنيا کي ٻڌايو هي زنده آهيون اسين سڀئي،
    لاھ مرده قوم جي ”آزاد“ تون الزام کي.


    ظالم لئه چوين ٿو مظلوم آهي،

    ظالم لئه چوين ٿو مظلوم آهي،
    ڀل قتل ڪري ته به معصوم آهي.

    انصاف جي منهن تي آ پٽي ٻڌل،
    حق سچ کي ڏسڻ کان محروم آهي.

    ڪو ڪري ئي نٿو لب ڪشائي هتي،
    کيس ڪفر جي فتوا معلوم آهي!

    ذهنن مٿان مذهب آ حاوي ٿيو،
    ٿي انسانيت پئي ته مغموم آهي.

    غلام هوندي تون ”آزاد“ پيو سڏائين،
    ان تخلص جو ڇا مفهوم آهي؟


    ڀُڳڙن جي مُٺ تي انصاف وڪامي ٿو،

    ڀُڳڙن جي مُٺ تي انصاف وڪامي ٿو،
    ڏاڍي جي لٺ تي انصاف وڪامي ٿو.

    فرياد ٻڌي ٿو نه ڪوئي داد ڪري ٿو،
    پهچ، اثر، پُٺِ تي انصاف وڪامي ٿو.

    افسوس آ مون کي دنيا عجب ٿي وئي،
    ڀوتار جي اُٺ اُٺ تي انصاف وڪامي ٿو.

    پئسي وارن جي آ هر جاءِ حڪومت،
    ٽي ويهان سٺ تي انصاف وڪامي ٿو.

    ”آزاد“ نه آهي ڪو مسڪين ماڻهن جو،
    زردار جي چٺ تي انصاف وڪامي ٿو.


    هي وقت ته ڪڏهن ورڻو آ،

    هي وقت ته ڪڏهن ورڻو آ،
    هڪ ڏينهن ته دلبر مرڻو آ.

    ڇو چپ ڪري تون ويٺو آن،
    اٿ ڌرتي لئه ڪجهه ڪرڻو آ.

    تون ديس جو دودو هوشو آن،
    توکي سنڌ وطن لئه وڙهڻو آ.

    اچ گڏجي ڪائي ٽل ڪيون،
    ميدان ڇڏي نه ڀڄڻو آ.

    آ سنڌ امڙ ڏس سورن ۾،
    هر روز جلوس ۽ ڌرڻو آ.

    اُٿ ڌرتي کي ”آزاد“ ڪراءِ،
    توکي ديس جو نعرو هڻڻو آ.


    آدمي، آدمي کان ٿيو بيزار آ،

    آدمي، آدمي کان ٿيو بيزار آ،
    ڪٿ نه آ سڪون نه ڪو قرار آ.

    هرڪوپنهنجن لئه لڇي ۽ ڪڇي ٿو،
    ٻين جي ٻچڙن مٿان ڇريءَ وار آ.

    پاڻ کي سڀڪو حلالي ٻار ٿو سمجهي،
    ٻي کي چوندو وتي هو حرامي ٻار آ.

    وحشتن جو هتي راڄ آ برپا ٿيو،
    ظلمتن جو هرجاءِ وهنوار آ.

    سَوَ سلامي ڀرن ڀوتار کي ڀوُ وچان،
    مسڪين ڀر بيهڻ لئه ڪو نه تيار آ.

    علم هوندي جهالت وڌندي وڃي پئي،
    جاهليت جي دور جي هت جئڪار آ.


    درد جي شهر ۾ ماڻهپو اڻلڀ ٿي ويو،

    درد جي شهر ۾ ماڻهپو اڻلڀ ٿي ويو،
    ماڻهپو رهيو ڪونهي ڪنهن آ سچ چيو.

    اجايو دوستيءَ جي دعويٰ ٿو ڪرين،
    دوست کي دوست ئي خنجر آ هنيو.

    امن ۽ اهنسا جي ڳالهيون ٿو ڪري،
    امن جي داعين ئي هنسا کي پنهنجو ڪيو.

    آدمي ئي آدمي کي ٿو اڏاري بم سان،
    لاش قاتل ۽ مقتول جو گڏ گڏ آ رکيو.

    خبر آ هلي، آپ گهاتي جي منڍي ملي،
    ڪيئن سڃاڻو ڀلا لاش آ ٽڪرا پيو.


    انڌيرن ۾ شمع جلايو ته روشن جهان ٿئي،

    انڌيرن ۾ شمع جلايو ته روشن جهان ٿئي،
    ڇو چانڊوڪين ۾ فانوس پيا ٻاريو.

    اڏيو جي ته ڪو نئون جهان ئي اڏيو،
    ورنه روايتي محل ڇا لئه پيا ٺاهيو.

    نفرتن جي باهه وِسايو ڪجهه تدارڪ ڪيو،
    محبتن جو پاڻي کڻي ڇو نه پيا هاريو.

    ڌيرج سان ٻڌو ۽ ٻڌايو مسئلا سڀئي،
    ڌڪي، ڌمچر، ڌڪ سان ماڻهو ڇو پيا ماريو.

    وهي رت پيو ڇو ناحق هتي انسان جو،
    جنگ کان نفرت ڪري امن ڇو نه پيا آڻيو.

    ”آزاد“ سڏائڻ سولو آ، آزاد فضائن ۾،
    غلامي ۾ آزادي جا نعرا ڇو نه پيا لڳايو.


    سنڌ منهنجي ماءُ آهي،

    سنڌ منهنجي ماءُ آهي،
    جنهنجي ٿو پوڄا ڪيان.

    سنڌ ڪاشي سنڌ ڪعبو،
    هر هر پيو پوڄا ڪيان.

    سنڌ منهنجي آ سڃاڻپ،
    ڇونه مان وفا ڪيان.

    سنڌ جهانگين جي جهڳي،
    ڪيئن ڀلا تندا ڪيان.

    سنڌ آباد شاد ٿئي،
    هر گهڙي دعا ڪيان.

    سنڌ ”سميع“ پُٽ جان،
    قرض پنهنجو ادا ڪيان.

    سنڌ اڄ جاڳي پئي،
    خوش ٿيان واھ وا ڪيان.

    سنڌ تان ”آزاد“ مان،
    پاڻ کي فِدا ڪيان.


    اسان جي هتي يارو قسمت ڦٽي آ،

    اسان جي هتي يارو قسمت ڦٽي آ،
    نه ڪي آهي رستو نه منزل چٽي آ.

    اڪيلو سفر هي ڪٽي ڪين سگهبو،
    اڳيان، رڃ، واري، ڀِٽَنِ جي پَٽي آ.

    وڃون منزلن تي، ملي پيچرو ڪو،
    مگر بند هر ڪا اسان تي گهٽي آ.

    رهيو پاڻي ناهي، سوڪهڙي آ ماريو،
    ڦِٽل گهر ۾ هڪڙي اڃايل مَٽي آ.

    اڀاڳن ماڻهن لئه چيو هڪ نڀاڳي،
    سنڌي قوم جاهل سراسر ڄٽي آ.

    پنهنجو ديس ”آزاد“ ٿيندو ضرور،
    ڀوتارن ته پنهنجي دلڙي ڦَٽي آ.


    تو بنا سِر اڏيءَ تي آ پرين اڏيل،

    تو بنا سِر اڏيءَ تي آ پرين اڏيل،
    تو سوا زندگي اڻ پورو آ غزل.

    اُنيست جهوپڙين سان آ ٿي وئي،
    ڪونه ٿو وڻي مونکي اڄ ڪو مهل.

    دل ۾ داراشڪوه ٿو رهي،
    جوتي جي نوڪ تي اونگزيب رکيل.

    ديس جو داسُ ٿي تون گذارجانءِ،
    ماءُ جي آهي مون کي لولي ڏنل.

    ظلم سان نفرت گهڻي اوڏي سٺي،
    مظلومن جي من جو آ مٺل.

    رکجي پنهنجي من جو مٺل،
    عشق جي در جو مان آهيان ڪٺل.

    ڇو تارا مسيح پيو ڦاهيون اڏي؟
    ديس جي هر اک مان ڏسان ٿو ڀنل.


    پنهنجي ذهن کي تون گندو ٿو ڪرين،

    پنهنجي ذهن کي تون گندو ٿو ڪرين،
    الله ۽ ڀڳوان ۾ سنڌو ٿو ڪرين.

    خالق ته سخي آ ڏيندو آ جهان کي،
    ڇو الله جي نالي چندو ٿو ڪرين!

    مالڪ ته سڀن ۾ هڪڙو ئي وسي ٿو،
    فرقا ٺاهي، ٽولا ڌنڌو ٿو ڪرين!

    منبر تي چڙهي ڏئي درس دوئي جا،
    ماڻهن کي زاهد ڇو انڌو ٿو ڪرين.

    منصور ٿي مولا ”آزاد“ آيو هت،
    چئي کيس مشرڪ تون مندو ٿو ڪرين.


    وايون

    مري شال ملهائيان، جيجل توسان نڀائيان،

    مري شال ملهائيان، جيجل توسان نڀائيان،

    سانگين جا سور ختم ٿين، ڏيهه مان ڏاڍ ڀڄايان،
    مري شال ملهائيان.

    ظلمتن جو دور وڃي، روشن صبح ڪا آڻيان،
    مري شال ملهائيان.

    هڪ حياتي ڇاهي، سؤ به ديس تان واريان،
    مري شال ملهائيان.

    پاپين جي پنجوڙ مان، ساري سنڌڙي بچايان،
    مري شال ملهائيان.

    هوشو، دودي، دولهه واري، جنگ وري ورجايان،
    مري شال ملهائيان.

    تن من پنهنجو واري، ڌرتيءَ تان سر گهوريان،
    مري شال ملهائيان.


    ڀل ته پنهنجي ديس ۾ ٽهڪ ڏين چلوليون،

    ڀل ته پنهنجي ديس ۾ ٽهڪ ڏين چلوليون،

    وطن جا ويڙها وسن، ۽ وسن سڀ دليون،
    مارو ٿين خوش ۽ ٽڙن دل جون ڪليون،
    ٽهڪ ڏين چلوليون.

    نَهوَر نه رهن ٻنيون، پاڻي ۾ پُر هجن،
    پوکن اندر ساوڪ اچي ۽ سرسبز ٿين وليون،
    ٽهڪ ڏين چلوليون.

    ڀالوا جي ڀِٽ تي، بادل گجن وسڪارا ٿين،
    مور ٽهوڪا هجن ۽ مال سنديون وڄن ٽليون،
    ٽهڪ ڏين چلوليون.

    رت بسنتي سڳنڌ سان، واسجي وڃي فضا،
    ڇيلا ڪسن ميلا مچن، روشن رهن من ڳليون،
    ٽهڪ ڏين چلوليون.

    ”آزاد“ ڌڻي در اڳيان، هٿ کڻي دعا تون پن،
    ديس تي ڌارين جون آيل، آنڌيون وڃن سڀ هليون،
    ٽهڪ ڏين چلوليون.


    قلف ڪڙا کول پُٽ،

    قلف ڪڙا کول پُٽ،
    ڌرتيءَ جا ڍول پُٽ.

    چپ چپ ڇو آهين،
    رڙ ڪر ڪا ٻول پُٽ، ڌرتيءَ جا ڍول پُٽ.

    اَحرار• ٿيءُ وطن جو،
    پاڻ کي، نه رول پُٽ، ڌرتيءَ جا ڍول پُٽ.

    ديش ڀڳت بڻجي وڃ،
    بالا ٿيندءِ بول پُٽ، ڌرتيءَ جا ڍول پُٽ.

    وطن تان نثار ٿيءُ،
    ٿيندين تون انمول پُٽ، ڌرتيءَ جا ڍول پُٽ.

    حق وٺ ڇني پنهنجا،
    ڦٽي ڪرڪشڪول پُٽ، ڌرتيءَ جا ڍول پُٽ.

    ”آزاد“ سنڌ ٿيڻي آهي،
    ڪر نه تون هَول پُٽ، ڌرتيءَ جا ڍول پُٽ.


    ڪيڏا آهن رنگ ٻنين ۾،

    ڪيڏا آهن رنگ ٻنين ۾،
    ساوا هئڊا سنگ ٻنين ۾.

    ساون کيتن ۾ ڏس تون اڄ،
    ڏاٽن جا پيا ونگ ٻنين ۾،
    ڪيڏا آهن رنگ ٻنين ۾.

    مند ڦلاري جوڀن نڪتو،
    ڪنهن جا ظاهر انگ ٻنين ۾،
    ڪيڏا آهن رنگ ٻنين ۾.

    پرهه ڦٽيءَ جو اٿيا مانجهي،
    دل جي کڻي امنگ ٻنين ۾،
    ڪيڏا آهن رنگ ٻنين ۾.

    جهار ٿي هڪلي هارياڻي ڏس،
    ڪيئن وڄن ٿا چنگ ٻنين ۾،
    ڪيڏا آهن رنگ ٻنين ۾.

    ائٽ تي پاڻياريون ٿيون ٽهڪن،
    سڀ جا آهن ننگ ٻنين ۾،
    ڪيڏا آهن رنگ ٻنين ۾.


    هن ڏاڍ ۽ ظلم جي ننگريءَ ۾،

    هن ڏاڍ ۽ ظلم جي ننگريءَ ۾،
    سچ جي لاٽ ٻارائي، مان ڦاهيءَ چڙهندس،
    ٻيهر موٽي ايندس.

    ڀٽ ڌڻيءَ جي ڀونءِ مٿان،
    آزاديءَ جو طبل وڄائي، مان ڦاهيءَ چڙهندس،
    ٻيهر موٽي ايندس.

    سنڌ جي پوتر ڌرتيءَ تي،
    پنهنجو ريٽو رت وهائي، مان ڦاهيءَ چڙهندس،
    ٻيهر موٽي ايندس.

    ديس جي مانجهي مردن کي،
    درد وطن جي ڳالهه ٻڌائي، مان ڦاهيءَ چڙهندس،
    ٻيهر موٽي ايندس.

    سيد جي فڪر کي اڄ،
    هارين نارين تائين پڄائي، مان ڦاهيءَ چڙهندس،
    ٻيهر موٽي ايندس.


    بوبي سينڊس، ناهيان نذرالاسلام،

    بوبي سينڊس، ناهيان نذرالاسلام،
    ياد ڪيان ٿو وطن کي صبح شام،
    سنڌڙي توکي سلام.

    ڌرتي توتان تن من واريان،
    گيت سنگيت تنهنجي نام،
    سنڌڙي توکي سلام.

    ڪاش اچي ڪو اهڙو ڏينهن،
    مان سولي سينگاريان سرعام،
    سنڌڙي توکي سلام.

    ڇا جون خوشيون ڇا جا سانگ،
    ٽوڙي ڦٽا ڪيان سنڌ لئه جام،
    سنڌڙي توکي سلام.
    تنهنجي آزاديءَ لئه او جيجل،
    ڇڏيا مون هن عيش آرام،
    سنڌڙي توکي سلام.
    وچن ڪري ويڙهيچن سان ڏس،
    ”آزاد“ ڪري ٿو پوءِ ڪلام،
    سنڌڙي توکي سلام.


    ڀنڀٽ باهه ٿي ڀڙڪان ٿو،

    ڀنڀٽ باهه ٿي ڀڙڪان ٿو،
    ٽانڊن تي مان ٽڙڪان ٿو،
    ڌرتي توسان ويڌن ڇو.
    ظلم ڏسان ٿو ماروئڙن تي،
    آب گرم جيئن ٻَڙڪان ٿو،
    ڌرتي توسان ويڌن ڇو.
    ڌاڙا قتل ۽ مارا ماري،
    وس نه پڄي ٿو ڀڻڪان ٿو،
    ڌرتي توسان ويڌن ڇو.
    جهوپو جهري ٿو، جيءُ جهري ٿو،
    سيءُ پوي ٿو ٿڙڪان ٿو،
    ڌرتي توسان ويڌن ڇو.
    دوزخ سنڌڙي ماريءَ ڪئي آ،
    ڌڙ ڌڙ اڄ ته ڌڙڪان ٿو،
    ڌرتي توسان ويڌن ڇو.
    ڌاريو ڀيل ڪري ويو پوءِ به،
    بي پرواهه ٿي هڙڪان ٿو،
    ڌرتي توسان ويڌن ڇو.
    وردي وارو ڀڀڪيون ڏئي ٿو،
    سنڌوءَ تي ڏِس ڪڙڪان ٿو،
    ڌرتي توسان ويڌن ڇو.


    گول دنيا جي نقشي تي،

    گول دنيا جي نقشي تي،
    ڪٿ به ڪنهن جو خون وهيو، تو ڇاهي ڪيو؟

    ڪنهن ڪانئر جي تلوار هٿان،
    ڪنهن سورهيه جو ڪنڌ وڍيو، تو ڇاهي ڪيو؟

    ڪنهن جي پٺيءَ تي ڪوڙو لڳو،
    مون سمجهيو مون تي وار ٿيو، تو ڇاهي ڪيو؟

    ڪنهن جهوپي ۾ سانگين جو گذري،
    بک تي سارو ڏينهن جي ويو، تو ڇاهي ڪيو؟

    بيداد نگر ۾ آڌيءَ رات جو،
    ڪنهن ونيءَ جو سهاڳ لٽيو، تو ڇاهي ڪيو؟

    گن مشينن جي گرگاٽن ۾،
    گولين سندو مينهن وٺو، تو ڇاهي ڪيو؟

    سنڌوءَ جو جل پاڪ جڏهن،
    ڏاڍن زوريءَ آهي جهليو، تو ڇاهي ڪيو؟

    جڏهن به سنڌ تي وار ٿيو،
    ”آزاد“ ته هڪڙو نوحو لکيو، تو ڇاهي ڪيو؟


    سنڌ جا والي، حاڪم نندا،

    سنڌ جا والي، حاڪم نندا،
    اي ڄام نندا، اي ڄام نندا.


    اچ اچي ڏس پنهنجن ۾،
    ڪيڏا پئجي ويا سنڌا،
    اي ڄام نندا، اي ڄام نندا!

    ڪوڙن ڏٽن ۽ چند ٽَڪن تي،
    هڪ ٻئي کي پيا هڻون ڏنڊا،
    اي ڄام نندا، اي ڄام نندا!

    خان، وڏيرا بڇڙا ٿي ويا،
    روز ڪن ٿا جرڳا چنڊا،
    اي ڄام نندا، اي ڄام نندا!

    هر روز ماريون ٿا ناريون هتڙِي،
    لٺ، ڪهاڙيون کڻي سنڍا،
    اي ڄام نندا، اي ڄام نندا!
    امن رهيو نه تو جهڙو ڪٿ،
    معزز ٿي ويا ڪلهه جا لنڊا،
    اي ڄام نندا، اي ڄام نندا!

    اڳواڻ رهيو نه هاڻي ڪوئي،
    چڱ مڙسي لئه پٽِن ڄنڊا،
    اي ڄام نندا، اي ڄام نندا!

    پنهنجي پياري ڌرتيءَ تي،
    قابض ٿي ويا غاصب غنڊا،
    اي ڄام نندا، اي ڄام نندا!

    سنڌوءَ جو ويو پاڻي سڪي،
    غيرن ٻڌا، زوريءَ ٻنڊا،
    اي ڄام نندا، اي ڄام نندا!


    نه ڍورن ۾ پاڻي، نه ڍنڍن ۾ پاڻي،

    نه ڍورن ۾ پاڻي، نه ڍنڍن ۾ پاڻي،
    سڄي سنڌ سڪي وئي، ڪيون هڪ هڪاڻي،
    اٿو سنڌ واسي، اٿو سنڌ واسي.
    خودڪشي چوڌاري آهي بيروزگاري،
    ڪينسر جيان وڌي وئي، ڪيون هڪ هڪاڻي،
    اٿو سنڌ واسي، اٿو سنڌ واسي.
    معصوم هڪڙي ننڍي نينگري جي،
    لڄ ڇو لٽي وئي، ڪيون هڪ هڪاڻي،
    اٿو سنڌ واسي،
    اٿو سنڌ واسي.
    ڀائپي جي ناتي، ڪيستائين ڦرجون،
    مت ڇو منهنجي وئي، ڪيون هڪ هڪاڻي،
    اٿو سنڌ واسي،
    اٿو سنڌ واسي.
    نه سونهون ڪو سنگتي نه ڪو راهه ڏيندڙ،
    ٿي منزل پري وئي، ڪيون هڪ هڪاڻي،
    اٿو سنڌ واسي،
    اٿو سنڌ واسي.


    اي بادلو ! اي بادلو!!

    اي بادلو ! اي بادلو!!
    مون کي وٺي هلو، متان ڪٿ ڀُلو.

    سنڌو ساگر سير مان، جڏهن ڪر کڻي هلو،
    مون کي وٺي هلو.

    ٿر جي اُڃاري ڀٽ تي، جڏهن گجي وسو،
    مون کي وٺي هلو.

    ڪارونجهر جي ڪور تي، جڏهن جڏهن مڙو،
    مون کي وٺي هلو.

    وڏڦڙو منهنجي ديس تي، ڪٿ به وڃي هڻو،
    مون کي وٺي هلو.

    منهنجي مٺي مهراڻ تي، جڏهن ڀرجي اچو،
    مون کي وٺي هلو.

    ”آزاد“ جي اِلتجا ۽ سڏ ڀي ڪجهه سڻو،
    مون کي وٺي هلو.


    اڳــي ائــيــن نـــه هــياســــــــي،

    اڳــي ائــيــن نـــه هــياســــــــي،
    موهن دڙي جا وارث ٿياسي.

    اڪثريت هوندي اقليت بڻياسي،
    اڳي ائين نه هياسي.
    وطن ۾ اسان بي وطن ٿياسي،
    اڳي ائين نه هياسي.
    مظلومن مٿان ويهي حملا ڏٺاسي،
    اڳي ائين نه هياسي.
    سنڌو سڪي ويو، اڃ ۾ مئاسي،
    اڳي ائين نه هياسي.
    پاڻي بند ٿيو، ڪربلا ٿي پياسي،
    اڳي ائين نه هياسي.
    وقت ويندو هليو جي نه اٿياسي،
    اڳي ائين نه هياسي.
    کسبي ڌرتي اگر بزدل رهياسي،
    اڳي ائين نه هياسي.
    تو نه ٻڌو ”آزاد“ ڪوڪرا ڪياسي،
    اڳي ائين نه هياسي.


    ڪنهن جي ڪانهن جي ڪنڌيءَ کي باهه لڳي جي وئي،

    ڪنهن جي ڪانهن جي ڪنڌيءَ کي باهه لڳي جي وئي،
    منهنجي دلڙي، پَروڻ ٿي وئي.

    ڀيڻ بدي ۾ ڪنهن جي ڪائي ڏيل ڏرڻ جي وئي،
    رسمن جي چتا تي ڪٿ ڪا نار چڙهڻ جي وئي،
    منهنجي دلڙي، پَروڻ ٿي وئي.

    ڪنهن جي عزت آبرو کي چوٽ ڏني جي وئي،
    ڪنهن شريف زاديءَ مٿان تهمت مڙهي جي وئي،
    منهنجي دلڙي، پَروڻ ٿي وئي.

    ڪارن ڪوٽن اندر جي ڪا ڳاڙهي پڄي جي وئي،
    مذهب نالي ڪنهن جي نياڻي ڪٿ کڄي جي وئي،
    منهنجي دلڙي، پَروڻ ٿي وئي.

    ڪلجڳ ۾ ڪا پٽ جي هٿان ماءُ ماري جي وئي،
    ڪنهن مُک تي تيزاب جي ڪا شيشي هاري جي وئي،
    منهنجي دلڙي، پَروڻ ٿي وئي.


    سدائين تنهنجي عظمتن جو نغمو ڳايو آ،

    سدائين تنهنجي عظمتن جو نغمو ڳايو آ،
    قسم تنهنجو سنڌڙي!
    جڏهن کان ڌرتي توسان نينهن لڳايو آ،
    تڏهن کان خيال آ ساڳيو ڪين مٽايو آ،
    قسم تنهنجو سنڌڙي!
    اسان خاموش ٿي ويا آهيون چون ٿا ماڻهو،
    اهڙو خيال هنن جو بيڪار ۽ اجايو آ،
    قسم تنهنجو سنڌڙي!
    اسان تنهنجا سپوت آهيون ڪپوت ناهيون،
    اسان ڳلي ڳلي ۾ تنهنجو نعرو لڳايو آ،
    قسم تنهنجو سنڌڙي!
    جِت جِت ويا آهيون، جنهن سان مليا آهيون،
    اُت اُت وڃي فڪر لطيف کي ڦهلايو آ،
    قسم تنهنجو سنڌڙي!
    لوڪ کي ناهي خبر ديس جي دردن جي،
    اسان دل تي مارُن جو نالو لکايو آ،
    قسم تنهنجو سنڌڙي!
    جو دم جيئرو آهي، هي غلام ”آزاد“،
    وڙهندو تنهنجي آزادي لئه سڀ کي ٻڌايو آ،
    قسم تنهنجو سنڌڙي!


    جُڳن کان جاڳ جو راڳ،

    جُڳن کان جاڳ جو راڳ،
    چــــونـــــــــدو اچـــــــان.

    اڃان نه ٿيو انسان سجاڳ، رڙندو اچان،
    جڳن کان.

    ماڻهو ماڻهو لئه ٻاري ٿو آڳ، جلندو اچان،
    جڳن کان.

    ڪن کي نڀاڳ ڪن کي سڀاڳ، ڏسندو اچان،
    جڳن کان.

    ديس جو ڇو آ ڦٽل ڀاڳ، روئندو اچان،
    جڳن کان.

    صدين کان جاري، آزادي راڳ، ٻڌندو اچان،
    جڳن کان.

    ڪڏهن ملندو ”آزاد“ ماڳ، پڇندو اچان،
    جڳن کان.


    ڳاءِ ڍوليا ڳاءِ، پنهنجي سنڌڙيءَ لاءِ.

    ڳاءِ ڍوليا ڳاءِ، پنهنجي سنڌڙيءَ لاءِ.

    انقلابي شعر پڙهه، باغي ذهن ٺاهه،
    پنهنجي سنڌڙي لاءِ.

    لک اٿي اي اديب، ٻولي ٻاٻاڻي لاءِ،
    پنهنجي سنڌڙي لاءِ.

    وطن جي تاريخ کي، ٻيهر تون ورجاءِ،
    پنهنجي سنڌڙي لاءِ.

    سنڌ سڪي ڪيئن سڪي، دنيا کي ٻڌاءِ،
    پنهنجي سنڌڙي لاءِ.

    چپ نه ڪري ويهه تون، ڪجهه نه ڪجهه ڳالهاءِ،
    پنهنجي سنڌڙي لاءِ.

    دٻي،کرڙي، مياڻيءَ جي، جنگ تون ورجاءِ،
    پنهنجي سنڌڙي لاءِ.

    اُٿ وري اوج تون، ڄام نندي جو موٽاءِ،
    پنهنجي سنڌڙي لاءِ.

    سانگيئڙن سان ”آزاد“ تون، نينهڙو اڄ نڀاءِ،
    پنهنجي سنڌڙي لاءِ.


    پنهنجي ديس خاطر، وڙهي جو مري،

    پنهنجي ديس خاطر، وڙهي جو مري،
    مارُن جي دل ۾ سو ئي گهر ڪري.

    پنهنجي ڌرتي لئه جو مهاڏو اڏي،
    پنهنجي ديس لئه گهر ٻار ڇڏي،
    مارُن جي دل ۾ سو ئي گهر ڪري.
    پنهنجي ٻولي لئه جدوجهد ڪري جو،
    جيل سختيون ۽ ظلم سهي جو،
    مارُن جي دل ۾ سو ئي گهر ڪري.
    جو وڙهندي وطن لئه امر ٿي وڃي،
    ڪنهن آمر آڏو نه جي آڻ مڃي،
    مارُن جي دل ۾ سو ئي گهر ڪري.
    وطن جي آزادي لئه جلاوطن ٿي،
    ديس واسين جي دل ۾ بغاوت ڀري،
    مارُن جي دل ۾ سو ئي گهر ڪري.
    پورهيت جي پگهر جو قدر جو ڪري،
    سانگين ۽ جهانگين لاءِ جو لڙي،
    مارُن جي دل ۾ سو ئي گهر ڪري.
    سامراج آڏو سينو ساهي بيهي جو،
    پنهنجي ڌرتيءَ جو راکو راکوال ٿي جو،
    مارُن جي دل ۾ سو ئي گهر ڪري.


    ڌرتيءَ کي ڇڏيان، توسان لانوَ لهان،

    ڌرتيءَ کي ڇڏيان، توسان لانوَ لهان،
    اهو ڪيئن ڀلا؟!

    چپ ويٺو رهان، ڏيهه- ڏاڍ ڏسان،
    اهو ڪيئن ڀلا؟!

    سکيا ساهه کڻان، ماري مرگهه ڏسان،
    اهو ڪيئن ڀلا؟!

    بم بندوقن کان، ڀڄي ڀَوَ ۾ وڃان،
    اهو ڪيئن ڀلا؟!

    ڀاڪر پائي کلان، ديش دروهيءَ مِلان،
    اهو ڪيئن ڀلا؟!

    ديس- داس نه ٿيان، ڪانئر سان ٺهان،
    اهو ڪيئن ڀلا؟!

    کير خوش ٿي پيئان، ويريءَ گل وجهان،
    اهو ڪيئن ڀلا؟!


    گوليءَ جي ڪا ٻولي ناهي ٿيندي،

    گوليءَ جي ڪا ٻولي ناهي ٿيندي،
    گوليءَ جي ٻولي آءٌ ڇا ڄاڻان.!

    گولي پاڻ انڌي هوندي آ،
    گولي آنڌي وانگي ايندي آ،
    گوليءَ جي ٻولي آءٌ ڇا ڄاڻان.!
    گولي گهاءُ ڏئي، ماڻهوءَ کي،
    گولي پڇتاءُ ڏئي، ماڻهوءَ کي،
    گوليءَ جي ٻولي آءٌ ڇا ڄاڻان.!
    گولي گهرڙا اجاڙي پئي،
    گولي رت ۾ وهنجاري پئي،
    گوليءَ جي ٻولي آءٌ ڇا ڄاڻان.!
    گولي جِيوَن جو آ اَنت،
    گولي انسانيت جو موت،
    گوليءَ جي ٻولي آءٌ ڇا ڄاڻان.!
    گولي سان ڀاءُ کي ڀاءُ ماري،
    گولي هِيانوَ مائرن جا ڦاڙي،
    گوليءَ جي ٻولي آءٌ ڇا ڄاڻان.!
    گولي ڪنهن کي ڪين سڃاڻي،
    گوليءَ جي ڪا ٻولي ٿيندي ناهي،
    گوليءَ جي ٻولي آءٌ ڇا ڄاڻان.!


    گيت

    جڏهن ظلم جي نگري ڊهندي،

    جڏهن ظلم جي نگري ڊهندي،
    ۽ رات نه ڪاري رهندي،
    هٻڪار حياتي ٿي ويندي،
    مهڪار حياتي ٿي ويندي.

    محڪوم سمورا آزاد ٿيندا،
    ۽ برج ڀاري سارا ڊهندا،
    ايوان ستم جا ڌڏندا،
    جڏهن ظلم جي نگري ڊهندي،
    ۽ رات نه ڪاري رهندي.
    ورديءَ جو ڪو رعب نه رهندو،
    بي ڏوهه نه ڪوئي جيل ويندو،
    جمهور جو هر هنڌ هوڪو هلندو،
    جڏهن ظلم جي نگري ڊهندي،
    ۽ رات نه ڪاري رهندي.
    ڪو دين ڌرم جو ڀيد نه رهندو،
    نعرو پيار ۽ پرت جو لڳندو،
    نئين صبح جو سورج ڦٽندو،
    جڏهن ظلم جي نگري ڊهندي،
    ۽ رات نه ڪاري رهندي.

    گهر پورهيت جو آباد ٿيندو،
    طبقو نه ڪوئي طوق رهندو،
    هي ديس پنهنجو آزاد هوندو،
    جڏهن ظلم جي نگري ڊهندي،
    ۽ رات نه ڪاري رهندي.
    نئين دنيا جو در کلندو،
    ۽ محبت وارو نعرو لڳندو،
    انسان تڏهن ”آزاد“ ٿيندو،
    جڏهن ظلم جي نگري ڊهندي،
    ۽ رات نه ڪاري رهندي.


    اي ديس منهنجا دلدار پرين،

    اي ديس منهنجا دلدار پرين،
    منهنجي تن من جا ٺار پرين.

    تنهنجي نانءَ مٺي جي لولي ملي،
    ان لوليءَ ۾ تنهنجي ٻولي ملي،
    تنهنجي ٻوليءَ جي عظمت جو قسم،
    اهڙي ٻي نه ڪائي ٻولي ملي،
    اي ديس منهنجا……..
    منهنجي تن من جا ……..

    توتي ساهه ڏئي ويساهه ڏيان،
    ڪنهن ويريءَ جو نه وار سهان،
    توکي پيار ڏيان چشمن سان چميان،
    تنهنجي دشمن جو ڌڙ ڌار ڪيان،
    اي ديس منهنجا……..
    منهنجي تن من جا ……..

    تنهنجي سنڌوءَ جي جل پاڪ مٿان،
    سؤ بار هزار مان سجدا ڪيان،
    جي ڊئم ٺهن، سي بند ڀڃان،
    تنهنجي ويرين جا ڪنڌ ڪوري ڇڏيان،
    اي ديس منهنجا……..
    منهنجي تن من جا ……..
    تنهنجي نانءُ جو هردم ورد ڪيان،
    تنهنجي شان ۾ ڪيئي شعر لکان،
    تنهنجي بر ٿر جي واريءَ مٿان،
    ڪي نظم چوان ڪي گيت پڙهان،
    اي ديس منهنجا……..
    منهنجي تن من جا ……..

    تو لئه دانهون ڪري فرياد ويا،
    تنهنجا نياز، اياز، استاد ويا،
    ڏس سوراجي هن طبل وڳا،
    ڇڏي ننڊ ٻچا هن جاڳي اٿيا،
    اي ديس منهنجا……..
    منهنجي تن من جا……..

    تو ۾ منهنجو ڀٽائي شاهه آهي،
    تنهنجي سرحد منهنجو ساهه آهي،
    ”آزاد“ هي تنهنجو پٽڙو آ،
    تو لاءِ مري، تو مباح آهي،
    اي ديس منهنجا……..
    منهنجي تن من جا ……..


    دشمن کي سرعام چوان ٿو،

    دشمن کي سرعام چوان ٿو،
    آزادي اعلان ڪيان ٿو،
    ٿيندو مست قلندر اڄ،
    اي منهنجي وطن جا ويري ڀڄ.

    جاڳيو، ڪاڇو، لاڙ، اتر آ،
    ڌاريا تولئه تنگ هي تر آ،
    گيدي ايڏو تون نه رڄ،
    اي منهنجي وطن جا ويري ڀڄ.
    سنڌ جو پاڻي، مال کڻين ٿو،
    منهنجي آڏو گهمندو وتين ٿو،
    حق ڦٻائي ٿيو آن رڄ،
    اي منهنجي وطن جا ويري ڀڄ.
    تنهنجا ڊيم هي سارا ڊهندا،
    چڪ نمبر نه سنڌ ۾ رهندا،
    منهن ۾ پوندئي ڇائي ڇڄ،
    اي منهنجي وطن جا ويري ڀڄ.
    نوڪرين تي تنهنجا ڌاڙا،
    لڳندا رهندا ڪيسين ڀاڙيا،
    ڪجهه شرم ڪر ڪجهه ته لڄُ،
    اي منهنجي وطن جا ويري ڀڄ.


    غيرت ڇو وئي اٿوَ، ڌرتي ڇو وڪي اٿوَ،

    غيرت ڇو وئي اٿوَ، ڌرتي ڇو وڪي اٿوَ،
    ڪُڇو نه ٿا لڇو نه ٿا، زبان ڪنهن سبي اٿوَ.

    هي يار جو وڙهن پيا، هي ٻار جو مرن پيا،
    ڪڏهن ته يارو سوچيو، انهن جي لاءِ لوچيو،
    سوچ ڇو مٺي اٿو........

    ڇو چئن ڏوڪڙن تي، جوئا جي چوپڙن تي،
    سنڌ پيا ورهائيو، غير پيا رهائيو،
    عزت اڄ لٽي اٿو.........

    شينهن ٿي گجي پئو، ميدان ۾ لهي پئو،
    صياد کي ڦاسائيو، ظالم کي ٻڌائيو،
    اڄ زندگي کُٽي اٿوَ.....

    ڪو رڻ ۾ پڪاري پيو، پنهنجن کي ٻڌائي پيو،
    ڪري اسانکي تنگ جو، هڻو نعرو جنگ جو،
    ”آزاد“ سنڌ ڏٺي اٿو؟......


    مونسان ساري سنڌ آهي، ڀڄي وڃ اي گيدي تون،

    مونسان ساري سنڌ آهي، ڀڄي وڃ اي گيدي تون،
    توکان وڌ مان ٻيڻو هان، هيڻو نه سمجهه مونکي تون.

    تو وٽ اهڙو سڪو ناهي، جيڪو منهنجو ملهه ڪري،
    توسان وڙهبو ڇاتي تاڻي، دنيا سامهون هُل ڪري،
    موت نه ڪو مهڻو آهي، موت جو مون کي ڀؤ نه آ،
    تنهنجي گولي آئي جي، ته سيني هڻبي گل ڪري،
    هيڻو نه سمجهه مون کي تون.

    جڏهن کان آهي ڀونءِ بڻي، تو مون سان آ تڪرار ڪيو،
    توتي مون آ وار ڪيو، جت جت تو آزار ڪيو،
    جنگ ازل کان جاري آهي، جاري رهندي منزل تائين،
    مان جي مرندس موٽي ايندس، آ مارن سان اقرار ڪيو،
    هيڻو نه سمجهه مون کي تون.

    نيٺ ته ايندين واري ۾، هي وردي ويندي تنهنجي لهي،
    هڪ ڏينهن هي ٿاڻا ڪاڻا تنهنجا، ويندا لحظي منجهه ڊهي،
    هيءَ ديس ڪڏهن خاموش نه سمجهه، ساگر سانت نه رهڻوآ،
    هي جي اٿيو ڇولي بڻجي، تنهنجي گولي ويندي لڙهي،
    هيڻو نه سمجهه مون کي تون.


    او آزادي

    او آزادي
     او بي چئي او بي چئي، مان اڪيلو ديس ۾ اجنبي،
    توکي هت ڳوليان پيو، هاڻي ته مل اچي!

    پرهه جي ماڪ موڪلائي وئي، سج آھي ڪني ڪڍي،
    کيت ۾ همرچو هونگار ٿي، ديس ۾ پيا هن هٻڪار ٿي،
    هاري ناري نڪتا سينگارجي، هاڻي ته مل اچي!

    ننڊ مان ڏيهه واسي اٿيا، جوٽ جوڙي جابجا هن گڏيا،
    لاب لبندا رهيا يار کلندا رهيا، ۽ پيار وارا هن مليا،
    مارو نچيا ميگهه ملهار ٿي، هاڻي ته مل اچي!

    سرگوشين ۾ ٿيا واعدا وچن، گگن هيٺان ڪونجون اڏن،
    ڪڻ ڪڻ سنديون لاتيون لنون، ڄڻ هي چونديون هجن،
    او سانگيئڙا دل جا سکي، هاڻي ته مل اچي!

    او بي چئي او بي چئي، ڇو؟ تون ملين ئي نه پئي،
    رنگ جيون ۾ ڀرين ئي نه پئي، تون اچين ئي نه پئي،
    آءٌ اڪيلو، ديس ۾ ۽ بيوسي، هاڻي ته مل اچي!

    او منهنجي حياتي، عشق توسان سچو آ ناتو جذباتي،
    او منهنجي خوابن جي شهزادي، او آزادي او آزادي،
    هاڻي ته ڏئي وڃ مونکي ڪا خوشي، هاڻي ته مل اچي!


    گس نئون ڪو وري ٺاهي وٺو،

    گس نئون ڪو وري ٺاهي وٺو،
    ڏاڍ کي ڏاهه سان ڊاهي وٺو.
    مينهُن ماڪڙ جو هت آهي وٺو،
    اَن پنهنجو هاري کڻائي وٺو،
    ڌرتي زيرآب ٿي وڃي،
    تنهن کان اڳ هرڙا هلائي وٺو،
    ڏاڍ کي ڏاهه سان ڊاهي وٺـو...
    عرش کي دانهن سان ڦاڙي وٺو،
    پاڻ پنهنجو خدا پرچائي وٺو،
    رات جي رهزنن سان وڙهي اٿو،
    لوهه جا لڱ ، ڪرڙا ساهي وٺو،
    ڏاڍ کي ڏاهه سان ڊاهي وٺـو...
    راهه جا پٿر سڀ کڻائي وٺو،
    دشمنن کي مٿن ۾ وهائي وٺو،
    ريج ڌرتي گهري ٿي پاڻ کان اڄ،
    رت جو مينهن ڪو وسائي وٺو،
    ڏاڍ کي ڏاهه سان ڊاهي وٺـو...
    ڏور منزل نه آ پنڌ وهائي وٺو،
    خيال ڪريو متان ڪو مارائي وٺو،
    شير دلير آهيو سڀ سنڌ پرست،
    ڪنڌ مغرورجو اڄ جهڪائي وٺـو،
    ڏاڍ کي ڏاهه سان ڊاهي وٺـو...


    پاونگ ٿيو، ديس لئه لڙو،

    پاونگ ٿيو، ديس لئه لڙو،
    اڄ چوي پيو موهن جو دڙو.

    موٽايو پنهنجي وطن جي خوشحالي،
    جي نه ٿا چاهيو توهين بربادي،
    سنڌ جي تاريخ آهي آڳاٽي،
    نه ڪي پنج هزار سالن کان ڇڙو،
    اڄ چوي پيو موهن جو دڙو،
    پاونگ ٿيو ديس لئه لڙو.


    جِت ڪِٿ اهو چرچو هُلي ٿو،
    سنڌ جو وفاق تي خرچو هلي ٿو،
    ڏيون ٿا اربين ملن چند ڪروڙ،
    اڃان سنڌي ماڻهو آ چپ ڇو کڙو؟
    اڄ چوي پيو موهن جو دڙو،
    پاونگ ٿيو ديس لئه لڙو.

    ٻولي پنهنجيءَ لئه سازش ٿئي پئي،
    هر اداري مان ڌڪاري وڃي پئي،
    سنڌيءَ جا دشمن هتي هن هزارين،
    قومي ٻولي لئه ڪجهه ته رڙو،
    اڄ چوي پيو موهن جو دڙو،
    پاونگ ٿيو ديس لئه لڙو.

    ٿل ڪئنال ۽، ڪالاباغ ڊئم،
    ٺاهن پيا جابر ڪيو شيم شيم،
    نڪري پئو سڀ گڏجي ڪري،
    وسايو ويريءَ مٿان ملامت ڳڙو،
    اڄ چوي پيو موهن جو دڙو،
    پاونگ ٿيو ديس لئه لڙو.


    رت رنگيل تنهنجو رئو کڻي ڳلي ڳلي ويندس،

    رت رنگيل تنهنجو رئو کڻي ڳلي ڳلي ويندس،
    ساري سنڌڙِي کي وڃي هيئن مان چوندس،
    هن خون ناحق جو ڇا ٿيندو، هن سنڌ نياڻيءَ جو ڇا ٿيندو؟!

    هي ڪِيس قهر ڇو آهن، هن ڌرتيءَ تي ڏمر ڇو آهن؟
    اڄ شهرن ۾ ڌاريا ڇو آهن، مهراڻ مهڪ جو ڇا ٿيندو؟
    هن سنڌ نياڻيءَ جو ڇا ٿيندو؟!
    ٿر ڪاڇو به ڪمبيل آهي، اتر لاڙ ڏنڀيل آهي،
    وچولو به جهريل آهي، مارئيءَ جي ملڪ جو ڇا ٿيندو؟
    هن سنڌ نياڻيءَ جو ڇا ٿيندو؟!
    پاپ نگر جو پاپي اڄ، ڀيڻ کي ماري ٿيو آ رڄ،
    ڌرتي چوي ٿي ڪانئر ڀڄ، هن ديس جي خلق جو ڇا ٿيندو؟
    هن سنڌ نياڻيءَ جو ڇا ٿيندو؟!
    سڀ تولئه ننڍڙا وڏڙا اڄ، روئن ٿا پوڙها جڏڙا اڄ،
    سڻ سنڌ نياڻي سڏڙا اڄ، هر پُور ۽ پلڪ جو ڇا ٿيندو؟
    هن سنڌ نياڻيءَ جو ڇا ٿيندو؟!
    ڪاري جو ڪنهنکي ڪان لڳو، عرش تي انجو روح ويو،
    روئي خدا کي جنهن چيو ، تنهنجي عرش ۽ فلڪ جو ڇا ٿيندو؟
    هن سنڌ نياڻيءَ جو ڇا ٿيندو؟!


    اٿو يارو اٿو يارو، امن وارؤ امن وارؤ،

    اٿو يارو اٿو يارو، امن وارؤ امن وارؤ،
    اهنسا جا پوڄاري سڀ، سنڌوءَ جا اي حسين تارؤ.

    ستا پيا ننڊ ۾ آهيو، ڇڏيو بستر ڪرڙا ساهيو،
    هڻو نعرا آزاديءَ جا، وڏا توڙي ننڍا ٻارؤ.

    تشدد جا ناهيون قائل، مگر ناهيون اسان سائل،
    وڙهي وٺبا ته حق پنهنجا، ٻڌو هيءَ ڳالهه غدارؤ.

    اهنسا آ پنهنجو عزم، اي هنسا وارا بي رحم،
    ڏيڻ ايندو جواب آهي، سمجهي ڇڏيو اي ڪانئرو.

    اڇو جهنڊو اوچو رهندو، مگر جو ديس سان کهندو،
    کڻي جهنڊو ڳاڙهو هلبو، اٿو سنڌو وفادارؤ.

    وڏي واڪي چئون ٿا پيا، دنيا کي ڏسيون ٿا پيا،
    ٿيندي آجي سنڌو ساري، جوانؤ اي ”آزاد“ پارؤ.


    پاڻ ڪيو آ جيجل سنڌ سان اهوئي وچن،

    پاڻ ڪيو آ جيجل سنڌ سان اهوئي وچن،
    ديس ڪبو آزاد، امڙ! او ديس ڪبو آزاد.
    روڪي سگهندا سور نه سختيون پنهنجون اڄ راهون،
    ڪانئر ڀلي ڇو نه اچن ڪري وڏيون ڪاهون،
    وڙهبو ويرين ساڻ اٿي، سِر سان ٻڌي ڪفن،
    پاڻ ڪيو آ جيجل سنڌ سان اهوئي وچن،
    ديس ڪبو آزاد امڙ او ديس ڪبو آزاد.
    وقت اڃان ڪين ويو آ ڇو ٿا پيا گهٻرايو،
    اوهان ڪُل ئي دودا آهيو بختاور جا ڀائر آهيو،
    خلجي خچر ويندا مري ٿيندا هت نه هڙئي دفن،
    پاڻ ڪيو آ جيجل سنڌ سان اهوئي وچن،
    ديس ڪبو آزاد امڙ او ديس ڪبو آزاد.
    پاڻ امن جا پانڌيئڙا هون سمجهي متان ڪو ائين،
    جنگ ائين ئي ڪبي ان سان، جنگ اسان سان ڪندو جيئن،
    هي آ لطيفي نگري ۽ شاهه عنايت جو آ چمن،
    پاڻ ڪيو آ جيجل سنڌ سان اهوئي وچن،
    ديس ڪبو آزاد امڙ او ديس ڪبو آزاد.
    ڀلجي ڪوئي ائين نه سمجهي غافل آهن سنڌڙي وارا،
    سڀ ڪجهه سمجهي قوم پئي، ٻڌ ماروئڙن جا تون نعرا،
    هي ڏاهر جي اولاد جو آهي سرويچن جو وطن،
    پاڻ ڪيو آ جيجل سنڌ سان اهوئي وچن،
    ديس ڪبو آزاد امڙ او ديس ڪبو آزاد.


    خيال ۽ هوش سان ڏسندا هلو،

    خيال ۽ هوش سان ڏسندا هلو،
    هوريان هوريان وڌندا هلو.

    ديس جي دشمنن جي اڳيان،
    نرتڪين ۽ بربلين جي اڳيان،
    ڌيان سان قدم رکندا هلو.

    پيار واري رنگ ۾ گهمو،
    سُرت ڌاري سنگ ۾ گهمو،
    ديس مان ڌاريا ڌڪيندا هلو.

    جيئن تيئن ڪري اڳتي رڙهو،
    وطن جي سوراج لئه لڙو،
    ملڪ جا مارو ميڙندا هلو.

    خان ڀوتار مرگهه ٿي پيا،
    ڏڪار ڏيهه ۾ اچي پيا،
    ”آزاد“ ٿيو، جاڳندا هلو.


    اچ ڌرتي سنڀارئي ٿي،

    اچ ڌرتي سنڀارئي ٿي،
    اچ ماءُ پڪارئي ٿي، منهنجا ڀاءُ سنڌي پيارا،
    منهنجا ساهه سنڌي پيارا.

    ڏس ڀيڻ ڏکاري آ،
    ڏس سنڌ اُڃاري آ،
    ڏس ٻچڙا روئن ٿا،
    ڪنهن باھ هي ٻاري آ،
    اچ ڌرتي سنڀارئي ٿي.

    ڏس ڌاڙا لڳن ٿا پيا،
    ڏس مارو مرن ٿا پيا،
    ڏس ديس جلي ٿو پيو،
    پنهنجا گهر سڙن ٿا پيا،
    اچ ڌرتي سنڀارئي ٿي.
    ڏس ڪوڙا ڦٽڪا لڳا،
    ڏس گم ٿي يار ويا،
    ڏس رند چڙهيا سولي،
    آزادي اعلان ٿيا،
    اچ ڌرتي سنڀارئي ٿي.

    ڏس ڪانئر ڪڙڪن پيا،
    ڏس لاش ٿا لڙڪن پيا،
    ڏس ڪوس ٿيو ڪيڏو،
    ڳاڙها جهنڊا ڦڙڪن پيا،
    اچ ڌرتي سنڀارئي ٿي.

    ڏِس قوم کي ماريو جن،
    ڏِس شهرن ۾ پيا گهمن،
    ڏَس ڪاڏي وڃون هاڻي،
    ڪيو ڏاڍ آهي ڏاڍن،
    اچ ڌرتي سنڀارئي ٿي.

    ڏس اڄ جا تون انسان،
    ڏس باندي سنڌي جوان،
    ڏس روئي پيو ”آزاد“،
    انسان ٿي ويا حيوان،
    اچ ڌرتي سنڀارئي ٿي.


    لوڪ گيت

    لوڪ گيت

     ڇلو شاهه ڀٽائيءَ جو، هوشو دولهه دودي جو،
    حيدر شاهه سنائي جو،
    من کي موهي ٿو، ڇلو مون کي وڻي ٿو.

    ڇلو سنڌي ماڻهن جو، جيل ۾ بند جوانن جو،
    ڌرتي جي ڌنوانن جو،
    جن ۾ منهنجو ساهه آ، پيار هُنن سان اٿاهه آ.

    ڇلو رات انڌاريءَ ۾، ڦُري ويا جي ڌاڙي ۾،
    نيٺ ته ايندا واري ۾،
    ڌاريا ڌاڙو هڻي ويا، ڇلو غير کڻي ويا.

    ڇلو وٺبو ورائي سنڌ، ڏاڍ جا ڏونگر ڏاري سنڌ،
    رهزن سڀ مارائي سنڌ،
    ڇلو ديس جو چاهه آ، دشمن سان نه ٺاهه آ.


    لوڪ گيت

    لوڪ گيت
     مورو ناهي ٿورو، ڍولڻ مورو ويٺي ڏيان،
    او ڍولڻ مورو ........

    جبل مٿي سيءُ، مٺو کير پيءُ،
    او ڍولڻ مورو .......

    جبل مٿي ڪانهن، منهنجي ٻڌ دانهن،
    او ڍولڻ مورو ........

    جبل مٿي جنگ، رستو آهي تنگ،
    او ڍولڻ مورو ........

    جبل مٿي ڪڪَر، اچي ساڻيهه ۾ سُڪر،
    او ڍولڻ مورو .......

    جبل مٿي ڪونج، ٻڌ آزادي جي گونج،
    او ڍولڻ مورو ......

    جبل مٿي گاج، قوم جي رک لاج،
    او ڍولڻ مورو .......

    جبل مٿي باهه، غيرن جا گهر ڊاهه،
    او ڍولڻ مورو ........

    جبل مٿي رند، سهڻي ساري سنڌ،
    او ڍولڻ مورو ........


    لوڪ گيت

    لوڪ گيت
    ڇڏ تون ماڻا منهنجا راڻا، چيڻو ويٺي ڇڙيان،
    پچي ٿي ماني کاءُ تون جاني، چيڻو ويٺي ڇڙيان،
    مان ته چيڻو ...............

    آهيان سڀاڳي ناهيان نڀاڳي، چيڻو ويٺي ڇڙيان،
    تنهنجي ماتا ڌرتي ماتا، چيڻو ويٺي ڇڙيان،
    مان ته چيڻو ...............

    تو لئه ڳايان، سنڌ سينگاريان چيڻو ويٺي ڇڙيان،
    منهنجا هوشو منهنجا هيمو، چيڻو ويٺي ڇڙيان،
    مان ته چيڻو ...............

    دل جا دلارا گهر تي لامارا، چيڻو ويٺي ڇڙيان،
    شير اي هاري تڙ تون ماري، چيڻو ويٺي ڇڙيان،
    مان ته چيڻو ...............

    پاڻ سنواري توکي سنواريان ، چيڻو ويٺي ڇڙيان،
    سنڌ مان سارا ڪڍ تون ڌاريا، چيڻو ويٺي ڇڙيان،
    مان ته چيڻو ...............


    نظم

    سنڌڙي سائي رهي

    سنڌڙي سائي رهي

    نئين سج، نئين سال جي آجيان،
    مان روح جي گهراين سان ڪيان.

    نئون سال خوشيون کڻي ڪي اچي،
    وڃن ڏک لهي روشني ڪا ٿئي.

    ختم ٿي وڃن سڀئي جهيڙا جنگيون،
    وري موٽي اچن سنڌ ۾ رونقون.

    نه ڌاڙا لڳن نه لاش ڪِرن،
    سدا مارو ڌرتي تي، خوشيون ڏسن.
    مرن ڪين ڳڀرو جوان ڪي هتي،
    رهن خودڪشيءَ جا نه سامان ڪي.

    نه هتڙي ڪائي ناري ناحق مري،
    نه ڪارو ۽ ڪاري رسم ئي رهي.

    پچن پوکون پاڻي هجي هت سدا،
    رهن هاري خوشحال منهنجا ادا.

    خدا شل سنڌوءَ کي سلامت رکي،
    سدائين وهي پيو نه ڪڏهن سڪي.

    اِلاهي سنڌوءَ کي تون آباد رک،
    ۽ دنيا جي قومن کي آزاد رک.

    وڃن دهشتون جيئن ميسارجي،
    وڃي دنيا ساري ته سينگارجي.

    ڌڻي! پنهنجو اسان تي ڪرم ڪري،
    امن هن ڌرتي تي سدائين رهي.

    هي ”آزاد“ جو سپنو پورو ٿئي،
    نئين سال ۾ سنڌڙِي سائي رهي.


    ياد تنهنجي

    ياد تنهنجي

    اتي ياد تنهنجي دلربا! آئي،
    جتي قيد مان ۽ سنڌ جي سچائي.

    هي قيد گهاڻا، ڦاسي گهاٽ ڇا هِن،
    ٿئي ظلم، پوءِ به اوچا ڳاٽ آهن،
    جهڪائي نه سگهندا ظالم اسان کي،
    عدوءَ جي اندر ۾ سڙٻاٽ آهن،
    اتي ياد تنهنجي دلربا آئي،
    جتي قيد مان ۽ سنڌ جي سچائي.
    هي زنجير زندان ڪيسين هوندا،
    هي ڪوڙا ڦٽڪا ڪيسين وسندا،
    ٿيندي سوڀ آخر سّيد جي فڪر جي،
    دشمن ديس جا سڀ غرق ٿيندا،
    اتي ياد تنهنجي دلربا آئي،
    جتي قيد مان ۽ سنڌ جي سچائي.

    ڪيا قول جيڪي مون توسان ها ويهي،
    ڪندس پورا آخر مان سنڌو سڀيئي،
    آهي قيد يادون ۽ تنهائي،
    اڃان ٿو وڙهي هڪ وطن جو سپاهي،
    اتي ياد تنهنجي دلربا آئي،
    جتي قيد مان ۽ سنڌ جي سچائي.

    خزان جي موسم هميشه نه رهندي،
    ٿيندا ميل ميلاپ، دل جا او دلبر،
    ڏبا ٽهڪ ويهي پنهنجي چمن ۾،
    هڪ ڏينهن سنڌڙي ”آزاد“ ٿيندي،
    اتي ياد تنهنجي دلربا آئي،
    جتي قيد مان ۽ سنڌ جي سچائي.


    سردارِ شهر

    سردارِ شهر
    اڙي خان، ڀوتار، سردارِ شهر،
    ڪوڙا جرڳا نه ڪر، سنڌ سان چرچا نه ڪر.
    هر چال تنهنجي کي آ سمجهيو مون،
    ٻڍي ٻار اک ۾ ڪنڊو آهين تون،
    ڌرتيءَ جو ويري وڏو آهين تون،
    پنهنجن جي روپ ۾ ڌاريو آهين تون،
    منهنجن مارن کي تون موڳو نه ڪر،
    ڪوڙا جرڳا نه ڪر، سنڌ سان چرچا نه ڪر،
    اڙي خان، ڀوتار.....
    ڇو، راڄ هٿن سان ڪهائين پيو،
    ڇو، سياست اهڙي چمڪائين پيو،
    ڇو معصوم ماڻهو ڦاسائين پيو،
    ڇو ذاتين ۾ تن کي ورهائين پيو،
    قبيلي پرستيءَ ۾ سوگهو نه ڪر،
    ڪوڙا جرڳا نه ڪر، سنڌ سان چرچا نه ڪر،
    اڙي خان، ڀوتار.....
    هٿن سان هٿيار بيٺو ورهائين،
    تون راڄ ويڙهائي ٿو منصف سڏائين،
    مسڪينن مٿان ٿو ظلم ڪرائين،
    خون خونن ۾ ويهي پيو پاڙائين،
    غير جي داڻي تي چوڳو نه ڪر،
    ڪوڙا جرڳا نه ڪر، سنڌ سان چرچا نه ڪر،
    اڙي خان، ڀوتار.....
    جن ونين جي سرن تان تاج لٿا،
    جن مائرن جا بي ڏوهه ٻچڙا ڪٺا،
    جن ڀيڻن ڀائرن جا صدما سٺا،
    جن اَمڙين ويٺي هن سور ڏٺا،
    تن سِرن جو ظالم سودو نه ڪر،
    ڪوڙا جرڳا نه ڪر، سنڌ سان چرچا نه ڪر،
    اڙي خان، ڀوتار.....
    سردار وڏيرو جڏهن ڪو مري ٿو،
    ڄڻ تنهنجو ڪڙم قبيلو مري ٿو،
    سردار جو سِر ٽيهه لک ڪرين ٿو،
    غريب جو سر، لک به نه ڪرين ٿو،
    زور سان پاڻ کي تون جوڌو نه ڪر،
    ڪوڙا جرڳا نه ڪر، سنڌ سان چرچا نه ڪر،
    اڙي خان، ڀوتار.....
    هي سنڌ جا ماڻهو نه جاهل آهن،
    هي وحشي، نه اڻ ڄاڻ، ڪاهل آهن،
    هي هميشه نه نفرت ڏي مائل آهن،
    هي امن جا سمندر ۽ ساحل آهن،
    ڏي جواب تون وات گودو نه ڪر،
    ڪوڙا جرڳا نه ڪر، سنڌ سان چرچا نه ڪر،
    اڙي خان، ڀوتار.....


    سنڌڙي وڌي

    سنڌڙي وڌي

    ڪچو پڪو وَڌي،
    شل سنڌڙي وسي!


    پوکان پچن ۽ گاهه ڦُٽن،
    ماڻهو، مال کائي، خوش ٿين،
    لهي جام پلي ڦوٽا به پچن،
    آباد ٻني ٿئي لابَ لُڄن،
    ڪچو پڪو وَڌي، شل سنڌڙي وسي!
    پيئون جام لسي ۽ مکڻ ملي،
    ٿئي ساروڪچوخوش موج مچي،
    ڪا واءُ گهلي ڪو مينهن پوي،
    ٿئي ساوڪ سائو ڦول رچي،
    ڪچو پڪو وَڌي، شل سنڌڙي وسي!

    وهي پاڻي اچي سنڌوءَ منجهان،
    ٻيڙاتا نچن بيهي هيج وچان،
    ڪي سنگ پچن ڪي رنگ ڏسان،
    ڪا جان ڇٽي ڌاڙيلن مان،
    ڪچو پڪو وَڌي، شل سنڌڙي وسي!

    نه ذات قبيلو ڪو دنگ هجي،
    ڄاموٽ ٻروچ نه زنگ هجي،
    اسڪول کلن ۽ تعليم ملي،
    سوچ وڌي ڪو شعور اچي،
    ڪچو پڪو وَڌي، شل سنڌڙي وسي!

    ايڪو ٿئي ۽ جهيڙا نه ٿين،
    نه طبقا رهن نه طوق رهن،
    سردار ندورا سڀ سڙن،
    سنڌڙي جيئي سنڌ وارا جيئن،
    ڪچو پڪو وَڌي، شل سنڌڙي وسي!


    ميزائيل مصيبت

    ميزائيل مصيبت

    اگني، غوري ميزائل مصيبت،
    لوڪ سڄي ۾ پکڙي هيبت.
    جنگين جا واپار ڏسو، ٻيڙا تن لئه تيار ڏسو،
    جلي ۽ تڙپي جان جگر، تيل مٿان پرمار ڏسو،
    لوڪ سڄي ۾ پکڙي هيبت.

    هيڻا ٿا پيا هاري ٽهڪن، ڪتا ٿا سامراجي ڀونڪن،
    مزدور پگهر ۾ شِلُ رهن، بم بارود انبار لڳن،
    لوڪ سڄي ۾ پکڙي هيبت.

    ٿر ۽ راجستان روئي ٿو، بک ۾ مئل، ٻار ڍوئي ٿو،
    پاڻيءَ تي آ ڏاڍو قابض، مظلومن جا لاش لوئي ٿو،
    لوڪ سڄي ۾ پکڙي هيبت.

    ڪيميڪل هٿيار ٺهن ٿا، ائٽم بم اعلان ٿين ٿا،
    انسان ويچارو اجهو گهري ٿو، پر هي ڪانئر ڪونه ٻڌن ٿا،
    لوڪ سڄي ۾ پکڙي هيبت.

    ايڊز، ڪلوننگ، پيدا ٿي پئي، ماڻهوءَ کي فڪرات وٺي وئي،
    دنيا سوڙهي ٿيندي وڃي ٿي، ڏاڍ جبر کي ٽيڪ ملي وئي،
    لوڪ سڄي ۾ پکڙي هيبت.


    سنڌ جا سائين

    سنڌ جا سائين

    اي سنڌ جا سائين،
    اي جيئنم سائين!
    رهي تنهنجو سدائين،
    فڪر قيامت تائين.!!

    تنهنجو نالو رهي سدا سلامت،
    تنهنجي ديس مٿان نه اچي شامت،
    تون رهبر سنڌ ۽ رهنما آهين،
    تنهنجي سياست آهي عين عبادت،
    اي سنڌ جا سائين!
    اي جيئنم سائين!


    تو مخالفت جنونيت جي جام ڪئي،
    تصوف جي تعليم تو سرعام ڪئي،
    تو سامراجي مفادن کي ظاهر ڪيو،
    تو سيڪيولر پرچار، صبح شام ڪئي،
    اي سنڌ جا سائين!
    اي جيئنم سائين!
    غيرن جي اک ۾ تون ڪنڊو رهين،
    ڌرتي جو تون پٽ اڙٻنگ هئين،
    تنهنجي هاڪ هشمت دنيا ۾ هلي،
    تون بي باڪَ، اٽل، بااصول جيئين،
    اي سنڌ جا سائين!
    اي جيئنم سائين!
    اسان جي دلين ۾ آ تنهنجو اسم،
    تنهنجي فيض سان پُر اسانجو آ دم،
    تنهنجا قول سانڍيل ذهنن ۾ آهن،
    ”آزاد“ کي مليل آهي تنهنجو فهم،
    اي سنڌ جا سائين!
    اي جيئنم سائين!


    وطن جا ويري

    وطن جا ويري
    وڌي ويا وطن جا ويري گهڻا اڄ،
    ڳڻي نانءَ تن جا مان ڪهڙا ڳڻيان اڄ.

    هڪ وطن جي ته ويري سرڪار آهي،
    ٻيو ڀرجهلو سندس هي ڀوتار آهي،
    ٽيون ڪمدار سان گڏ صوبيدار آهي،
    چوان سچ پيو ته نٿو مان وڻان اڄ،
    وڌي ويا وطن جا ويري گهڻا اڄ.

    اسيمبلي ميمبر جي ڪجي ڳالهه ڪهڙي،
    ”انڌي پيڪين جهڙي ساهرين تهڙي“،
    وڪڻي ديس کي، جن ڀري آ ٽجوڙي،
    رڍن جي اڳيان ڪهڙو ويهي رڙان اڄ،
    وڌي ويا وطن جا ويري گهڻا اڄ.

    مُلان، پِير، مِير به گهٽ ناههِ ڪيو،
    اُنهن ئي غريبن کي جاهل رکيو،
    سڄو ملڪ تن مان آ تنگ هاڻ ٿيو،
    اُٿندي ويهندي تن کي تير هڻان اڄ،
    وڌي ويا وطن جا ويري گهڻا اڄ.
    سنڌ جي علم سان ناحق ڪيا جن،
    اهي ٻيا نه پر ڪجهه ماستر آهن،
    آئيندي جا ابا اوندهه ۾ رکيا تن،
    اُنهن جي مٿان ڪهڙو قلم کڻان اڄ،
    وَڌي ويا وطن جا ويري گهڻا اڄ.

    صحافت جي نالي ڪي کيسا ڀرن ٿا،
    الائي ته ڇا ڇا پيا هي لکن ٿا،
    پنهنجي قوم تي هي رحم ڪين ڪن ٿا،
    صحافين ۾ باقي بچيا ڪي ڪڻان اڄ،
    وَڌي ويا وطن جا ويري گهڻا اڄ.

    سماجي خدمت جي دعويٰ ٿا ڪن جي،
    اُنهن جي ڪهڙي هتڙي ڳالهه ڪجي،
    آهن مافيا جي غور سان ڏسجي،
    ڀلا تن جي ڪهڙي ڏاڙهي لُڻان اڄ،
    وڌي ويا وطن جا ويري گهڻا اڄ.

    ڏسو قوم جا هي مسيحا بڻيا هن،
    اهي ڄڻ ته ڪي واپاري واڻيا هن،
    مريض ڦريا تن وڏا اڻ ڳڻيا هن،
    اهڙن ظالمن جا، ڇا پويان پڻيان اڄ،
    وڌي ويا وطن جا ويري گهڻا اڄ.


    سنڌ جا نوجوان

    سنڌ جا نوجوان

    تون موهن جي دڙي جيان اٽل آهين،
    ڇو جبر جي مٽيءَ ۾ دٻيل آهين.
    تنهنجو حال رهيو آ نه مستقبل ڪوئي،
    غور ڪر ته کائي پئي توکي اڏوهي.
    تنهنجي حال تي ڪهڙو ماتم ڪجي اڄ،
    جي روئجي ته ڪنهن سان روئجي اڄ.
    نه حال ڀائي ڪو نه درد جو آ درمان،
    نه ڪوئي همدم نه ڪوئي پاسبان.
    نه ڪو جهانگيري محل، اڏيل آ هتي،
    نه انصاف لئه گهنڊ لڳل آ ڪٿي.
    جو سڄي رات انجي رسي کي ڇڪيون،
    ۽ حاڪمن جا مئل ضمير جهنجهوڙيون.
    هت نه ڪو منصور آ، جي سچ چئي،
    نه طورسين جو ڪو ٿو راهي رهي.
    جو خدا به ٻڌي ان جي فرياد کي،
    وٺي ظالمن کان هڪدم حساب ڏي.
    توکي پنهنجو حساب پاڻ وٺڻو آهي،
    تنهنجو ماضي حال ۽ مستقبل به آهي.
    توکي هن ئي مٽي مان اٿڻو آهي،
    وٺي ٻيهر جنم ته ورڻو آهي.
    تون ئي روپلي جو راڻو هئين،
    صبغت الله جو ساهه سباڻو هئين.
    تون مظفر جي، خوابن وهاڻو هئين،
    تون سميع جو نينهن نماڻو هئين.
    تون پنهنجي مقدر جو سڪندر آهين،
    تون روشن سنڌوءَ جو سحر آهين.
    تون موهن دڙي جيان اٽل آهين،
    تون سنڌ جو هالار جبل آهين.
    توکي لوڏي نه سگهندو عدو ڪوئي،
    هر دفعي سنڌ کي بچايو تو ئي.
    هڻ نعرو هيمون جيان ڪڙڪي پئه نوجوان،
    وڌي ويا سنڌ جي سورن جا سامان!!


    سنڌ ساھ وطن

    سنڌ ساھ وطن

    سدا هجين آباد، سنڌ ساھ وطن،
    تو لئه ڪوري ڏيان ماھ وطن.

    منهنجو يار، پيار، دلدار به تون،
    منهنجو چين، سڪون، قرار به تون،
    منهنجو ساٿ، سائين، سردار به تون،
    تون ئي سڪ، قرب آهين چاهه وطن،
    سدا هجين آباد...

    تنهنجا مارو سڀئي آباد هجن،
    پنهنجن ٻچڙن سان ڪل شاد هجن،
    سکيا هجن ۽ زندهه باد هجن،
    تون منهنجو پرين ويساهه وطن،
    سدا هجين آباد...
    توتان واريان مڏيون سڀ ڌن مان،
    هڪ جيون ڇا، هر جيون ڏيان،
    توتان گهر ۽ ٻچا قربان ڪيان،
    ڪو توتي ڪري نه ڪاهه وطن،
    سدا هجين آباد...

    توتي ميري اک ڪنهن جي نه کڄي،
    تنهنجا مندا مرن ڪو ڪين بچي،
    شل دشمن جي ڪا دانگي ڀڄي،
    ۽ پٽجن اُن جا لاهه وطن،
    سدا هجين آباد.....

    سڀ رسمون ڪاريون ڀورَ ٿين،
    تنهنجون نينگر ناريون ڏک نه ڏسن،
    ۽ ڪوسو ڪوبه نه واءُ پسن،
    توسان محبت آهي اٿاهه وطن،
    سدا هجين آباد.....


    شڪست ڏيو

    شڪست ڏيو
    قاتل انسان جي،
    نسل کي پڻو پڻو.

    ڌڪا ڏيو لتون هڻو،
    گڏجي سڀ ڄڻو ڄڻو.

    سامراج مردهه باد،
    نعرا سڀ هڻو هڻو.

    قوم متحد ٿي وڃي،
    متان ٿيو ڪڻو ڪڻو.

    مردود سڀ ڀڄي وڃن،
    ٿي وڃن چڻو چڻو.

    ديس دروهيءَ ڪنڌ کي،
    ڏاٽا کڻي لڻو لڻو.

    شڪست ڏيو ڏاڍ کي،
    تڏهن ”آزاد“ وڻو وڻو.


    احتجاج

    احتجاج

    ڪلڪ ٻوڙي خون مان، ٿو ڪيان احتجاج،
    احتجاج احتجاج، ظلم خلاف احتجاج.

    ڪربلا ۾ وري اڄ موٽي شمر آيو آ،
    انسان کي انسان سان، هن اچي وڙهايو آ،
    خون آخر خون آ ڪنهن جو به هجي ڇو نه ڀل،
    ظلم ڪيو ظالم آهي ٿي وري ابن حجاج،
    احتجاج احتجاج، ظلم خلاف احتجاج.
    ڇو ڀلا اي آسمان، بم پيا وسن هتي،
    حسين جو مقدس آهي روضو جتي،
    پاڻي ٿيو خون ۽ لاش پيا لڙهن اتي،
    ڪونه ٿو مڙي اڃان وحشي ٿيو سامراج،
    احتجاج احتجاج، ظلم خلاف احتجاج.
    ٻارڙا ابهم ڏسو روئن ٿا ويچارڙا،
    نه رهيو ابو امڙ سڏڪن پيا تارڙا،
    بي ڏوھ ماڻهو ڇو مئا ڪنهن وٽ آ جواب،
    چپ آ انسانيت، ۽ خاموش آهي سماج،
    احتجاج احتجاج، ظلم خلاف احتجاج.

    باهه ۾ سڙيل عراق چئي ٿو رڙِي رڙِي،
    تيل ٿا کڻي وڃو پرامن ڏيو هڪ گهڙي،
    ڪانئر کي نه شرم آ بم وسائي ٿو بيٺو،
    مظلوم قومن کي اچي جنهن ڪيو آ تاراج،
    احتجاج احتجاج، ظلم خلاف احتجاج.

    اڄ چي گويرا آهي، نه برزنيف ڪوئي،
    سوشلسٽ دنيا ڏئي دانهن ڪنهن کي روئي،
    سامراج ٿو وڙهي، سرمائي جي ته لٺ سان،
    ”ڏاڍو سو گابو آ“، اهڙو وڌو هن رواج،
    احتجاج احتجاج، ظلم خلاف احتجاج.


    ديس جي مٽي

    ديس جي مٽي

    مٺڙي ديس منهنجي جي مٽي،
    توکي پيشاني لايان مان،
    ”مون ۾ تون موجود ازل کان“،
    تو مان ڄايو آهيان مان.
    تنهنجي چيڪي مٽي ميڙي،
    گپ چِڪ گارو ٺاهيان مان،
    تنهنجي خوشبو مهڪي پوي ٿي،
    جِت جِت پير ٿو پايان مان.
    تنهنجي واري چِلڪي واري،
    چاندي جهڙي ڀايان مان،
    تنهنجو نانءُ مقدس سمجهي،
    سيني تي ته لکايان مان.
    تنهنجا ڀورا ڀينڊ سدائين،
    خاڪ شفا ٿو سمجهان مان،
    توتي ڪنڌ نمائي جيجل،
    سجدي ۾ پيو ساريان مان.
    تنهنجو شاھ لطيف آ عاشق،
    جنهن جو عاشق آهيان مان،
    تون جي سڏ ۾ سڏڙا ڏئين ته،
    ڀاڳ ڀليرا ڀانئيان مان.


    پنڇي امن جو

    پنڇي امن جو

    گگن ۾ اُڏري پنڇي امن جو،
    نانءُ روشن ٿئي پنهنجي وطن جو!

    رهي صوفين جي هي ڌرتي سلامت،
    اچي نه شال ڪا هن تي قيامت،
    دنيا جي ٿيندي هتان ئي امامت،
    گجي نه هن تي ڪو بادل غمن جو،
    گگن ۾ اڏري پنڇي امن جو!

    رهن سانگي وطن جا نه ڏکن ۾،
    سکيا هجن سدائين رهن نه بکن ۾،
    سرهو ڏسندو رهان کين مُکن ۾،
    رب ٿيندو ساڻي پوڙهن پڪن جو،
    گگن ۾ اڏري پنڇي امن جو!

    هارين جا هتڙي سدا ٿين ميڙا،
    ڀُلي ڀُلي ڀانئن؟ اچن شل وڏيرا،
    غيرن جا ڀل ٿين منهن ميرا،
    خدا خير ڪري ڏاهر جي ٻچن جو،
    گگن ۾ اڏري پنڇي امن جو!
    عَلَمُ سنڌ جو اوچو رهڻو آهي،
    نه نقشي دنيا تان هي ڊهڻو آهي،
    راڄ مارن جو وري ته ورڻو آهي،
    رهي ڏهڪاءُ ڪو ڪين بمن جو،
    گگن ۾ اڏري پنڇي امن جو!

    سنڌ سائي رهي ۽ سڪار ٿئي،
    لٽيرن تي لعنت جو وسڪار ٿئي،
    هميشھ پشيمان مڪار ٿئي،
    ڪارو منهن ٿئي شل ڪِنن جو،
    گگن ۾ اڏري پنڇي امن جو!

    ڪينجهر ۽ منڇر ۾ بهارون هجن،
    ڏکيا ڏينهن ڪي نه مهاڻا ڏسن،
    مانگر مڇ سندن نه آڏو اچن،
    خير گهُر ”آزاد“ تن جي تڏن جو،
    گگن ۾ اڏري پنڇي امن جو!


    درد

    درد

    سنڌ جي درد جو راڳ ڳائي ويو،
    وطن جو سور ڏئي گهائي ويو.

    سڄي قوم ٽُڪرن منجھه آ ورهايل،
    تفرقي جي باهه ڪير لڳائي ويو.

    ٽولا ٽولا ٿيا مارو منهنجا به آهن،
    نسلن ۾ ڪوئي ورهائي ويو.

    نه جوش آ نه جذبو رهيو ڪوئي،
    ڏئي ننڊ سُتِي، ڪو سمهائي ويو.

    اوتار، ڀوتار، ڪوٽار پويان،
    پوري قوم کي ڪو لڳائي ويو.

    ديس پنهنجو ”آزاد“ جاڳندو ضرور،
    ها سَن جو سائين آ ٻڌائي ويو.


    دل کي قرار

    دل کي قرار

    نه نيڻين کي ننڊ آهي،
    نه دل کي ڪو قرار آهي.

    ماڻهو ماڻهو مان بيزار آهي،
    ڀاءُ سان ڀاءُ جو تڪرار آهي،
    پنهنجي پر ۾ سوچان پيو،
    زمانو ٿيو ڪيڏو خوار آهي، نه نيڻن کي ننڊ آهي،
    نه دل کي ڪو قرار آهي.
    ڪِٿ ماءُ ڪاري ٿي پئي مري،
    ڪِٿ ڀيڻ بدي منجهه ٿي ڳري،
    نه آهي ڪوئي پرگهور وارو،
    دنيا باهه منجهه پئي ٻري، نه نيڻين کي ننڊ آهي،
    نه دل کي ڪو قرار آهي.

    نه ڪردار نه ڪو اخلاق رهيو آ،
    هرڪو پاڻ ئي وڏڙو ٿيو آ،
    پنهنجي پرائي جي نه عزت رهي،
    گار تي گار جو ڦهڪو پيو آ، نه نيڻين کي ننڊ آهي،
    نه دل کي ڪو قرار آهي.

    ٻه پئسا گڏائي سيٺيو چوائي،
    هرڪو بالم بڻيو ويٺو آهي،
    هڪ ڀاءُ کي کائڻ لئه پئسو نه آ،
    ٻئي ڀاءُ ڍؤ ڪري کاڌو آهي، نه نيڻين کي ننڊ آهي،
    نه دل کي ڪو قرار آهي.



    سنڌ واسيو

    سنڌ واسيو
    چئو ته پنهنجي ڌرتيءَ کي پنهنجي، هٿن سان اجاڙي ڇڏيان،
    پنهنجا گهر ڪکاوان، ڊاهي، لتاڙي ۽ ساڙي ڇڏيان،
    سدا رت جا پيو ڳوڙها ڳاڙيان ۽ ڏاڍ کي ويٺو ڏسان،
    پيئان پيالو زهر جو ۽ ظلم سهان قهر جو،
    ٻڌايو سنڌ واسيو، مان ڇا ڪيان.
    چئو ته کانوان نه پيئان وري، نه پنهنجي مرضيءَ سان جيئان،
    نه ڪنڌ کڻي سگهان ديس ۾، نه ڪنهن در وڃي سگهان،
    واڳ ڌڻي خوش هجن، نه ڪا حڪم جي عدولي ڪيان،
    نه ذڪر ڪريان ڪو ڏمر جو، سدا بندو رهان امر جو،
    ٻڌايو سنڌ واسيو، مان ڇا ڪيان.
    چئو ته چنجور سان پنهنجون، اکيون ٻئي ڪڍائي ڇڏيان،
    سماعتن کي سبي ۽ چپن کي ڀي وڍائي ڇڏيان،
    نه ڪنهن کي ڏسي سگهان، نه دانهن ڪا ڏئي سگهان،
    هي دور آهي جبر جو، ناهي خوف ڪنهن کي حشر جو،
    ٻڌايو سنڌ واسيو، مان ڇا ڪيان.
    ان کان بهتر آهي ته پنهنجي قبر پاڻ ئي کوٽي وجهان،
    تنهن کان پهريان ڇو نه ڪا وطن لئه جنگ جوٽي وجهان،
    ٿي سرخرو مران ۽ پيڙهين لئه ڪجهه ڪري مران،
    هي وقت آ نئين نڪور سحر جو ۽ وڏي هڪ غدر جو،
    ٻڌايو سنڌ واسيو، مان ڇا ڪيان.


    اظهار

    اظهار

    ڪيو ڦٽڪار سڀ ڀوتار جي ته ڪردار تي،
    بدنام ڪيو جنهن نانءَ ”سچي سردار“ کي.

    ٿو وڙهائي راڄ هي، سنڌ لئه ٿيو آزار آ،
    مت موڙها ڪڍ اٿس ڪين ڏسن مڪار کي.

    وطن ويو لٽجي هتي، هلن ٿا دؤر شرابن جا،
    نور نظر نواب آ، ظلم جي سرڪار کي.

    سنڌي ثقافت جو وارث ۽ سڏائي ٿو امين،
    هرڪو سمجهي ويو آ ظالم جي پرڪار کي.

    جرڳا، ڪاروڪاري ناهِن قبول پاڻ کي،
    ڪير روڪيندو اڄ ”آزاد“ جي اظهار کي.


    پروانا پُٽ

    پروانا پُٽ

    سنڌڙيءَ تان سر گهورڻ لئه پروانا اُٿندا پُٽ،
    خون پنهنجي جو نذر ڏئي شڪرانا ڪندا پُٽ.

    ويرين کي هي پاڙان پٽي اڇلائيندا پَٽَ تي،
    سون ورني ڌرتي جا هي گيت ڳائيندا پُٽ.

    ڪيستائين لاش لهوءَ ۾ ڏسنداسين پنهنجن جا،
    نعرا هڻي ۽ جهنڊا کڻي ڊڪندا ايندا پُٽ.

    پنهنجا رهبر پاڻ ئي ٿيندا، ڳولي لهندا پنهنجو ماڳ،
    ننڊ مان اٿندا جوڌا پنهنجا ڏک لاهيندا پُٽ.

    ”آزاد“ وطن جو خواب! هڪ ڏينهن ساڀيان ٿيڻو آهي،
    ديس جي ڳلي ڳلي ۾ پيار جا گل پوکيندا پُٽ.


    منزل ماڻيون

    منزل ماڻيون
    ساٿ ڏي ساٿي تون،
    پنهنجي منزل ماڻيون.
    عزم جي پنهنجو پڪو آهي،
    صحرا جو پنڌ ننڍو آهي،
    ڏاڍ جا ڏونگر ڏاريون، پنهنجي منزل ماڻيون.

    تاريخ جي آثارن جو،
    ديس جي سڀني نظارن جو،
    اُٿ اوج وري موٽايون، پنهنجي منزل ماڻيون.

    سنڌوءَ جي پاڻيءَ_سرڪ،
    ماروئڙن جي مُک تي مرڪ،
    اچ ته وري ڪا آڻيون، پنهنجي منزل ماڻيون.

    ڌرتي جو تون دودو ٿي،
    اڳيان دشمن شودو ٿي،
    سوچي سمجهي ڀڄايون، پنهنجي منزل ماڻيون.

    ظالم کي سچ چئبو هاڻي،
    هانءُ نه هاري ويهبو هاڻي،
    غَيرَ ”آزاد“ ڊڪايون، پنهنجي منزل ماڻيون.


    انسانيت وڪوڙيل

    انسانيت وڪوڙيل

    سڄي دنيا وٺجي وئي غمن ۾،
    انسانيت آ وڪوڙيل ڏکن ۾.

    نفرت جون باهيون ٻرن ٿيون پيون،
    رستن تي ماڻهو مري ويا بمن ۾.

    اغوا، ڌاڙا، قتل، ڪِيس ڪارا،
    آهي روز منهنجي سنڌڙي ڌچن ۾.

    قبيلي پرستي ۾ ڳڀرو ٿا ڪسجن،
    پيا لاشا آهن، سڄي ته چمن ۾.

    جهالت نه آهي ته ٻيو هي ڇاهي،
    غيرت جي نالي، عورت ڏچن ۾.

    صبح شام، سانجهي، آڌي رات مانجهي،
    غلام رهون ٿا ”آزاد“ وطن ۾.


    سهڻي سنڌ

    سهڻي سنڌ
    منهنجي جند، تنهنجي جند،
    سهڻي سنڌ، سهڻي سنڌ.
    سهڻي آهي ساري سنڌ،
    سندر جهڙي ناري سنڌ،
    ڏاڍن جي لئه آري سنڌ،
    ڏڌ مکڻ آ جهاري سنڌ،
    منهنجي جند تنهنجي جند،
    سهڻي سنڌ، سهڻي سنڌ.

    جوئر، مڪئي، ساري سنڌ،
    مومل سندي ماڙي سنڌ،
    محنت ڪش آ هاري سنڌ،
    هر ڪنهن کي آ پياري سنڌ،
    منهنجي جند تنهنجي جند،
    سهڻي سنڌ، سهڻي سنڌ.

    اشتياق، رزاق، احسان سنڌ،
    سنڌين جو ايمان سنڌ،
    انجيل، گيتا، قرآن سنڌ،
    ڏاڍن جي لئه ڪانُ سنڌ،
    منهنجي جند تنهنجي جند،
    سهڻي سنڌ، سهڻي سنڌ.
    شاهه، سچل ۽ سامي سنڌ،
    ديس جو ناهي ثاني سنڌ،
    تنهنجي منهنجي جواني سنڌ،
    ڪين ٿيندي هيءَ فاني سنڌ،
    منهنجي جند تنهنجي جند،
    سهڻي سنڌ، سهڻي سنڌ.

    هوشوءَ جي آ جيجي سنڌ،
    شاهه عنايت جي هي سنڌ،
    جنهن به ڪئي آ اهنجي سنڌ،
    موت انهيءَ کي ڏيندي سنڌ،
    منهنجي جند تنهنجي جند،
    سهڻي سنڌ، سهڻي سنڌ.

    دشمن سارا مرندا سنڌ،
    گهر گهر باهه ۾ ٻرندا سنڌ،
    جاڳيا دودا جوڌا سنڌ،
    ڪنڌ ڌارين جا ڪرندا سنڌ،
    منهنجي جند تنهنجي جند،
    سهڻي سنڌ، سهڻي سنڌ.
    ننڍڙا وڏڙا وڙهندا سنڌ،
    اُٿيا آهن ارڏا سنڌ،
    سَکَرَ ڏينهن ورندا سنڌ،
    ڪوٽ غلامي ڪرندا سنڌ،
    منهنجي جند تنهنجي جند،
    سهڻي سنڌ، سهڻي سنڌ.

    رهي سدا سائي سنڌ،
    ڪاري چولي ڪائي سنڌ،
    ماين، ٻاگهل ٻائي سنڌ،
    هر بينظير ڄائي سنڌ،
    منهنجي جند تنهنجي جند،
    سهڻي سنڌ، سهڻي سنڌ.

    جيئنم جو آ خواب سنڌ،
    جنهن جو ناهه جواب سنڌ،
    سنبل موتيو گلاب سنڌ،
    ”آزاد“ آهي تراب سنڌ،
    منهنجي جند تنهنجي جند،
    سهڻي سنڌ، سهڻي سنڌ.


    شاھ ڀٽائي

    شاھ ڀٽائي

    آءُ ڀٽائي شاهه ڀٽائي!
    منهنجي سنڌ جا ساھ ڀٽائي!

    هاري پنهنجو وِير، ڀٽائي!
    ڦُري پيو تنهن کي پِير، ڀٽائي!
    ان جي پورهئي مان ٿو پالي،
    پنهنجو پيٽ ته مير، ڀٽائي!
    آءُ ڀٽائي، شاهه ڀٽائي !!
    ڪيڏو آ لاچار، ڀٽائي!
    پورهيت پالڻهار، ڀٽائي!
    جيڪو ساري جڳ جو مالهي،
    غم ۾ سو آ تار ڀٽائي!
    آءُ ڀٽائي، شاهه ڀٽائي !!

    روز مرن پيا ٻار ڀٽائي!
    گهر جليا هن يار ڀٽائي!
    ڏينهن سمورو ڏک ۾ گذري،
    ظالم ڪن ٿا وار ڀٽائي!
    آءُ ڀٽائي، شاهه ڀٽائي. !!

    ملڪ سڄي جو مان ڀٽائي!
    ۽ ڌرتيءَ جو شان ڀٽائي!
    لٺ ۽ چٺ تي وڪڻي آيو،
    ڌارين وٽ آ خان، ڀٽائي!
    آءُ ڀٽائي، شاهه ڀٽائي. !!

    سنڌ رهي شل شاد ڀٽائي!
    ڪوبه نه ٿئي برباد ڀٽائي!
    پنهنجو فيض عطا ڪر سائين،
    ديس ڪيون ”آزاد“ ڀٽائي!
    آءُ ڀٽائي، شاهه ڀٽائي. !!


    ڪل ئي ناهي

    ڪل ئي ناهي

    وقت ٿو گذري واءُ جيان،
    رند وڃن ٿا گهنڊ وڄن ٿا،
    رات جي پويان ڏينهن اچن ٿا،
    توکي ڪائي ڪل ئي ناهي،
    بيحس منهنجا يار ته ٻڌ.

    اٽل ارادي وارا بيٺل،
    پولا ڏس ڄڻ وڻ ڪرن ٿا،
    ڌرتيءَ تي طوفان اچن ٿا،
    توکي ڪائي ڪل ئي ناهي،
    بيحس منهنجا يار ته ٻڌ.

    زلزلو ملڪ ۾ آھ اچي ويو،
    سارا شهر لڏن ڌڏن ٿا،
    جهوپا جهانگين جا ته ڊهن ٿا،
    توکي ڪائي ڪل ئي ناهي،
    بيحس منهنجا يار ته ٻڌ.

    مينهن وسي ٿو گولين وانگي،
    گجڻن جا گجگاٽ ٿين ٿا،
    گهر تنهنجي ۾ ڏار پون ٿا،
    توکي ڪائي ڪل ئي ناهي،
    بيحس منهنجا يار ته ٻڌ.
    نانگ بلائون نڪتيون آهن،
    سانگين کي ڏس ڏنگ لڳن ٿا،
    ٻوڏ ۾ ڪيڏا ڳوٺ ٻڏن ٿا،
    توکي ڪائي ڪل ئي ناهي،
    بيحس منهنجا يار ته ٻڌ.

    پيٽ پرين لئه جهيڙو آهي،
    جهرڪن کي ڏس باز کڻن ٿا،
    بازن کان شهباز کسن ٿا،
    توکي ڪائي ڪل ئي ناهي،
    بيحس منهنجا يار ته ٻڌ.

    ننڊ ۾ ستو پيو آهين تون،
    دنيا جا سڀ لوڪ اٿن ٿا،
    هاري ناري جوٽ ٻڌن ٿا،
    توکي ڪائي ڪل ئي ناهي،
    بيحس منهنجا يار ته ٻڌ.

    پنهنجي ڏيهه جا ڍول ۽ ڍاٽي،
    سولين تي ڏس روز چڙهن ٿا،
    دولهه، دودا روز وڙهن ٿا،
    توکي ڪائي ڪل ئي ناهي،
    بيحس منهنجا يار ته ٻڌ.


    سانگي سلامت رهن

    سانگي سلامت رهن

    اي وطن! تنهنجا سانگي سلامت رهن،
    سدا سرها رهن تاقيامت هجن.


    راهه ڀٽڪن نه ڪائي، نه غم ڪو ڏسن،
    سڀ خوشحال ٿين ۽ خوشيون روز ڪن.


    نه ڪي دونهان هجن نه ڪي درد رهن،
    نوجوان سڀ نشي کان پري ٿي ڀڄن.


    نه ڪي ڏکڙا ڏسن نه ڪي اهنج پسن،
    سهاڳڻيون ورن سان سدا خوش گهمن.
    بي موت ٿي ڪِٿ ڪڏهن نه مرن،
    سرڙو تولئه ڏئي سانگي سرها ٿين.


    تنهنجي سيني مٿان ناز سان هي ٽلن،
    تنهنجي دامن تي داغ ڪارا نه ڪن.


    امڙ ۽ ابي جا چنڊ بڻجي کلن،
    نه هيروئن جي هي ڀُلي ور چڙهن.


    نيڪ ٿين ٻين لئه نصيحت ٿين،
    موت سوداگر سڙي رک ٿي وڃن.


    ديس توڏي نه دشمن اک ڪا کڻن،
    تنهنجا ٻچڙا ”آزاد“ سدائين رهن.


    ساھ کان پياري

    ساھ کان پياري
    ساهه کان پياري سنڌ امڙ وو،
    توتي واريم جند امڙ وو.
    تنهنجي عزت منهنجي عزت،
    تنهنجي راحت منهنجي راحت،
    ننڊ ڪيان مان هرهڪ ساعت،
    تنهنجي جهوليءَ ۾ آ فرحت،
    ساهه کان پياري سنڌ امڙ وو،
    توتان واريان جند امڙ وو.
    تنهنجي آثارن جي عظمت،
    تنهنجي اندر پوريل دولت،
    تنهنجي قوم جي آهه امانت،
    ڪيئن ڏيان ڏاڍن کي مهلت،
    ساهه کان پياري سنڌ امڙ وو،
    توتان واريان جند امڙ وو.
    ظلم ٿين ٿا جيڪي هتڙي،
    ناهي مثال تنهن جو ڪٿڙي،
    تنهنجا سارا دشمن ماريان،
    چونڊي چونڊي پڪڙي پڪڙي،
    ساهه کان پياري سنڌ امڙ وو،
    توتان واريان جند امڙ وو.


    بشير خان قريشي

    بشير خان قريشي

    او سنڌو جا سرويچ بشير خان،
    سنڌ سڄي جا، ٻار ٻڍا جوان،
    تولئه هنجون هارن پيا،
    ڏِس توکي سنڀارن پيا.

    راهه ۾ ائينءَ ڇڏين ها نه دلدار،
    ديس سڄي ۾ ماڻهن ڪڍيا پار،
    اُڀ کي ڏارن پيا،
    ڏس ڳوڙها ڳاڙن پيا.

    غير مٿان هئين حيدر جي تلوار،
    تون دولهه جي نعري جيان نروار،
    توکي سانگي سارن پيا،
    ڏس پاڻ کي ساڙن پيا.

    هاري، ناري، مزدور، ڌنار،
    وهائن پيا نيرن جا نار،
    اچ يار پڪارن پيا،
    ڏس لڙڪ لاڙن پيا.


    جيترو سهي سگهو

    جيترو سهي سگهو

    ظالمو زبان منهنجي ڀل وڍي ڇڏيو،
    گرم شيخون هڻي اکيون به ڪڍي ڇڏيو.

    جهوپڙي مٿان کڻي سوين بم هڻو،
    اجاڙيو گهر منهنجو ڀل ساڙي ڇڏيو.

    چچريو چيٿاڙيو جسم منهنجو سڄو،
    سولي تي مون کي ڇو نه ڀل چاڙهيو.

    پر اي ظالمو! جو ظلم ڪرڻو اٿو،
    سو سدائين ڪين هت رهڻو اٿو.

    ظلم ڪيو ايترو، سهي جيترو سگهو،
    دنيا جي قومن ۾ ڪنڌ کڻي ڪو سگهو.


    ڌوڙ

    ڌوڙ

    وردي تي توکي بانور آهي،
    ها ڪيڏو توکي پاور آهي.

    توکي دنيا ساري ڄاڻي ٿي ،
    ۽ صحيح صفا سڃاڻي ٿي.

    جي ايم کي تو جيل پڄايو،
    تو بنگلا بڌو کي به مارايو.

    تو ذلفي کي ڦاهيءَ چاڙهيو،
    حسن ناصر کي نانگ ڏنگايو.

    تو نذير عباسي جيل ۾ ماريو،
    تو بختاور کي قتل ڪرايو.

    تو ايم. آر. ڊي ۾ لاش ڪيرايا،
    تو سميع، مظفر شهيد ڪرايا.

    تو بشير خان کي زهر ڏياريو،
    تو سنڌ سڄيءَ کي آ ڏاڙهيو.

    تو روز اسانکي لاش ڏئين ٿو،
    ۽ ٽهڪ ڏئي خوش ٿئين ٿو.

    تون پنهنجو انت ڪين ڏسين ٿو،
    خلق خدا کان ڪين ڊڄين ٿو!

    هٽلر، ميسولني جيئن ڀاڙيا،
    ۽ ضيا، پنوشي جيئن ڀاڙيا.

    هڪ ڏينهن مٽجي ويندين تون،
    ڌوڙ ۾ ڌوڙ ٿي ويندين تون!

    تو ”آزاد“ جا ڪيئي پيارا کنيا،
    گم ڪري سارا پوءِ ماري ڏنا.


    روشني

    روشني

    روشني روشني روشني،
    ڪٿ آهين اي روشني.

    چوطرف ڏس آهي انڌارو،
    ڪن ڪچرو آ گند ڄارو،
    ڪٿ به تازگي ناهي رهي،
    هر چيز آهي اوسني،
    روشني روشني روشني.

    نفرت جي اڄ باهه ٻري ٿي،
    جيجل ٻچڙن لاءِ رڙي ٿي،
    هر طرف آ دونهون دکيل،
    ڪنهن ڀيڻ جي سڙي چني،
    روشني روشني روشني.
    باغ مالهي پيو ٿو اجاڙي،
    سهڻي گلشن کي ٿو ساڙي،
    رکوال رهيو نه ڪو راکو،
    گُل ڏنا هٿ سان ڇني،
    روشني روشني روشني.

    هرهنڌ ٿي وئي بدبوءِ آهي،
    سچ ته سڳنڌ ڪٿ رهي ناهي،
    ملڪ سارو آ منتظر،
    مٽيءَ مان اچي خوشبو ڀني،
    روشني روشني روشني.

    آءُ ته ڪائي مشعل ٻاريون،
    جهوپا جوڳين جا محل بڻايون،
    هانءُ ڦاڙيون دشمنن جا،
    رکي ديس سان جن دشمني،
    روشني روشني روشني.


    پلاند پراڻو نه ٿيندو

    پلاند پراڻو نه ٿيندو

    سڄي سنڌ ۾ ڇانيل سرهائي هئي،
    هوءَ نئين جوش جذبي سان آئي هئي.

    هن ملڪ جا مارو روئندي ڏٺا،
    هن لاش لهوءَ ۾ لڙهندي ڏٺا.

    هوءَ ظلمتن ۾ اُميدن جو جگنو هئي،
    هوءَ وحشتن ۾ آسرو، حوصلو هئي.

    هوءَ عدوءَ سان مقابل روبرو هئي،
    هوءَ وطن جي لڄ ۽ آبرو هئي.

    هوءَ ٿربر، ڀٽن جي ڀرجهلو هئي،
    هوءَ بي پهچ ماڻهن جو ڪلهو هئي.

    هوءَ سڄي ملڪ جو مان توقير هئي،
    هوءَ دلين جي راڻي، سنڌ جو خمير هئي.

    هوءَ موت جي منهن ۾ للڪار هئي،
    هوءَ اغيار جي مٿان تلوار هئي.

    هوءَ سيتا، گيتا ۽ ممتا هئي،
    هوءَ سنڌ جي سڃاڻپ، مڃتا هئي.

    هوءَ شهيد ”ذلفي“ جي تصوير هئي،
    جنهن جو نه ڪو نظير هوءَ بينظير هئي.

    سندس رت رنگيل رئي جو قسم ٿو کڻان،
    ٿيندو پلاند پراڻو نه، وچن ٿو ڏيان.

    وٺبو سوراج ديس جو نعرو ٿو هڻان،
    ڀل ديس دروهين کي وڻان نه وڻان.


    سنڌ ڄائي

    سنڌ ڄائي

    ڏسو! سنڌ ڌرتي، روئي ٿي رڙي ٿي،
    تتل تيل ۾ ڄڻ ڪڻڇي ڪڙهي ٿي.

    ٻڌو روڄ راڙو آ، ماتم گهرن ۾،
    اڃان ڪوڪون ڪيهان ٻڌون ٿا برن ۾،

    ٽانڊن جيان ماڻهو پڄري رهيا هن،
    جهر جهنگ سارا روئي رهيا هن،

    پڪا پوڙها ٻالڪ چون ٿا هي روئي،
    ڪري ڊوهه ويا هن اسان سان ته ڊوهي.

    نياڻي نماڻي کي ماري وڌائون،
    سڄي ديس جو هانءُ ڦاڙي وڌائون.

    ملنگ، مارو، مولا جا مڇري اٿيا هن،
    کڻي جهنڊا ڳاڙها هي نڪري پيا هن.

    دما دم ڪري جي ڪو مست قلندر،
    ته ڇلڪي اٿندو، سنڌو جو ساگر.
    ڪندا پلاند پنهنجي ڀيڻ جو آخر،
    لڳي ويندا جهنڊا ڪهاڙي جا در در.

    ماري وجهندا گهاتو، جنتا سان مانگر،
    نه رهندو تونگر نه پاپ جو نگر.

    ٿيندو سپنو ساڀيان ڀٽائيءَ جو،
    دودي، دولهه، رهبر سنائيءَ جو.

    بختاور جي ڀيڻ، ٻاگهل ٻائيءَ جو،
    ديش ڀڳت هرهڪ سپاهيءَ جو.

    ٿيندو خوش روح نياڻي نماڻيءَ جو،
    ذلفي ڄائي بلاول جي آئيءَ جو.

    ڌرتي جي ڌيءَ پورب ڄائيءَ جو،
    شهيد بينظير سنڌ ڄائيءَ جو.


    ڪاروان هلندو رهي

    ڪاروان هلندو رهي

    تلاش وطن ۾ مان ماريو وڃان جو،
    قافلو نه روڪجو قافلو نه روڪجو،
    جيئن ڏسي فضا هر ڳلي ڪنڊ ڪوچو،
    ڪاروان هلندو هلي، رهي جهنڊو اوچو.

    سوراجي هي سفر مختصر ناهي مگر،
    پوءِ به ساٿيو ڪو، دل لاهي ويهي اگر،
    کيس همٿ ڏيارجو جذبن کي جيارجو،
    ساٿ کي سنڀارجو سنڌ کي سارِجو.

    پير پٺتي نه ٿي، نه ٿڪجو نه هارجو،
    ديس کي پڪارجو، نعرءِ سنڌ لڳائجو،
    جي ڳوٺ شهر اٿي پون ۽ مردا به چئي اٿن،
    جيئي سنڌ، غريب وطن اي شهيد وطن.


    ماٺ ئي ماٺ

    ماٺ ئي ماٺ

    اساٽ ئي اساٽ آ، ماٺ ئي ماٺ آ،
    ڪٿي جگنو جو ڪو چمڪو نه چمڪاٽ آ.

    خاموش هرڪو آھ ڪائي نه بات آ،
    گهُگهه انڌيرو آھ، سانت ئي سانت آ،
    نه رستو، نه روشني، نه ڪائي لاٽ آ،
    ماٺ ئي ماٺ آ، اساٽ ئي اساٽ آ.

    نفرتون چوٽ هن محبتن جي کوٽ آ،
    ماڻهپو ويو هليو ٽوٽ ئي ٽوٽ آ،
    چؤطرف ڏس اچي ظلم هنيو کاٽ آ،
    ماٺ ئي ماٺ آ، اساٽ ئي اساٽ آ.

    پنهنجي منزل اڄ ڏاڍي چٽي آ،
    دلڙي مايوس ٿي ڇو؟ ٽٽي آ،
    عشق جي ايڏي ڏکي نه واٽ آ،
    ماٺ ئي ماٺ آ، اساٽ ئي اساٽ آ.


    سستا وڪامون ٿا

    سستا وڪامون ٿا

    اسان جو اگهه لڳائي ڏس،
    اسان سستا وڪامون ٿا.

    اسان ڌرتي به ڏينداسين،
    اسان سرتي به ڏينداسين،
    اسان کي پڪ ڏئي سرڪار!
    اسان ناظم چونڊباسين،
    اسان سستا وڪامون ٿا،
    اسان جو اگهه لڳائي ڏس.



    نه لوئي ۽ لڄ ڄاڻون،
    نه پنهنجا مارو سڃاڻون،
    اسان ورديءَ جا ٻڌا ٻانها!
    اسان وزير ٿي وينداسين،
    اسان سستا وڪامون ٿا،
    اسان جو اگهه لڳائي ڏس.

    اسان نوڪر ابن نوڪر،
    او جرنل ڪرنل واهر ڪر!
    حڪم تنهنجو هلڻو آهي،
    اسان صلاحڪار بڻباسين،
    اسان سستا وڪامون ٿا،
    اسان جو اگهه لڳائي ڏس.

    اسان لئه ڪارڊ سنڌ آهي،
    نه سنڌڙي ڪائي جند آهي،
    هڻي ڪوڙا نعرا سنڌ جا،
    اسان سينيٽر ٿينداسين،
    اسان سستا وڪامون ٿا،
    اسان جو اگهه لڳائي ڏس.


    سنڌي ٻولي

    سنڌي ٻولي

    ٻوليون سڀ آهن چڱيون، پر سنڌي پنهنجي ٻولي آهي،
    ڪشادي ويڪري هن جي، اڃان وڏي جهولي آهي.

    ڪَسي ناهي ڪساري هي، آهي فرحت واري هي،
    وڻن ٿيون ٻيون به ٻوليون پر، سنڌي پياري اصلي آهي.

    موهن جي دڙي جيڏي، هي پراڻي ۽ قديمي آ،
    هن کي جو پڙهي پرجهي، تنهن لئه ڏاڍي سولي آهي.

    هي سنڌين جي سڃاڻپ آ، ڀرجهلو ۽ وسيلو ڀي،
    سڄي خطي ۾ هن کي ئي، وڌ عزت ملي آهي.

    دنيا اندر ڪري ڌاڪو، انٽرنيٽ تي آئي آهي،
    ”سنڌي ٻولي- قومي ٻولي“، تحريڪ اڄ هلي آهي.

    ڀٽائي ۽ سچل، سامي، سنڌي ٻولي جا عاشق،
    اسان جي روح رڳ رڳ ۾ سندن ئي لات پلي آهي.


    قسم ٿي

    قسم ٿي
    پنهنجي ڌرتيءَ جو قسم اَٿِي،
    پنهنجي جيجل جو قسم اَٿِي.

    هاڻ پوئتي نه هٽجان تون،
    پير پٺتي نه رکجان تون.

    هڻي نعرا ڪُڏي پئه اڄ،
    ديس دشمن سان لڙي پئه اڄ.

    سنڌڙي اسانجي امڙ آهي،
    جيڪو امڙ پنهنجي ورهائي.

    اسان جي ديس کي ڊاهي،
    اهو ڪم ظرف ڀاڙيو آهي.

    پنهنجو ناهي ڌاريو آهي،
    اصلي پيءُ جو پُٽ ناهي.

    ”آزاد“ ڇڏ دنيا کي ٻڌائي،
    اهو حرامي نسل آهي.


    ماروئڙن تي مارا

    ماروئڙن تي مارا

    ڌاڙا ڌاڙا ڌاڙا ڙي،
    اڄ ماروئڙن تي مارا ڙي.

    هر گهر ويو آ گهاڻو ٿي،
    ۽ پيار پريت پراڻو ٿي،
    هن ڏيهه ۾ جيڪو ڏاڍو آ،
    اُن جو سارو ٿاڻو ٿي،
    ڌاڙا ڌاڙا ڌاڙا ڙي،
    اڄ ماروئڙن تي مارا ڙي.
    هر رات ٿي گذري پهرن ۾،
    ٿيا ڌاريا قابض شهرن ۾،
    امن جو پنڇي اڏري ويو،
    گهڙيا دهشگرد گهرن ۾،
    ڌاڙا ڌاڙا ڌاڙا ڙي،
    اڄ ماروئڙن تي مارا ڙي.

    نه داد ڪوئي فرياد ٿئي،
    هر ڏوهي هت آزاد ٿئي،
    سڀ چور لٽيرا ٿيا حاڪم،
    ڪيئن ديس پنهنجو آباد ٿئي،
    ڌاڙا ڌاڙا ڌاڙا ڙي،
    اڄ ماروئڙن تي مارا ڙي.

    ڏس غيرن جا لامارا هن،
    ننگن دنگن ۾ تارا هن،
    آ انڌ نگر جي ريت نرالي،
    سڀ ظالم اڄ سوڀارا هن،
    ڌاڙا ڌاڙا ڌاڙا ڙي،
    اڄ ماروئڙن تي مارا ڙي.


    سنڌڙي سڏي پئي

    سنڌڙي سڏي پئي

    سنبل جي گل جهڙا نوجوان،
    جيئننم جي خواب جا پاسبان،
    سنڌڙي توڏي ڏسي پئي،
    سنڌڙي توکي سڏي پئي.

    ديس جي دردن جا درمان، مارن جي لڄن جا نگهبان،
    سنڌڙي ڪنهن لئه ٻڏي پئي، سنڌڙي توکي سڏي پئي.

    آزاد وطن جا اعلان، انقلابي اميدن جا نشان،
    سنڌڙي تو لئه ڌڏي پئي، سنڌڙي توکي سڏي پئي.

    او پاونگ، اڙٻنگ جوان، او هوشو، هيمون، دريا خان،
    سنڌڙي توتي ڪڏي پئي، سنڌڙِي توکي سڏي پئي.

    غلام قوم جا انسان، فڪر سيد جا پروان،
    سنڌڙي ”آزاد“ لڏي پئي، سنڌڙي توکي سڏي پئي.


    راڙ ٿي اٿ

    راڙ ٿي اٿ

    حر بڻجي هيانؤ ڦاڙ ٿي اٿ،
    چيتي جي چنگهاڙ ٿي اٿ،
    ڪانئرَ خوف ۾ مري وڃي،
    مظلومن جي راڙ ٿي اٿ.

    اونهاري جو ڪاڙهه ٿي اٿ،
    مند گرم تون هاڙهه ٿي اٿ،
    ڌرتي توکي پڪاري ٿي پئي،
    سنڌو ڇولي، چاڙهه ٿي اٿ.

    مضبوط شيشم جي پاڙ ٿي اٿ،
    اتر، ڪاڇو، لاڙ ٿي اٿ،
    ديس جو ارڏو پٽ بڻجي،
    هالار جيان پهاڙ ٿي اٿ.


    ڪجهه ڪڇ

    ڪجهه ڪڇ

    ڪجهه ته ڪڇ ڇا ٿو چاهين،
    زبان آ توکي تون بي زبان ناهين.

    هت ڏاڍ جبر جي ظلمت ۾،
    هت رات انڌاريءَ وحشت ۾،
    جيئرو رهندين ڪيئن او ساٿي،
    هت انڌ نگر جي دهشت ۾،
    ڇا تنهنجو ساهه، گهٽيو ناهين،
    ڪجهه ته ڪڇ ڇا ٿو چاهين.

    هت داد نه آ فرياديءَ جو،
    هت حڪم هلي ٿو گاديءَ جو،
    هن ملڪ ۾ آ قانون ڪهڙو،
    هت ڍونگ آهي آزاديءَ جو،
    اٿ جاڳ ڇو ننڊ پيو آهين،
    ڪجهه ته ڪڇ ڇا ٿو چاهين.
    هت روز ٿا پنهنجا مارو مرن،
    هت ڏينهن ڏٺي ٿا ڌاڙا لڳن،
    امن چڙهي ويو آ سوليءَ،
    هت چور لٽيرا راڄ پيا ڪن،
    تون سوچ ذرا ڪٿ آهين،
    ڪجهه ته ڪڇ ڇا ٿو چاهين.

    هت ٻولي پنهنجي اجڙي وئي،
    هت ڌرتي هٿن مان نڪري وئي،
    روز ڌارين جي ٿي لوڌ اچي،
    هت مت آ ڇو تنهنجي مري وئي،
    ڪيئن غير ٿو پنهنجا ڀائين!
    ڪجهه ته ڪڇ ڇا ٿو چاهين.

    هت آءُ ته گڏجي سڏجي لوچيون،
    هت سانگين لاءِ ڪجهه سوچيون،
    هيءَ رات هميشه ڪونه هوندي،
    هت صبح ٿيندو، جڳ ڏيندو واڌايون،
    هاڻي وقت پري ڪو ناهين،
    ڪجهه ته ڪڇ ڇا ٿو چاهين.


    تون غم نه ڪر

    تون غم نه ڪر

    اوپري ڪنهن ملڪ ۾، ولر ڇڏي جيئن پکي،
    ايئن مان پنهنجي ديس ۾ ٿو رهان اجنبي،
    نه شهر پنهنجا رهيا نه ڳوٺ سلامت رهيا،
    جلي ساري جان پئي ۽ دل به پئي آهي دکي.

    ڏيان ته ڪنهنجي در ڏيان دانهن ڪو ٻڌي نٿو،
    عدالتي اٿي ويا، انصاف ويو اڏامجي،
    احتجاج ڪيئن ڪيان اڳواڻ منهنجو ڪير آ،
    جنهنجي ڪڍ لڳس هتي اهو به ويو وڪامجي.

    پنهنجو هڪ رهبر ڪيو، قوم هن گڏجي ڪري،
    وڃان پيو ات هلي ته سڃ آ ڳلي ڳلي،
    نه آهي ڪو ئي واهرو، نه منزلن جو آ پتو،
    اٻاڻڪو، اياڻو ٿي، روئان پيو رکي رکي.

    اي سنڌ تون غم نه ڪر سجاڳي نيٺ اچڻي آ،
    ڏس درد ۾ چؤطرف فضا آ اڄ ڀري پئي،
    ”آزاد“ ڪر چپ هاڻي، تو شور آ گهڻو ڪيو،
    قوم گونگي ناهه ڏس، آ لب کولي اُٿي پئي.


    آزاد نظم

    نوجوان

    نوجوان

    اڃان رات ڪاري
    کٽي ڪين آ....،
    آهي مڌ ساغر اڳيان،
    پيئان نه پيئان،
    چاڪ ٿيل گريبان،
    سبان نه سبان،
    تنهنجي ڏنل گهاون مٿان،
    رئان نه رئان،
    آنڌ مانڌ، اُڻ تُڻُ
    پر ڪنهن جي ڪري
    تون ڏسين ئي نٿو ۽ ٻڌين ئي نٿو
    ڪيڏو دور ٿي ويو آهين
    ايڏو دور نه وڃ
    منهنجي التجا مڃ، منهنجو عرض مڃ
    اڳيان آهي واري ۽ رڃ
    تو سوا سڃ ئي سڃ
    ڄڻ ته حيات،
    رولي وڌو آ
    سڪرات کي، درجي چائنٺ تي،
    گهر جي اڳيان
    بيهاري ڇڏيو آ
    ان سمي توکي پڪاريان ٿو
    سنڀاريان ٿو.
    تون اچي منهنجو ساٿ ڏي،
    جيئن نه ڪوئي مات ڏي،
    ها ها، خدا جو قسم،
    مان سچ ٿو چوان،
    جي تون ۽ مان گڏ آهيون
    ته ڪڏهن به نه مرڻا آهيون
    هر جنم گڏجي ورڻا آهيون،
    اچ ته.....!
    هڪ ٻئي جو ورلاپ ٿيون
    ڀٽائي جي تنبوري جو آلاپ ٿيون
    ڄام نندي جي گهوڙي جي سنبن جي
    ڪا تکي چاپ ۽ ٽاپ ٿيون
    سرمد جي صدائن جو آواز ٿيون
    اڀيچند جي اکين جو آب ٿيون
    ها ها اسين هڪ ٻئي جي نس نس ۾
    واسو ڪنداسين
    هڪ ٻئي جي ساهن ۾ رهنداسين
    اوچي ڳاٽ هلنداسين
    ۽ نه جهڪنداسين
    مهاراجا ڏاهر جيان
    دودي وانگر وڙهنداسين
    هوشوءَ جيان نعرا هڻنداسين
    شاهه عنايت جهڙي بغاوت ڪنداسين
    هي تنهنجي ۽ منهنجي مٿان
    غلاميءَ جي بي رحم تلوار جا
    وقت جي جابرن ٽنگي آهي
    تنهن کي ٽوڙي ڪنداسين مات
    تنهنجي منهنجي چپن تي
    هردم رهي اها ئي تات
    ڄاڻ ٿي ختم
    عدوءَ جي لات بد ذات
    اڃان ته ٿي نه آهي سانت
    اڃان هوائن ۾ شور آهي
    اڃان فضائن ۾ گوڙ آهي
    ڇو مايوس ٿيون ۽ تون مان روئون
    ڀلا.......
    قافلا جي منزل کان پهريان رلي ويا
    وڳ به دڳ ڀلي ويا
    مهاري واڳ ڇڏي ڀڄي ويا
    ۽ پيچرا ڌوڙ ۾ لٽجي ويا
    ذات پات جا ويڇا وڌي ويا
    معصوم اڌ پنڌ ۾ مري ويا
    يا ڪجهه ذهن ڪُند ٿي ويا
    ڪن مٿان لالچ ۽ حوس جو ڳجهون اڏامڻ لڳيون
    ڪي وري ڍونڍ جا ڍير بڻجي ويا
    ته ڇا ٿي پيو
    اچ ته گڏجي مڙي مٺ ٿي
    ان سڄي گند کي لَٽيون
    پنهنجن پيارن کي گڏيون
    ڀريون پرت ۽ پريم جون مٽيون
    تون ئي هڪڙو مرڪز آهين
    تون ئي سنڌ جو محور آهين
    تون ئي اڳواڻ
    تون ئي سرواڻ
    تون ئي مسيحا منهنجي سورن جو
    ۽ منهنجي پورن جو
    اٿ، اٿي پئه نه ڪر ڪو ڀئهُ
    ڇڏ ننڊ ندوري
    اڃان رات ڪاري کٽي ڪين آ
    توڏي ڏسي ٿي سنڌ سدوري
    اٿ جاڳ جوان،
    سنڌ جا ايمان،
    اي نوجوان
    اي نوجوان


    رات

    رات
    اي رات !
    اسان کي سڃاڻِ
    اسان روشنين جا شهزادا
    امن جا پوڄاري ,آزاد فضا جا متوالا
    انسانيت جا رکوالا
    اسان دولهه، دودا، دراوڙي
    اسان هوشو، هيمون، هالار آهيون
    اسان رڪ ۽ لوهه پگهاريندڙ
    سڀ پيار پريت جا پوڄاري
    اي رات !
    اسان کي سڃاڻِ!
    اسان اوندهه ۾ نه رهي سگهون
    ڏاڍ نه ڪنهن جو سهي سگهون
    روشن صبح سان آهي ياري
    آزاد گهميا سي دنيا ساري
    ڪيئن قلف ڪڙا پائي گهمون
    ڪيئن سنگهر ظلم جا پائي ويهون
    ڪيئن پنهنجي سر تي کڻون خواري
    اي رات !
    اسان کي سڃاڻِ!
    ڪڏهن نه ٿيندي توسان ياري،
    ڪڏهن نه رکبي توسان ياري.


    اسان جو اولاد

    اسان جو اولاد

    اي اتر، لاڙ ۽ ٿر جا ڀوتار
    توکي مبارڪ هجي
    تون چونڊون کٽي وئين
    اڄ توکي ملي آ سوڀ ۽ سرسي
    اسانجن ضلعن جي ڌرتي
    توکي آ پرتي
    تون جشن ملهاءِ
    هر خوشي آ تنهنجي لاءِ
    توتي سرڪار راضي آ
    توتي وردي راضي آ
    اسانجي اهل عيال جي به آزي آ
    اسانجو ڪهڙو ماضي آ
    اسان تنهنجا غلام
    ابن غلام آهيون
    ٻڌا ٻانها آهيون
    ڪير سڃاڻي اسان کي
    اسان ٽڪي جا ماڻهو
    پاڻ اڪيلا آهيون
    ڪير ٻڌي ٿو اسان جي
    ڪنهن کي ٻاڏايون
    مالڪ سائين به چپ آ
    جت ڪٿ تنهنجي
    جئه جئه ڪارآهي
    جنتا به تنهنجي رساڪار آهي
    هي سارو ديس تنهنجو آ
    هي سارو تر تنهنجو آ
    پر هڪڙو عرض منهنجو آ
    اسان ته شرافت جي آڙ ۾
    بزدليءَ پويان پناھ ورتي آ
    پر سڀاڻي،
    ٻڌ......،
    ڪن کولي ٻڌ،
    اسان جي اولاد متان اسان جهڙي نه ٿئي،
    ڇو جو
    مان سندن اکيون
    لال ٿو ڏسان.


    ساٿي

    ساٿي

    آءٌ اڪيلو ۽ گهر
    تو بن آ کنڊر
    نه روشن دان
    نه دريون ۽ نه ڪوئي در
    جنهن ۾ چٻرن آ بسيرو ڪيو
    ۽ چمڙا اڏامن ٿا، شام سحر
    نه چار ديواري
    نه ڪائي گهٽي
    سڄي اجڙيل وستي
    سڄو اجڙيل شهر
    رڃ ۽ سڃ
    اداس هر ڪو پهر
    چؤطرف انڌيرو
    ڪاري رات
    اڃان نه ٿي پرڀات
    تڏهن به ڪنهن ڪاڻ
    واجهايان پيو ويٺو
    من ڪو ڏيئو ٻاري
    مون کي هتان اٿاري
    منهنجي اندر ليئو پائي
    اڪيلائي ۽ تنهائي ۾
    ڪو آٿت ڏي،
    ڪو ڏَڍُ ڏي
    يا کڻي ڪو وَڍُ وڏي
    جيئن خون جي نڪري لار پئي
    ترس کائي
    سڏ ڏئي ۽ چئي
    مان تنهنجو آهيان
    تون منهنجو آهين
    مان تنهنجو پنهنجو آهيان
    ٻيجل جو ورلاپ ٿي
    تو لئه وري موٽيو آهيان
    مان توسان گڏ آهيان
    سنڌ جي هر آواز تي
    ۽ هر سريلي سازتي
    ڪنڌ ڪوري ڏيندس
    جند گهوري ڏيندس.


    انسان

    انسان

    هڪ شور ٿيو ،هڪ غوغاءُ
    بارود جي ڌماڪي ۾
    ڪنهن جو مري ويو ڀاءُ
    بارود اهو
    جنهن کي پنهنجي پرائي جي خبر نه آ
    نه ظالم جي
    نه مظلوم جي
    ظالم جي هٿ اچي ٿو
    ته مظلوم کي ماري ٿو
    باغي کي ڪچلي ٿو
    مظلوم جي هٿ اچي ٿو
    ته ساڳي ڪار ڪري ٿو
    ظلم خلاف جبر خلاف
    گندرف کي
    بندوق جي نال ۾ ڀري ٿو
    باغي راهه گهڙي ٿو
    ظالم سان لڙندو رهي ٿو
    پر .........
    ان ويڙهه ۾
    ظالم ۽ مظلوم هٿان
    هڪ نادان ئي مري ٿو
    هڪ انسان ئي مري ٿو
    هڪ شور ٿئي ٿو
    دور دور تائين
    سڀ ڪو ٻڌي ٿو
    بارود جو دونهون ٿئي ٿو
    هڪڙو جسم اڏامي ٿو
    ۽ هڪ گهر جو ڏيئو
    اجهامي ٿو
    ڪنهن جو ڪنول ڪوماڻي ٿو.


    نانگ

    نانگ

    نيٺ ڪاريهر
    پنهنجو وير پاڙيو
    جي ڏوهي نه هيا
    تن کي سرعام ماريو
    هن پنهنجي اندر جو گند
    رسم، ذات ۽ مذهب جي نانوَ تي هاريو
    سندس مدد جي لئه
    لنڊ يون ،کپر ۽ ٻيون نانگ بلائون
    نڪري آيون آهن
    تون دوست”آزاد“ ٿي نه گهم
    ٿورو خيال سان هل
    منهنجو شهر قبيلائي سردارن
    ۽ مذهبي نانگن جي حوالي ٿي ويو آ.....!


    حيران

    حيران

    جيتامڙي جهرڪي،
    اڏري ٿي بازن سان فضا ۾،
    اڃان به زنده بچي آهي،
    آءُ حيران آهيان.

    هيٺلي هرڻي،
    ڊڪي ٿي شينهن سان جهنگ ۾،
    اڃان به جي رهي آهي،
    آءُ حيران آهيان.

    ٻهڳڻ ٻلهڻ،
    تري ٿي واڳن سان سمنڊ ۾،
    اڃان به لڪمو نه ٿي آهي،
    آءُ حيران آهيان.

    بي پهچ ماڻهو،
    گهمي ٿو ڀوتار جي شهر ۾،
    اڃان به قيامت نه ڪري آهي
    آءُ حيران آهيان.

    آءُ حيران آهيان،
    آءُ ڀليل آهيان
    ته ايئن نآهي،
    بلڪل ناهي!


    نثري نظم

    سچا جذبا

    سچا جذبا

    منهنجا جذبا اڌورا آهن،
    شاعريءَ لئه پورا ناهن،
    منهنجا جذبا نعرا آهن،
    ها، مان سمجهان ٿو،
    پر منهنجا جذبا
    منهنجي اندرجا آهن،
    هن ڌرتي لئه آهن.
    هن ڌرتيءَ مان نسريا آهن،
    تنهنجن جذبن وانگر ته ناهن!
    خالي کوکو، اندر پولو،
    جيئن چوسيل چٻيل ڳنڍيري،
    يا ڄڻ ڪو پاروٿو گوشت،
    گندي ناليءَ جي بدبو ،
    تنهنجا جذبا ٿڌا، سرد،
    جي نه گرمائي سگهن،
    نه تڙپائي سگهن،نه اٿاري سگهن،
    پر منهنجا جذبا....
    ٽڙيل ڪنول،
    رس ڀري ڳنڍيري،
    پرهه جا ماڪ ڦڙا،
    ست رنگي انڊلٺ ريکا،
    شفق جي لالاڻ جيان،
    ڳوڙها، ڳاڙها، راھ ڏسيندڙ،
    انقلابي نعرا آهن،
    تنهنجن جذبن وانگر پيارا.....
    رستي جي رڪاوٽ ناهن،
    منزل جي ڪا اوٽ ته ناهن.
    منهنجا جذبا سچا آهن
    سچا آهن.!



    شهيد جي آس

    شهيد جي آس

    جيڪڏهن مان دوستو
    شهيد ٿي وڃان
    ديس جي ويڙهاند ۾،
    مون کي يڪدم نه پورجو
    منهنجي لاش کي ڏسي
    متان ڪو جوش ۾
    اچي وڃي
    ۽ .....!
    ڌرتيءَ امڙ لئه
    متان ڪو اٿي پوي
    متان ڪو لڙي پوي
    ۽ قوم پئي سجاڳ ٿي
    آزاد ٿي
    آزاد ٿي.


    ڌاريو

    ڌاريو

    هڪ همراهه
    اڇي پٽڪي سان
    شهر جي
    ڏامر جي روڊ تي
    تڪڙا تڪڙا قدم کڻي
    سڏ ڪري ٿو
    او ادا، او ڀائو
    بيهه ته اتي
    ويجهو اچي پچيائين
    ”ادا“
    ”هاءِ ڪورٽ ڪٿي آهي؟“
    جواب مليس:
    ”میں سندھی نہیں جانتا!“


    تعصبي

    تعصبي

    اي نادان، !
    اي انسان، !!
    توکي خبر ناهين ؟
    تنهنجي شهرن ۽ ڳوٺن ۾،
    ڪي ماڻهو،
    مذهب جي سوڙهي ٽوپي پائي،
    چؤواٽن تي ويٺا هن،
    مُلي، پنڊت جي روپ ۾،
    دين، ڌرم جي دوکي ۾،
    مسلم، هندو فرق ٻڌائي،
    توکان ڪوڙ جا ڪلما پڙهائي،
    تنهنجي ئي هٿان،
    تنهنجو ئي خون ڪرائين ٿا.


    لطيف

    لطيف

    تون ٿو چوين،
    لطيف لئه
    هو شاعر آ،
    صرف شاعر.....!
    توکي خبر آ،
    لطيف رحه ڇا آهي؟
    منهنجي نظر ۾
    لطيف سنڌ آهي
    ۽ سنڌ جو ٻيو نالو
    لطيف آهي
    ها........
    ڀل وڃي
    ٽئگور کان پڇ.


    صحافي

    صحافي

    پرهه کان پهريون،
    خاموشي،اونداهي،
    اوچتو، هڪ اوپرو سڏ ٿيو،
    ”ڪير آهي؟“
    ”ٻاهر نڪر“
    در تي ويو،
    ”اڙي تو ڀوتار خلاف بيان ڏنو آ؟“
    ”چپ خشڪ......“
    نه نه، مان ڪونه ڏنو آ.
    ”ڪوڙ ٿو ڳالهائين“
    ”اڙي وٺوس“
    ٺا ٺا ٺا.....!
    ڌڪ لڳن ٿا.
    رڙيون ٿين ٿيون!
    الاڙي، گهوڙا ڙي مري ويس
    هرڪو ڏسي ٿو
    هڪ گهر اڳيان،
    اڌ مئو لاش پيو آ!
    سنڌي صحافيءَ جو!


    سنڌ پرست

    سنڌ پرست
    تون به پوڄاري
    مان به پوڄاري
    فرق صرف هڪڙو آ،
    ڪهڙو.......؟
    تون ڪوڙپرست
    مان سچ پرست
    تون بت پرست
    مان حق پرست
    تون پير پرست
    مان پيارپرست
    تون جنگ پرست
    مان امن پرست
    تون بنياد پرست
    مان قومپرست
    تون مذهب پرست
    مان انسان پرست
    تون ذات پرست
    مان سنڌ پرست.
    تون به پوڄاري
    مان به پوڄاري


    ڪافر

    ڪافر

    مان پنهنجي رهبر کي،
    پيغامبر چيو ته
    چئني پاسن کان آواز آيو
    تون ڪافر آن
    تون فاسق آن
    تون ملحد آن
    ڪافر، فاسق، ملحد ڇا هي؟
    مون کي خبر ناهي!
    پر عربن به نهروءَ کي
    سعودي اچڻ تي
    ڀليڪار ڪندي
    مرحبا جا بينر لکائي
    امن جو پيغمبر چيو هو
    ته هتان جي ئي هڪڙي مُلي چيوهو
    ”یہ کفر کا کلمہ ہے۔“


    سلام

    سلام

    اي اشرف دحقاني !
    تنهنجي حشمت ۽ همٿ کي
    تنهنجي جدوجهد ۽ جنگ کي
    تنهنجي بهادري ۽ شجاعت کي
    منهنجا ڪروڙين سلام
    پر منهنجي هيءَ ڳالهه ٻڌ،
    تنهنجي حشمت ۽ همٿ،
    تنهنجي جدوجهد ۽ جنگ،
    تنهنجي بهادري ۽ شجاعت،
    منهنجي مارئي جي همٿ اڳيان،
    منهنجي ٻاگهل جي حشمت اڳيان،
    منهنجي ماين جي بهادري اڳيان،
    منهنجي بختاور جي جنگ اڳيان،
    ۽ غزالا جي بي خوفي اڳيان،
    جهڪي جهڪي سلام ڪن ٿيون،
    جهڪي جهڪي سلام ڪن ٿيون.


    کٽڪو

    کٽڪو

    منهنجي سنڌ
    سهڻي، سيبتي ۽ ستابي آهي
    رنگدار خوبصورت گلابي آهي
    گهمڻ تون جي چاهين ڀلي تون گهمي ڏس
    موهن جو دڙو
    ڪاهوءَ جو دڙو
    مڪليءَ جو ماڳ
    چوڪنڊي قبرستان
    ڪوٽ ڏيجي
    ۽ رني ڪوٽ
    يا ڀٽائي گهوٽ
    سڀ منهنجي ڌرتيءَ جي سونهن آهن
    ورونهن آهن
    لکڻ ڪجهه چاهين ته لک ڀل کڻي
    جي وئي آ توکي سنڌ وڻي
    مگر منهنجي دل ۾ ٿي پيو آ هڪ کٽڪو
    هر هر اندر ۾ جو کاٽ هڻي ٿو.
    منهنجي دل جو چئن کڻي ٿو

    ڪٿ تون......!
    گهمڻ جي بهاني، ترسي ته نه پوندين،
    ڪٿ او ظالم
    ائين ته نه چوندين،
    ”هي سڀ ڪجهه آ منهنجو“
    هتي ڇا هي تنهنجو
    هتان تون هليو وڃ
    هي سنڌڙي ڇڏي وڃ
    هي سنڌ آهي منهنجي
    هتان تون هليو وڃ......!
    هتان تون لڏي وڃ......!


    اوجيجل

    اوجيجل
    صديون
    سال گذري ٿيا
    ڪڏهن.....!
    آسمان تان هڪ ٻرندڙ گولو ڪريو هو
    صدين پڄاڻان هو آخر ٺريو هو
    خبر ناهي ڪيئن،
    پر ماتا !
    ان گولي جي هڪ حصي تي
    جڏهن تنهنجو جنم ٿيو
    ۽ تون
    نيري آسمان هيٺان
    دور دور تائين پکڙجي وئينءَ،
    ڪراچيءَ کان مانسروور تائين
    تنهنجي جهولي سرسبز ۽ آباد ٿيڻ لڳي
    توکي، پٽ ٿيا ڌيئرون ٿيون،
    ڪي سپوت ٿيا،
    ڪي ڪپوت ٿيا
    تنهنجي حسن جي هرهنڌ هاڪ هلي،
    پر........ ،
    پرمارن توسان حسد ڪيو.

    توتي ڪاهون ٿيون
    خون تنهنجون راهون ٿيون
    ڪنهن نه آهون ٻڌيون
    توکي ٻچڙن سان گڏ ڪچليو ويو
    تنهنجيا ڪيئي حصا
    ڪٽي توکان ڌار ڪيا ويا
    تنهنجي آباد دنيا کي برباد ڪيو ويو
    تنهنجي اولاد کي سرعام ڪٺو ويو
    ۽ تون رني هئينءَ،
    پاڻ پٽيو هئي،
    تنهنجا سپوت اٿيا
    تو لئه رت ڏنو.
    ۽ توکي آزاد ڪرايو
    تنهنجي خوشحالي توکي موٽي ملي
    تو مسڪرايو هو
    پر.......،
    پرمارن توسان حسد ڪيو.

    وري توتي ظلم ٿيا
    توسان ناحق ٿيا!
    تنهنجن ٻچن جو زبانون ڪٽي
    تنهنجي عزت آبرو لُٽي وئي
    اهڙا ڪيئي ڪيس
    توسان ٿيندا رهيا
    ۽ وري تو ٻيهرپنهنجا لڙڪ هاريا
    تو دانهن ڪئي
    تنهنجا سپوت اٿيا
    ۽ تو لئه رت وهائي
    تنهنجي آجپي لاءِ
    آخري دم تائين گوڏا ٻڌي وڙهيا
    توتان سر ڏئي سرها ٿيا
    ۽ پوءِ ڇا ٿيو!
    اهو ئي ٿيو، جيڪو هڪ ڀيانڪ جنگ ۾ ٿيندو آ
    تنهنجا پٽ ڪسجي ويا.
    ڌيئرون بيواهه ٿيون،
    ۽ پوءِ تون، آخري دفعو
    مٿي ۾ ڌوڙ وجهي
    بي تحاشا رني هئينءَ،
    خاموش ٿي وئي هئين
    توکي سدا لاءِ زندان جي حوالي ڪيو ويو.
    او جيجل
    اڃان تائين مان تنهنجا لڙڪ
    سڪل ٿو ڏسان،
    تون روئين ڇو نه ٿي،
    مٿي ۾ ڌوڙوجهين ڇو نه ٿي،
    او آيل ڪٿي تنهنجي اولاد
    مري ته ناهي وئي؟
    نه .......،نه.......،

    اي امڙ،
    تون نظر کڻي ڏس ته
    دور
    ڀٽ جي تپندڙ واريءَ مٿان
    ۽ سنڌو ڪناري سن مٿان
    تنهنجا پٽ ۽ ڌيئر
    آزادي جا خواب اکين ۾ کڻي
    رقص ڪري رهيا آهن.

    او جيجي !
    او آئي !!
    او منهنجي سون ورني سنڌ !!!
    تون هينئر ٽهڪ ڏي
    تون کل.....
    ايترو کل......
    جو تنهنجي اکين ۾ خوشيءَ جا ڳوڙها تري اچن!
    جيئن آزادي جا ديپ ٻري پون
    ۽ تنهنجا نيڻ ٺري پون....!!


    خواب

    خواب

    هو ٿو سمجهي،
    مون ڪو شايد خواب لڌو آ،
    هڪ هڪ کي ٿو ويٺو ٻڌائي،
    منهنجا سائين،
    ڀليو آهي،
    هن کان شايد ڀل ٿي وئي آ،
    هن کي اڃان خبر نه پئي آ،
    هن جي ڪائي ڪل ٿڙي آ،
    کانڀاڻي ٿو اڀ ۾ ڦيرائي،
    اڃا هو شايد ٻار آهي،
    هوڇا ڏسي آزادي،
    مان ٿو ڏسيان،
    آزادي ڇاهي،
    موهن ، مڪلي آزادي،
    اروڙ ،ٽلٽي آزادي،
    ٽڪر، بکر آزادي،
    سيوهڻ، سکر آزادي،
    لکي، کرڙي آزادي،
    چوڪنڊي آ آزادي،
    ناٿن شاهه آ، آزادي،
    دادو، ٽوڙي آزادي،
    باکوڙي موري آزادي
    رتوديرو آزادي
    سن، راهوڪي آزادي،
    ساري سنڌ آ آزادي،

    هو ڇا ڏسي آزادي،
    هن وٽ ڇا هي،
    سکڻا شعر سکڻيون سوچون،
    کوکليون ڳالهيون،
    کوکلا نعرا،
    پاڻ هي ڊنل هيسيل هيسيل،
    ٻيا ڀي سمجهيا،
    هيسيل هيسيل ڊنل ڊنل،
    اَچُ ته ڏيکاريان توکي،

    هيموءَ ۽ هوشوءَ جو چهرو،
    دودي، دريا خان جو چهرو،
    احسان ۽ رزاق جو چهرو،
    مالڪ ۽ امان جو چهرو،
    روپلي ۽ قربان جو چهرو
    مٺوءَ ۽ امير جو چهرو،
    انور ۽ اشتياق جو چهرو،
    نورالله ۽ سميع جو چهرو،
    مظفر ڀٽي جو چهرو،
    ڪنهن جا ڪنهن جا ڏسندين چهرا،
    ٻڌاءِ کڻي،
    ڪيئن هوندي آ آزادي،
    ڪيئن ٿيندي آ آزادي،
    هو ڀليو آهي،
    منهنجا سائين،!
    شايد ننڊ ۾ ستل آهي،
    بستر تي ٿو ڪرڙا ساهي،
    هن کان شايد ڀل ٿي وئي آ.


    آزادي

    آزادي

    منهنجن هٿ ڪراين ۾ پيل،
    وقت جي بي رحم سنگهرن جون ڪڙيون،
    جڏهن پاڻ ۾ ٽڪرائجن ٿيون
    تڏهن ذهن تي تري ٿي اچي
    تنهنجي چوڙين جي مڌر آواز جي ڌن
    دل تڙپي ٿي پوي
    هجر جا زخم کلن ٿا
    ۽ ٻه لڙڪ لڙي
    ڳلن تان هيٺ ڪرن ٿا
    ۽ ها پوءِ
    ياد ”اياز“ جا شعر اچن ٿا
    ”پوپٽ پرڙا مينهن ۾ ، ڀڄي پون جيئن،
    آزاديءَ ۾ تيئن، ڏک نه ڏکن وانگيان.“


    اڻ ڄاڻ

    اڻ ڄاڻ
    اي چونڊيل..!
    عوام جا نمائندا.!!
    توکي اها ڄاڻ آهي ته
    تنهنجا ڪرتا ڌرتا،تنهنجا آقا
    تنهنجي ڌرتيءَ جي ٻيٽن جو سودو پيا ڪن
    واڪ پيا هڻن
    ۽ جڏهن ڪامياب ٻولي لڳي ويندي
    ته اهي ڊالرن جا ٻورا ڀري
    تنهنجي پٺيءَ تي رکي ،سنڌ اڪاري ويندا
    تون گڏهه جيان بار ڍوئيندو رهندين
    پر ڪجهه ڪري نه سگهندين
    صرف گڏهه جيان ناسون هڻندين
    نه پوزي هڻندين ،نه هينگ ڪندين
    ڪاش توکي خبر هجي ها ته
    گڏهه جي پوزي ڪنهن کي ماري سگهي ٿي
    ۽ گڏهه جي هينگ
    ڪنهن کي ننڊ مان اٿاري سگهي ٿي
    پر مون کي يقين آهي ته
    تون ائين نه ڪندين
    افسوس صد افسوس
    ڇو ته تون
    گڏهه به نه آهين.


    ڪچي پنڊي

    ڪچي پنڊي

    تنهنجي شهر ۾ قتل ڪنهن ڪرايا؟
    ڀاءُ مون کي خبر ناهي!
    ڇو......!
    سارو ملڪ چوي ٿو،
    ڦلاڻي ڦلاڻي ڦلاڻي؟
    ادا ڀل چوي...!
    منهنجو ڇا....!
    معنيٰ لنوائين ٿو!؟
    ادا تون ڏاڍو آهين
    مان ڪچي پنڊي...!
    تون ڪچي پنڊي آهين.. ؟
    نه ادا، تو نه سمجهيو،
    شرافت ڪچي پنڊي آهي
    جيڪا بزدلي جي ٽانڪن سان
    جَڙِيَل آهي..!!


    سنڌ

    سنڌ

    سنڌي مسلمان،
    سنڌ جو جسم آهن،
    ته
    سنڌي هندو،
    سنڌ جا هٿ پير آهن،
    جيڪڏهن،
    سنڌ جا هٿ پير،
    ڪٽي جدا ڪيا ويا،
    ته،
    سنڌ لولي ۽ لنگڙي،
    ٿي ويندي.....!
    ٽنڊي ۽ منڊي ٿي ويندي....!


    خوف

    خوف

    ڪلهه تائين
    منهنجو شهر امن جي سراءِ هو
    اڄ اهو گند جو ڍير ۽ ڍونڍ بڻجي ويو آ
    مون هتي جن ماڻهن کي زندھ سمجهيو
    اهي به
    هن گند جي ڍير جا لاش نڪتا
    سندن ماس
    سردار ڳجهون
    ڪمدار ڪانوَ
    ۽ واعظ
    پٽي رهيا آهن
    مان سوچيان ٿو
    هن شهر ۾ رهان نه رهان
    ڊپ ٿئي ٿو
    ڪٿ مان به لاش بڻجي
    ڪنهن واعظ
    يا ڪنهن ڳجھه سردار جي
    حوالي نه ٿي وڃان....!
    ۽ بدبودار لاش نه ٿي وڃان..!


    حيوانيت

    حيوانيت

    انسان
    جڏهن انسان کي
    قتل ڪرڻ لئه
    سوچي ٿو ته
    انسانيت هن کان رسي وڃي ٿي
    حيوانيت
    سندس آجيان لاءِ
    اڳ وٺي
    ڀليڪار ڪري ٿي،
    جئه جئه ڪار ڪري ٿي...!


    هڪ انچ به نه ڏبو

    هڪ انچ به نه ڏبو

    اسان ڪنهن ننڌڻڪي قوم جا
    ننڌڻڪا فرد ناهيون
    نه ڪٿ پناهه آ ورتي نه ڪو ڪليم ۾
    زمين يا ڪو گهر آ گهريو،
    جو اسان کان اسان جي ديس جو
    ٽڪرو ٿا ڦريو!
    نه اسان ڪابل نه قنڌار کان
    نه اسان ميانوالي نه لاهور کان
    نه اسان ڪوئيٽا نه قلات کان
    نه اسان ڪشمير نه سوات کان
    نه اسان فاٽا نه گلگت کان
    نه اسا ن برما نه بهار کان آياسين
    نه اسان يوپي، سي پي ۾ ڄاياسين
    نه اسان ڪٿان هت تڙجي آياسين
    نه اسان پنهنجو مادر وطن ڇڏيو
    نه اسان پنهنجي وطن کي لڄايو
    اڙي بي ضميرو!، او بيحياؤ!!،
    نه ڪيو اسان کي تنگ اجايو
    اسان هن ڌرتي جا پٽ آهيون
    هن ڌرتي جا مٽ آهيون
    اسان وڙهندي مري وينداسين
    پر پنهنجي مورڙي جي ڪلاچيءَ جو
    هڪ ٽڪرو ته ڇا پر
    هڪ انچ به نه ڏينداسين.
    سنڌامڙ کي ٻه ٽڪر ڪرڻ نه ڏينداسين...!
    نه ڏينداسين.......!


    ملان

    ملان

    اي منهنجا دوست !
    تون هي
    سمجهي ڇڏ ته.............،
    ”دنيا جي هر مذهب جو مُلو
    نسل پرست
    عورت دشمن
    سائنس مخالف
    قوم مخالف
    عدم روادار
    وحدت انسانيت جو انڪاري
    ۽
    بنياد پرست
    ٿيندو آهي.“


    شهيد وطن

    شهيد وطن
    هو ڏس ظلم سان
    منهن مقابل ٿي وڙهيو آهي
    موت ،محبوبا جيان مرڪي کيس مليوآ
    دار آجيان ڪندي خوشي مان ٽڙي پيو آ
    گلابن جي پنکڙين ۾
    مستي ڀرجي وئي
    ۽ ڪلي ڪلي جوش مان کلي پئي
    چمن ۾ مينديءَ جي سڳنڌ جهڙي،
    رت جي خوشبو ڦهلجي وئي
    وطن جي ڳلي ڳلي
    واسجي وئي
    دل دشمن جي مرجهائجي وئي
    نراسائي سندس منهن تي
    ڇانئجي وئي.
    ديس مرحبا ڪندي چيو
    اي شهيد وطن ....!
    تون سرخرو ٿي وئين
    تون ديس سان توڙ نڀائي وئين
    ڌرتي سان ساٿ نڀائي وئين
    تون پنهنجو قرض لاهي وئين.....،
    سلام سلام اي شهيد وطن!!
    توکي سلام !!!


    هوشيار

    هوشيار

    اي دوست !
    منهنجي اها صلاح اٿي
    ته.......!
    ارباب اختيار، ڀوتار....،
    ۽ ڪتي کان.!
    لڙي لنگهجانءِ
    ۽ سدائين کين
    اک ۾ رکجانءِ
    اهي ٽئي ڇتا ٿين ته
    ڏاڙهي سگهن ٿا
    ۽ ماڻهوءَ کي اُڦٽ
    ماري سگهن


    چيچڪا

    چيچڪا

    اي سنڌ !
    اڄ مان
    فڪر جيئننم جا چيچڪا
    هنڌ هنڌ
    ڇٽيل ٿو ڏسان
    اميد ڇا
    پڪ اٿم ته
    اڄ نه سڀان توکي
    آزادي جو .....،
    بمپرفصل...!
    ملندو.


    انتظار

    انتظار

    اي سنڌ
    تون ماسيڪانُ
    کان وٺي،
    شهيد مظفر ڀٽي تائين
    هر روز
    پنهنجن پرين پيارن ڪونڌرن
    ۽ سرويچن جا لاش ٿي ڍوئين
    گهرن ۾ تڏا ٿي وجهين
    روز ماتم برپا ٿي ڪرين
    روز اشڪ باري ٿي ڪرين
    شهيدن مٿان گلن جي ورکا ٿي ڪرين...!

    اي سنڌ !
    تون پنهنجي دشمنن جي گهرن ۾
    تڏا ڪڏهن وجهندينءَ...؟
    ن ماتم برپا ڪندينءَ....؟؟
    هن انصاف ڪندينءَ...؟؟
    ڪڏهن انصاف ڪندينءَ...؟؟


    سنڌ سلامت

    سنڌ سلامت
    www.sindhsalamat.com

    سنڌ سلامت جو مشن ۽ مقصد سنڌي ٻوليءَ جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ پکيڙ کي وسيع ڪرڻ آهي ۽ پڻ دنيا سان گڏ سندس رفتار سان هلڻ جو سانباهو آهي، ڇو ته تاريخ هميشه انهن قومن جو احترام ڪيو آهي جن پنهنجي علمي سرمائي جي حفاظت ڪئي آهي. سنڌ سلامت پڻ پنهنجي ٻوليءَ جي بقاء خاطر سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل قيمتي ۽ ناياب ورثي کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ ۽ ان کي نه رڳو محفوظ رکڻ پر پنهنجي اديبن، ليکڪن، محققن ۽ شاعرن جي علم، هنر ۽ تخليقن کي ڊيجيٽلائيز ڪندي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود سنڌين تائين مفت ۾ آسانيءَ سان پهچائڻ جو عزم ڪيو آهي.
    اسان جي خواهش ھئي ته سنڌي مواد تي مشتمل هڪ اهڙوڪتاب گھر قائم ڪجي جتي هر موضوع تي مشتمل ڪتاب موجود ملن. ڪتابن کي ڳولڻ ۽ ڊائونلوڊ ڪرڻ آسان هجي ۽ اينڊرائيڊ سميت آئي فون يا ونڊوز آپريٽنگ سسٽم سميت هر قسم جي ڊوائيس تي آساني سان آن لائين پڻ پڙهي سگھجي.
    ۽ اهو سڀ ”سنڌ سلامت ڪتاب گھر“ ذريعي ئي ممڪن ٿي سگھيو. اميد ته سنڌ سلامت ڪتاب گھر ذريعي سموري دنيا ۾ موجود سنڌي نه صرف ڀرپور لاڀ حاصل ڪندا پر سنڌ سلامت ڪتاب گھر کي وڌيڪ فائديمند بنائڻ لاءِ پنهنجو پورو ساٿ نڀائيندا.

    books.sindhsalamat.com

    سنڌ سلامت ڪتاب گھر جي اينڊرائيڊ اپليڪيشن پلي اسٽور جي ھن لنڪ تان ڊائونلوڊ ڪريو:


    https://play.google.com/store/apps/details?id=com.sindhsalamat.book


    بئڪ ٽائيٽل پيج


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 982
    ڪتابن جو مشاهدو: 3271866
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 861412
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ