پنهنجي پاران
منهنجي پيء ماء کي پٽ جي اولاد ڪونه ٿيندي هئي. مون کان اڳ منهنجون ڀينريون ڄايون، ايتري تائين جو منهنجي پيء کان جڏهن به ڪو پڇندو هو ته، ڇا ڄائو؟ ته هو کين ٻڌائيندو هو ته “اهو جيڪو ڄائيندو آهي“.
منهنجي پيء مونکي ٻڌايو ته هڪ دفعي مان ڀٽ شاه ويس ۽ پٽ لاء دعا گهري.
اهي اونهاري جا ڏينهن هئا. مان لطيف سائين جي چوگان ۾ رات جو سمهيو پيو هوس ته مون هڪ خواب لڌو.
خواب ۾ هڪ ماڻهو اڇا ڪپڙا پهري مون ڏانهن ڏسي رهيو هو. مونکي پڪ هئي ته هي شاه لطيف آهي. مون ڏانهن غور سان نهارڻ کان پوء هڪ انب (جيڪو سندس هٿ ۾ هو) مان هڪ ڦار مونکي ڪٽي ڏنائين.
ان کان پوء منهنجي گهر ۾ تنهنجو جنم ٿيو......................
ٿي سگهي ٿو مان اهڙا عقيدا نه رکندو هجان، اها ڳالهه ڪتاب پڙهندي اوهان کي محسوس به ٿيندي.......پر منهنجي هن شخصيت سان انسيت تمام گهڻي رهي آهي.
اسڪول پڙهندي سڀ کان پهرئين دشمني جنهن شخصيت سان منهنجي ٿي هئي اهو هو سقراط....
پنجين درجي جي ڪتاب ۾ هڪ سبق هو هن شخصيت تي.
هن جي ڳالهه مونکي سمجهه ۾ ڪونه ايندي هئي ته، “ماڻهو جيئن ٿا کائڻ ڪاڻ، مان کانوان ٿو جيئڻ ڪاڻ“
مون ان ڳالهه کي هڪ ئي سمجهو،
ماڻهو به کائين ٿا،
هي به کائي ٿو،
ماڻهو به جيئن ٿا
هي به جيئي ٿو......
چريو آهي....
ٻي دشمني ٿي ارسطوء سان، جنهن چيو،
مان ايترو ڄاڻان ٿو ته مان ڪجهه نه ٿو ڄاڻان.......
هڪ ٻيو چريو...
ڄاڻي به ٿو، نه به ڄاڻي ٿو،
ٽين دشمني هئي شاه لطيف سان،
جنهن جي شاعري سمجهه ۾ ڪونه ايندي هئي،
ڪي گانا هجن،
ڪي نغما هجن،
باقي
ڳولهيان ڳولهيان م لهان شال م ملان هوت،
من اندر جا لوچ، ملڻ سان ماٺي ٿئي....
دنيا پرينء سان ملڻ لاء آتي، هي وري........................
ايُ نه مارن ريت، جيئن سيڻ مٽائن سون تي...سون کان ڪا قيمتي شيء ٿيندي آهي ڇا؟
سمجهه کان ٻاهر،
نه وڻندڙ.............
چوٿين دشمني هئي مارڪس سان،
هن همراه جو تعارف هڪ دهرئي طور ڪرايو ويو هو مون سان...
جيڪو خدا کي ئي نه ٿو مڃين ان سان ڪهڙو ڳالهايون؟،
ڪهڙو ان کي پڙهون............
پنجين دشمني ٿي منهنجي رسول بخش پليجي سان.
هن سان منهنجو تعارف ئي هڪ سنڌ دشمن ۽ پنجاب جي ايجنٽ طور ڪرايو ويو هو. اسان دوست اها ته پڪ ڪري ويٺا هئاسين ته هي پنجاب جو ايجنٽ آهي پر گهڻو سيڪڙو آهي ۽ ڪهڙي نموني پنهنجو فرض سرانجام ڏيئي رهيو آهي مون کي ڳولا هئي ته بس اها.
هڪ دفعي هڪ دوست سياسي بحث ڪندي دليل ڏيندي چيو ته هن همراه يعني منهنجي دشمن ۽ پنجاب جي ايجنٽ حيدرآباد ۾ جهيڙو ڪرائڻ جا ساڍا ٻارنهن هزار سرڪار کان (پنجاب کان) معاوضي طور ورتا هئا. (گهڻو وقت پوء مون اها ڳالهه سائين پليجي صاحب سان پڻ ڪئي هئي) اهو دليل ڏيڻ کان پوء اهو دوست مون ڏانهن داد حاصل ڪرڻ لاء تڪيندو رهيو جيڪو پنهنجي پر ۾ سمجهي رهيو هو ته هُن همراه، هن ڪائنات جو هڪ وڏو سوال هڪ ئي ڌڪ سان حل ڪري ورتو آهي. ان وقت الائي ڇو منهنجي ذهن ۾ هڪ سوال آيو جو مون کائنس پڇيو ته پليجي صاحب ايترا گهٽ پيسا ڇو ورتا؟
تنهن تي هن چيو ته جهيڙو به ته ننڍڙو هو نه......( جنهن تي مون کي اڃان تائين کل ايندي آهي).
اها ٻي ڳالهه ته هاڻي منهنجي محبوب شخصيتن ۾ اهي مٿيان سڀ ماڻهو شامل آهن. جڏهن ڪجهه مطالعو ڪيوسين تڏهن سمجهه ۾ آيو آهي ته دنيا جي علمن جا ٿنڀا اهڙن ننڍڙن جملن تي بيٺل آهن ته مان کانوان ٿو جيئڻ ڪاڻ، ٻيا جيئن ٿا کائڻ ڪاڻ.
يا وري مان ايترو ڄاڻان ٿو ته مان ڪجهه نه ٿو ڄاڻان.......
يا وري ڳولهيان ڳولهيان م لهان شال م ملان هوت،
من اندر جا لوچ، ملڻ سان ماٺي ٿئي....
انهن مٿين شخصيتن مان چونڊ ڪرڻ ته ڪير مٿي آهي،
ڪير وڌيڪ آهي، ڪير گهٽ........
اها ڀيٽ ڪونه ٿا ڪريون...
پر مونکي جيڪو وڌيڪ سمجهه ۾ آيو آهي،
وڌيڪ سمجهه ۾ اچڻ ڪري جيڪو منهنجي وڌيڪ ويجهو آهي،
اهو لطيف سائين آهي............
سو هن ماڻهوء جو مون مٿان هڪ قرض هميشهه مونکي چڙهيل محسوس ٿيندو رهيو آهي ته ڪجهه لکجي، هن کي عام ڪجي....
جڏهن نوڪريء مان وقت کان اڳ صرف ان لاء فارغ ٿيم ته جيئن پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪو ادبي ماحول وري جوڙي سگهجي............
(وري جوڙڻ مان منهنجو مطلب هو ته؛
سن اوڻيويهه سو ستهتر ۾ مون هڪ تنظيم العزيز ادبي انجمن جوڙي هئي......(سائين عبدالعزيز شاه، اسان جي ڳوٺ جو هڪ وڏو شاعر، جنهن جي تعارف طور هڪ شعر هتي ڏيان ٿو....
ويٺي چرخو چور، ابرو عجيبن جو
سنهو ٿلهو صفرو، سڳو ويٺي سور،
متان ڇني ڏور، ته آتڻ اچڻ ئي نه ڏيئي...
ڏٺو وڃي ته اسان جي پنهنجي شهر چڪ، (جنهن لاء مان هميشهه چوندو رهيو آهيان ته اسان جي خوش نصيبي آهي جو ان جو نالو ڪنهن مير، پير، وڏيري، مرشد، پيسي واري، (يعني انسان دشمن ٽولي مان ڪنهن هڪ جي نالي تي ٻڌل ڪونهي، پر اهو هڪ پورهيت جنهن جي لاء هن ڪائنات جي سردار الڪاسب حبيب الله چيو هو، ان جي روزيء جي اڏي “چڪ“ (جنهن تي هو مٽيء مان ٿانوَ ٺاهيندو آهي) نالي سان اڏيل ڳوٺ آهي) ۾ پوء ٺهندڙ سمورين تنظيمن جي مدر تنظيم العزيز ادبي انجمن ئي رهي آهي.
مون کي “هي ڪم مون ڪيو آهي بجاء هي ڪم اسان ڪيو آهي” وڌيڪ وڻندڙ هوندو آهي پر هتي تاريخ جي درستگيء لاء هي لفظ يعني “مان” تمام گهڻي ڪرب سان لکيا اٿم.
مان اها ڳالهه انتهائي ايمانداريء سان ڪريان ٿو ته ان جو پايو وجهندڙ مان هوس،
مون سان منهنجو ادبي همسفر رشيد سومرو صلاحي/گڏ هو.
اسان ذهني ۽ عمر جي حساب سان ننڍا هجڻ ڪري ڪنهن جي رهنمائيء جا محتاج هئاسين، جيڪا اڳ ۾ هڪ استادي پيشي سان وابسته ادبي دوست غلام علي چنو مرحوم (جيڪو پوء منهنجو ادبي استاد به بڻيو يعني سائين غلام علي چنو صاحب)
(دنيا جي ٻين سڀني انسان وانگر خوبين ۽ خامين جو مجموعو هوندي هي سائين هڪ خوبيء جو مالڪ هو ته هن سان جيڪو ملندو ان کي مايوس ٿيڻ ڪونه ڏيندو توڙي جو پاڻ هن قفص نما دنيا ۾ رهندي تمام گهڻي محرومين مان گذرڻ ڪري مايوسين کي منهن ڏيندو رهيو.....
اسان کان وڏي عمر جو هوندي به اسان سان اسان جي عمر واري روش هلندڙ هن همراه اسان جي خوب همت افزائي به ڪئي ته رهنمائي به.......
پوء اڳتي هلي اهو سلسلو (تنظيمي رهنمائيء وارو) ٻيو ادبي همسفر محترم هارون چنو اسان جي ئي (ٻنهي رشيد ۽ مان) جي عرض ڪرڻ تي نڀائيندو رهيو.
منهنجي 1982 ۾ نوڪريء جي سلسلي ۾ ٻاهر وڃڻ کان پوء منهنجي شهر سان رشتي واري ڏوري ڪمزور ٿي چڪي...........جنهن ۾ وري ساه وجهڻ لاء مون ڳوٺ جو رخ ڪيو.
ڳوٺ اچي مون اخباري ڪالم لکڻ شروع ڪيا ۽ ليڪچرن جو سلسلو شروع ڪيو.
پهريائين محترم ضمير گهمرو صاحب،
پوء محترم بخشيل ٿلهو صاحب،
ٽيون محترم علي قاضي صاحب جن ليڪچر ڏنا.
مون ان کان سواء گهڻن ئي مهربانن سان ڳالهايو ۽ کين آماده ڪيو ته هو مهرباني ڪري اچن ۽ مختلف موضوعن تي اسان کي اچي ڪجهه ٻڌائين.
(منهنجي پنهنجي ذاتي راء آهي، جيئن ته ليڪچرڪار ليڪچر جي تياريء لاء ڪيترا ڪتاب پڙهي ٿو ۽ اها ڄاڻ اسان تائين پهچائي ٿو نتيجي طور اسان تائين ڄڻ ته ڪيترن ڪتابن جو مطالعو هڪ جاء پهچي ٿو. تنهنڪري مان ليڪچر کي سڀ کان موثر ذريعو سمجهندو آهيان ڄاڻ جو.
(اهو منهنجو ذاتي تجربو به آهي، ڪوئي مون سان متفق ٿئي يا نه، مون جيترو محترم رسول بخش پليجي صاحب جي ليڪچرن مان پرايو ايترو ڪٿان به ڪونه....جنهن ماڻهو هن علم جي سمنڊ وانگر ڇوليون هڻندڙ شخص جا ليڪچر غور سان ٻڌا هوندا ان کي خبر هوندي) جيئن ته اسان وٽان مطالعو موڪلائيندو پيو وڃي تنهنڪري اهو طريقو وڌيڪ ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو) اڳتي هلي اهو سلسلو بند ٿي ويو...
(هتي مان پنهنجي سوانح حيات ڪونه پيو لکان، تنهنڪري تفصيل لکڻ مناسب ڪونه ٿو سمجهان.....صرف ايترو ته هتي شاه جو شعر به ڪنهن جي فيور يا مخالفت واري انداز سان ٻڌو ۽ پڙهيو ويندو آهي)
پوء مون پنهنجي شهرواسين دوستن کي گذارش ڪئي ته اسان سڀني کي هي موضوع گهڻو ڪري/چڱيء ريت پڙهڻ گهرجن؛
پهريون: نبي سائين جي زندگي مبارڪ جو مطالعو،
پاڻ ڪريم جن جي حيات مبارڪ مان گهڻي کان گهڻو پرائڻ لاء اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟
ٻيو: زندگيء جو سائنسي انداز سان مطالعو، مارڪس، اينگلس جي تعليم جي روشنيء ۾....هن لاء مون هڪ اسٽڊي سرڪل شروع ڪيو، هڪ ڪتاب انسان بڙا ڪيسي بنا گڏجي پڙهڻ شروع ڪيو ۽ سائنسي انداز سان ان ڪتاب کي پڙهندي بحث ڪيو. مان حيران هوندو هوس ته دوست (نوجوان) اندازي کان وڌيڪ ڳالهين کي سائنسي انداز سان سمجهڻ لڳا هئا............( مونکي الائي ڇو پنهنجي قوم جي نجات سائنسي انداز سان سوچڻ ۾ ئي ملندڙ لڳندي آهي)...ان تي تفصيل سان وري ڪڏهن لکنداسين..
ٽيون: ٻي عالمي جنگ جو گهرو مطالعو، ان کانپوء دنيا جو هڪ منصوبي تحت ورهائجڻ (جنهن تي اڳتي هلي مون هڪ ڪتاب لکيو، آمريڪا هٿيار ڪيئن وڪڻندو آهي).
چوٿون: لطيف سائين جي شاعريء کي ان جي اصلي معنى سان سمجهڻ....يعني مذهبي رنگ، صوفيت واري رنگ کان هٽي ڪري صرف ۽ صرف سائنسي انداز ۾.
آخري موضوع لاء مون تجويز ڏني ته مختلف سُر دوستن کي ورهائي ڏجن (پنهنجو پاڻ ۾) انهن کي گهربل ٽائيم ڏجي ۽ ليڪچر ڪرائجي.
ان جو فائدو اهو ٿيندو ته
اسان ڳالهائڻ سکنداسين،
اسان لطيف سائين جي انقلابي ۽ سائنسي انداز واري شاعريء جو مطالعو ڪري هن عالم مان گهڻو ڪجهه پرائينداسين.
اهو سلسلو پنهنجي ڳوٺ کان وڌائي، ڀروارن ڳوٺن ڏانهن (جيڪو ٿورو گهڻو وڌايو به) ، ۽ پوء پوري سنڌ تائين ڦهلائينداسين.
هن سلسلي جي پهرئين ليڪچر لاء مون پاڻ آڇيو.
سلسلو هلي پيو،اٽڪل ڏهن سرن تي ليڪچر ٿيا.
اهو ڪم اڳتي هلي رڪجي ويو، ڪجهه بدانتظاميء ڪري،
ڪجهه دوستن جي عدم دلچسپيء ڪري،
ڪجهه دوستن جي غير سنجيده هجڻ ڪري.
( اوهان پڙهندڙن کي ان جي دانهن ٿو ڏيان ته هڪ دوست محرم ۾ سر ڪيڏارو تي ليڪچر ڪرڻ لاء چيو. مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي ته محرم ۾ مطابقتي سر تي ليڪچر وڌيڪ لاڀائتو ٿيندو. مون ڪيترا دفعا کيس چيو ته مهرباني ڪري تياري ڪريو، جيڪي ڪتاب کپن، (مون وٽ لطيف سائين جي موضوع تي چڱو ذخيرو موجود آهي مون کان وٺو، تياري ڪريو ۽ واپس ڪريو. سڀني دوستن کي اها آڇ ڪيم) مان ڏيندس. جڏهن محرم ويجهو آيو ته منهنجي بار بار ياد دهانين کان پوء ان دوست چيو ته ٻئي سال به ته محرم ايندو..................اهڙا جملا گهائي ڇڏيندڙ ٿيندا آهن.
هڪ ٻيو دوست جنهن لاء منهنجي دعوى آهي ته اهو اسان سڀني کان سٺو ليڪچر ڪري پئي سگهيو، بار بار ان کي عرض ڪرڻ باوجود هن سدائين نٽايو.
هڪ ٻيو دوست جيڪو پڻ ذهين ۽ مطالعي وارو آهي ان جا دليل مون کي اڄ تائين سمجهه ۾ ڪونه آيا.
مون کيس چيو ته اوهان سٺو ليڪچر ڪري سگهو ٿا اوهان ۾ صلاحيتون آهن. هن وراڻيو منهنجو لطيف سائين جي حوالي سان مطالعو ڪونهي.
پوء پڙهو.............
ٽائيم ناهي.
هڪ مهربان هڪ سُر کنيو، ڪتاب به ورتائين، ڪجهه ڪتابن جو ذخيرو وٽس به موجود هو، ليڪچر به ڪونه ڪيائين، ڪتاب به واپس ڪونه.
هڪ دوست اسان جي ڳوٺ جي سڀني دوستن مان مارڪسي ۽ سائنسي انداز سان ڳالهائن جو سڀ کان وڌيڪ ماهر آهي، هو رسالو کڻي ويو، ليڪچر به ڪونه، رسالو به واپس ڪونه.....
مٿيون بيان ڪيل ڳالهيون ڪرڻ چڱو عمل ڪونهي پر اهي اسان جون قومي بيماريون آهن، جيڪي ٻين سان گڏ مون کي به لڳل آهن پر مون سموري زندگي ٻن شعرن تي عمل ڪيو آهي.
هڪ لطيف سائين جو هي شعر؛
تون جي پهڻ پٻ جا، لڱ منهنجا لوه
ٻيو لطيف ثانيء جو؛
توڙي سگهه نه سير جي، هانء نه هاري هٺ،
جا آهي سان وٺ ارهي سرهي جندڙي.
جيڪو ڪري سگهجي، اهو ته ڪجي،
مائونٽ ايوريسٽ به انسان ئي پيا سَرِ ڪن.
ڪي اسان وانگر ڪک ڀڃي ٻيڻو به ڪونه پيا ڪن.........
رهن ته سڀني قسمن جا ماڻهو ٿا هن ڌرتيء تي...............
هاڻي اچون ٿا هن ڪتاب تي؛
سو مون پاڻ مٿان سنڌ جي وڏي ۾ وڏي انسان جو قرض محسوس ڪندي سوچيو ته ڪجهه ضرور لکجي.
هڪ مهربان سان ڳالهه ڇيڙيم ته لطيف سائين تي ڪجهه لکڻ چاهيان ٿو،
همت افزائيء وارو جواب ڪونه مليو، چيائين گهڻو لکجي چڪو آهي، ٻئي ڪنهن موضوع تي لک...
پوء کيس عرض ڪيم ته اهڙا خيال جيڪي دنيا جي ڪنهن به ٻئي شاعر کان اڳ لطيف سائين ڏنا آهن، يعني هي اينيشيٽر آهي جن خيالن جو.
حيران ٿيو ۽ چيائين ها، ان موضوع تي لکڻ گهرجي.
پهريائين هڪ ڪالم لکيو مون عوامي آواز ۾، ان کان پوء ڪتاب لکڻ ويٺس.
لطيف سائين تمام وڏو فلاسافر قسم جو شاعر آهي، هن وٽ خيال سمنڊ وانگر ڇوليون پيا هڻن، اسان ان کي ڪونه سمجهو آهي،
ڪونه سمجهايو آهي....
ان ڪري هيء ننڍڙي ڪوشش ڪئي اٿم....
سو هي ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ آهي،
هن ۾ صرف ٽي سر آهن،
سر کنڀات جا اهي شعر جيڪي خيال سڀ کان پهريائين هن انسان ڏنا آهن،
سر مومل راڻو جا اهي شعر جيڪي خيال سڀ کان پهريائين هن انسان ڏنا آهن ،
سر سهڻي. (سر سهڻي سمورو ئي ڏنو آهي ڇو ته هي سمورو سر ئي اهڙن خيالن سان ٽمٽار آهي).
پنهنجي راء ضرور ڏجو ته جيئن اوهان جي قيمتي مشورن جي روشنيء ۾ ٻيا سر جيڪي به ٿوري وقت ۾ تيار ٿي ويندا انهن کي اصلاحي سگهجي.
آخر ۾ انهن سڀني دوستن جون مهربانيون جن ڪتاب جي ڇپائيء ۾ مدد ڪئي. محترم گوهر سنڌي، محترم رشيد سومرو، محترم سجاد سنڌي (سمبارا پبليڪيشن)، خاص طور تي محترم نويد احمد مهر ڪائونسلر جنهن هڙان مدد ڪئي. انهن مهربانن جي مدد جو نتيجو ئي آهي جو اڄ هي ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ آهي.
نذير سومرو
ماڪوڙي ڳوٺ
ضلعو ڪرڪ
ڪي پي ڪي
15.07.2017
رات 11.35