سهڻي -14
لطيف سائين هڪڙو سوال اٿاريو آهي ته؛
ته ڪر ڪيئن سئي، جي سير نه گهڙي سهڻي
هت حياتيء ڏينهڙا، هڏهين تان نه هئي،
چڪيء تنهن چري ڪئي، جا ڏنس ان ڏهي،
سهڻيء کي سيد چئي، وڌو قرب ڪهي
هونهن به منڌ مئي، پر ٻڏيء جا ٻيڻا ٿيا.
سوال اهو اٿاريو آهي هن انوکي انسان ته؛
جيڪڏهن سهڻي سير ۾ نه گهڙي ها ته ڪير سڃاڻي ها اڄ سهڻيء کي!؟.
ڪيتريون ئي عورتون روزانو پيون عشق ڪن،
ڪيترا ئي مرد روزانو پيا عشق ڪن،
تاريخ سڀني کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري، چمي ڏيئي پاڻ وٽ جڳهه ڪونه ٿي ڏئي،
تاريخ ۾ پنهنجو نالو لکرائڻ لاء ان عاشق عورت جو پاڻ کي لهرن حوالي ڪرڻ،
سير ۾ گهڙڻ ضروري قرار ڏنو آهي هن تاريخ ساز شخصيت.
هتي هڪ سوال لطيف سائين کان به آهي ته؛
جيڪڏهن تون پنهنجي شاعريء ۾ سهڻيء کي ڪونه ڳائين ها ته ڇا اها عاشق عورت اهڙن لفظن ۾ ياد ڪئي وڃي ها!!
سهڻيء کي سهڻي ته تو بڻايو نه ته اسان سنڌي ان کي به عام عورت وانگر ڪارو ڪري ماريون ها.
ان ڪاري کان ڪو عيوضو وٺون ها.
ان مان ڪي آرائش يا وري ان رقم مان ڪمائيندڙ ڪا مشينري وٺي بازار ۾ اونچي ڳاٽ گهمون ها.
اڄ به اهو سوال بازار ۾ گردش پيو ڪري ته هڪ شادي ٿيل عورت،
نڪاحي ڪنوار، هڪ غير مرد سان رات جو ملي
لطيف سائين اهڙي عورت کي پنهنجي شاعريء جي زينت ڇو بڻايو آهي؟
قبلا سائين! سهڻيء کي امر اوهان پاڻ ڪيو.
وري سوال مان ٻيو سوال ته؛
..........پوء لطيف سائينء کي ڪنهن مجبور ڪيو ته سهڻيء کي ڳائي امر ڪري.
سوال وري اچي اتي ئي بيٺو ته، سهڻيء جي بغاوت هن شاعر کي مجبور ڪيو ته هن کي امر ڪري.
زندگي فنا آهي، ان تي ڪو بحث ڪونهي،
زندگي ختم ضرور ٿيندي،
پر تاريخ ۾ ان کي امر ڪرڻ لاء اهڙو ڪردار ضرور ادا ڪرڻو پوندو جيڪو تاريخدان کي مجبور ڪري ته هو ان لاء ڪجهه لکي..........
پر سهڻيء تي ته ڪنهن تاريخدان سٺا لفظ لکي امر ڪونهي ڪيو؟
تاريخدانن کي بادشاهن جا ڪارناما لکڻ کان ئي ڪٿي فرصت رهي آهي!!؟؟،
جواب آهي ته جتي دنيا خاموش ٿي ويندي،
اتي هن قسم جا حساس ماڻهو ڳالهائيندا،
تاريخ جو قبلو درست ڪندا آهن،
تاريخ جڏهن بادشاهن جي ظلمن کي ٽوپيون سبي گذارو ڪرڻ وارا لفظ لکڻ مان واندي ٿيندي ته هنن گدا نما بادشاهن جون ڳالهيون ضرور لکندي. جيئن سهڻيء کي امر هن سائينء ڪيو.
........... ته ڇا سهڻي صرف اها هڪ هئي؟
ڇا روزانو جي بنياد تي عورت بغاوت طرف ڪونه ٿي وڃي؟
ڇا پيار ڪندڙ عورتون،
عرف عام ۾ ڪاريون تاريخ کي انهن سان انصاف ڪرڻ لاء دٻاء ڪونه ٿيون وجهن.....
جن جو مطالبو صرف اهو آهي،
نه ڪا جهل نه پل، سڀڪو پسي پرينء کي.
ڇا نظر نه ايندڙ بغاوتون نظر ڪونه ٿيون اچن؟.
هڪ سوال جو جواب ڏيو، پوء هلو اڳتي،
اڄ کان هڪ سو سال اڳ،
ٻه سو سال اڳ..........
اهڙو ئي معاشرو هو جيڪو هاڻي آهي......
سوچيو، ۽ اڳتي وڌو.
هتي آءُ هڪ آرٽيڪل جيڪو عوامي آواز ۾ ڇپيو هو، مناسب ٿو سمجهان ته ڏيان.
***
ڪارين جون قربانيون
قرب جي ڪائناتي پيامبر لطيف سائين سنسار جي سڀ کان سهڻي سين هن کي سمجهو آهي ۽ ان سين کي هنن اکرن ۾ چِٽيو آهي،
”کڻي نيڻ خمار مان، جان ڪيائون ناز نظر“...
ان کانپوء ڇا ٿيو.......،
ان تي انتهائي ننڍڙي نظر ته؛
خماريل اکين جڏهن آهستگيء سان کلي،
تڙپندڙ دلين تي محبت جون ڪڻيون وسائڻ لاء تڪيو.
ان هڪ سين جي نتيجي ۾ ڪائنات جي سڀ کان وڌيڪ چمڪندڙ عنصر يعني سج پنهنجون شاخون (ڪرڻا) جهڪا ڪري ڇڏيا/ جهڪا ٿي ويا.
ڪائنات جو ٻيو نمبر سڀ کان وڌيڪ چمڪندڙ عنصر قمر ڪومائجي ويو.
تارا، ڪتيون (اونداهيء رات ۾ واٽهڙو انهن کان سواء واٽ منجهي پوي، ايتري جوت رکندڙ) پرين جي سونهن کان هار کائڻ بعد ٻيهر مقابلي کان توبهه تائب ٿيا.
جوهر( ائٽم جو شعاع/هيرا جواهر) پرين جي چلڪ ۽ چمڪ اڳيان ميرانجهڙو لڳو....
يعني پرينء جي هڪ نظر دنيا جي سڀني روشنين کي انڌو/ماٺو/بي ديد ڪري ڇڏيو.
لطيف سائين اسان کي سمجهائي ٿو ته سموري ڪائنات هڪ ٿنڀي جي ٽيڪ تي بيٺي آهي. ان آر سي سي ٿنڀي جو نالو پيار آهي ۽ وري اهو ٿنڀو پرين جي خماريل نيڻن جي سهاري بيٺل آهي. آخري طور تي هي ڪائناتي ڪهڪشائون پرينء جي ناز ڀري نظر تي بيٺل آهن. اهو پلر/ٿنڀو جيسين موجود آهي تيسين هن سنسار کي لهر نه ڪو لوڏو.
لطيف سائين جو هڪ ننڍڙو عاشق هجڻ جي حيثيت مونکي به حاصل آهي.
مون کي سڀ کان وڻندڙ سين لڳندي آهي جڏهن عورت کلي پوي،
کل گاڏڙ ڳالهائي،
جيڪو آواز مون کي نوشاد، موزارٽ ۽ بيٿوون جي ڌنن کي شڪست ڏيندڙ لڳندو آهي. ابتڙ ان جي منهنجي لونء لونء لرزائي وجهندو آهي انهن نيڻن جو روئڻ،
جيڪي هڪ نظر سان، هڪ پل ۾ دنيا جون فاتح اعظم ٿي وينديون رهيون آهن.
انساني تاريخ جو وڏي ۾ وڏو فاتح پيار ئي رهيو آهي.
هي جرنيل حملي وقت نه ته ماڻهو ماريندو آهي،
نه ته لائبريريون ساڙيندو آهي،
نه ته شهرن کي لٽي انهن کي باهيون ڏيندو آهي.
نه وري مرد ماري نياڻيون اغوا ڪري انهن سان راتيون رنگين ڪندو آهي،
نه ئي وري فاتح ٿي ٽي سو پنجهٺ ڪمرا ٺهرائي انهن ۾ هر رات لاء هڪ لال ڪنوار “واري“ جي انتظار ۾ ويهاريندو آهي.
هي صرف ۽ صرف هڪ خماريل نيڻن جي ديد ڪندو آهي،
دليون دهڪي پونديون آهن، سندس اڳيان سيس نمائي ويهنديون آهن ۽ هڪ گهڙيء جي ٿيل اکين ۽ اشارن جي “جنگ“ جي پڄاڻيء جو طبل وڄي پوندو آهي.
سنڌ پنهنجي تاريخ جون يادگيريون دهرائيندي ڪڏهن به هن فاتح کي ايترو حراسان نه ڏٺو آهي جيترو هن صديء ۾. پيار کي پنهنجو اونچو جهنڊو سرنگو ڪرڻ جا آرڊر ڏيندڙ آهي اڄوڪي اسانجي سنڌ ............
جتي سورنهن سينگار ڪندڙ سورنهن سالن جي به ڪاري
ته سينگار کان اڻ واقف اٺن سالن جي معصوم به ڪاري.
ڄمڻ کان مرڻ تائين هر سنڌياڻي ڪاري...
سندس انگ انگ ڪارو آهي،
هن جا اهي خماريل نيڻ به ڪارا،
سرخيء مائل ڀورا ڳٽا به ڪارا،
اناري چپ به ڪارا،
ڪارا ڪارا ڊگها وار به ڪارا،
پرينء جي پچار هيٺان چيڀاٽجندڙ دماغ به ڪارو،
دماغ ۾ سرجندڙ سوچ به ڪاري...........
ڪارنهن جو مجموعو آهي هاڻي هيء ڪاري....
سنڌ ۾ ڪو ڳاڙهو آهي ته هر ڪاريء جو سڳو ڀاء.
نياڻين جي اسڪولي رستن تي سيٽيون وڄائيندڙ، هر نياڻيء ڏانهن اک ديک تائين تڪيندڙ هي ڀاء ئي ڳاڙهو آهي.
يا وري سورنهن سالن جي ڪجراري نيڻن واريء کي خوابن ۾ لال پري ڏسندڙ، هر وقت ٻين/ٽين/چوٿين شاديء جو تمنائي سندس پيء.
..........ٽيون ڳاڙهو سنڌ ۾ ڪو بچو ئي ناهي.
روزانو اخبارون ڀريون پيون آهن اهڙين خبرن سان ته فلاڻي ڪاري ڪري ماري ويئي.
ٽي وي تي خبرون هلن پيون
........ پر اهي ڪاريون ڇو ٿيون آهن،
اهي پنهنجا گهر ڇو ٿيون ڇڏي ڪنهن اڻ ڄاتل جي ڪڍ لڳن،
هڪ مس ڪال تي سمورو ڪجهه ارپي وجهن ٿيون.
ان تي ڪو به ڪونه ٿو ڳالهائي.
اهو ڪٿي به بحث هيٺ ڪونه ٿو اچي ته اسان انهن جي وقت سر شادي ڪرائي آهي؟
اسان شادي وقت سندن مرضي معلوم ڪئي آهي؟
ڇا سٺ سالن جي ڪراڙي سان شادي ٿيڻ يا ان جو خوف،
ڪراڙي جي منهن ۾ پيل گهنجن جو تصور هانء ڏاريندڙ ناهي؟
ڇا پئسن تي وڪڻڻ يا ڀائرن/پيئرن جي بداخلاقين جي عيوض سڱ چٽيء لاء ئي رب خلقيو آهي هنن کي؟
اهو بحث هيٺ نه ٿو اچي.
مڃيو سين ته ڪچڙا ذهن آهن، جلدي ڪنهن تي اعتبار ڪري وجهن ٿيون، ان جي ڪڍ لڳي پون ٿيون.... پر پيء ماء جي ڪا ذميواري ڪونهي؟
ڪن عورتن کي ڪارو ڪري مارڻ جا ڪارڻ، ٻي ڌر سان ڪا دشمني پاڙڻ، ڪنهن قرض جو تمام گهڻو وڌي وڃڻ به ٻڌڻ ۾ آيو آهي. يعني ٿلهي ليکي عورت ئي هر انا/خواهش جو ٻارڻ بڻجي ٿي.
(هتي هڪ ننڍڙو عرض انهن نياڻين کي به ته، هي معاشرو جانورن جون سموريون صفتون رکندڙ آهي. هتي مرد/ڇوڪرا نياڻين کي رڍ ٻڪري سمجهن ٿا. هتي قدم قدم تي فراڊ جون بارودي سرنگون وڇايل آهي اسان جو ماڻهو اڃان “ننڍڙو“ آهي. بقول منهنجي هڪ رشين چيٽ فرينڊ جي ته “مرداڻي سماجن ۾ هر مرد گهڻي کان گهڻو ڪمائي گهڻي کان گهڻيون محبوبائون رکڻ واري رڪارڊ ٺاهڻ ۾ رڌل آهي“
........تنهن ڪري ڪنهن تي به ايترو جلدي اعتبار نه ڪريو.
پنهنجي تعليم مڪمل ڪريو.
پنهنجي امڙ سان دوستيء وارو مضبوط رشتو رکو.
ان سان هر وقت صلاحي رهو.
ڪتابن جو مطالعو ڪري پنهنجي ذهنن کي مضبوط ڪريو)
ڇا اسلام ۾ صرف مرد کي پسند جو حق ڏنو ويو آهي (مون نبي سائين جن جي سيرت مبارڪ تي ٻين ڪيترن ڪتابن سان گڏ مولانا شبلي نعماني جو ڪتاب پڙهيو آهي جنهن ۾ هن واضع لکيو آهي ته نبي سائين پنهنجي نياڻيء کان سندس رضا معلوم ڪئي هئي) جيڪڏهن اسان جو رهبر اعظم پنهنجي نياڻيء جي شادي ڪرائي ٿو ته اسان ڪير ٿيندا آهيون؟
جيڪڏهن رهبر اعظم نياڻيء کان سندس رضا معلوم ڪري ٿو ته اسان ڪير ٿيندا آهيون جو ائين نه ڪريون.
سنڌ ۾ هڪ قبرستان ڪارين جي قبرستان جي نالي سان مشهور آهي.
پيار ڪندڙ عورتن جو قبرستان،
معاشري جي باغي عورتن جو قبرستان،
گهنجن ڀريل منهن واري سان شاديء کان انڪارين جو قبرستان......
مصنوعي ڏندن سان ڏانهنس کلي نهارڻ جي ڪرب کان انڪارين جو قبرستان......
ڪارن/ٿڌن چپن سان چمي وٺڻ ۽ ڏيڻ کان انڪاري اناري چپن وارين نارين جو قبرستان.
........ ته پوء پڪ چئبو ان کي ڪائنات ۾ موجود سڀني قبرستانن کان خوبصورت قبرستان. هونئن به دنيا جو سڀ کان خوبصورت آهي ئي اهو ماڻهو جيڪو سماج جو وڏو باغي آهي، جيڪو “نه“ ڪري ٿو.
جيئرو ماڻهو هميشهه بغاوت ڪندڙ ٿيندو آهي ۽ مرده ها ۾ ها ملائيندڙ.
باغي ئي ديوار بڻجي ٿو انهن گندين ريتن رسمن اڳيان.
جيڪڏهن ائين آهي ته پوء سنسار جي سڀ کان وڏي عبادت به بغاوت ئي آهي.
کير(لبن) جهڙي ملڪ لبنان جي کري اديب خليل جبران چيو هو ته مونکي ڊڪشنري ۾ سڀ کان لفظ، لو(پيار) وڻندو آهي.
خوشبوئن جي ملڪ فرانس جي جديد ڪلاسڪ سڏجندڙ البرٽ ڪاميو چيو هو ته مونکي ڊڪشنريء ۾ لکيل لفظن مان “نه“ وڌيڪ وڻندو آهي.
انهن ٻنهي لفظن کي جيڪڏهن شيڪر مشين ۾ وجهي ڪو شيڪ ٺاهجي ته ان جو نالو هوندو “ڪاري“.........يعني “پيار“ + “نه“ = “ڪاري“.
ڪاريون روزانو پيون مرن،
روزانو پيون وڌن.
روزانو پيون اڳتي وڌن.
پوئتي پير ناهي هنن جو.
اهي پنهنجي انساني بنيادي حق جون گهرجائو آهن،
آزاديء سان سوچڻ،
آزاديء سان رهڻ.
ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته فرض ڪريو، هي مرڻ جي ان خوف مان نڪري پونديون ته پوء گهڻيون “باقي وڃي“ گهرن ۾ رهنديون؟
ڪاريون پيار جي آزاديء لاء گوريلا ويڙه وڙهي رهيون آهن، سامراج جي صورت اختيار ڪيل سماج ضرور گوڏا کوڙيندو انهن اڳيان. دنيا جي تاريخ اسان کي وڏي آواز ۾ اها پڪ ڏيندي رهي آهي ته سامراج جي پڇاڙي گوڏا کوڙڻ ئي آهي.
تاريخ هاڻي ايتري بيوس ناهي، جو هوء ڪنهن آمر/شهنشاه جي تلواري پاڇي هيٺ لکرائي وڃي. تاريخ پنهنجي بقا لاء تمام وڏي جدوجهد ڪئي آهي، جهد مسلسل جو نتيجو آهي جو اڄ تاريخ پنهنجي دوستي سائنس سان پڪي ڪري ڇڏي آهي، سائنس دنيا جو اهو شينهن آهي جنهن جي ضمانت آخري آهي.
هاڻي ٿيندڙ ڪاريون سڀاڻي جي پيار ڪندڙ ڳاڙهين لاء ئي قربانيون ڏيئي رهيون آهن ۽ سندن قربانيون ائين رائيگان وڃن تاريخ ڪڏهن اهو سبق سکيو ئي ناهي.
رواجن جا انڌيرا ختم ڪرڻ هڪ ڏينهن جو ڪم ڪونهي ان لاء ڪيترا ئي ڏيئا ٻارڻا پوندا هي “ڪاريون“ به هڪ هڪ ڏيئو ثابت ٿينديون.
اها جدوجهد جنهن سوسائٽيء کي جنم ڏيندي اها آهي
“نه ڪا جهل نه پل، سڀڪو پسي پرين کي.“
لطيف جو خواب
آزادي،......... ڇڙواڳي نه.